ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ
“ ڏيارام ڄيٺمل جو احوال“
  facebook 1702363934594 7140231860326337116 ديوان ڏيارام گدومل ۽ ديوان ڄيٺمل، ٻئي سنڌ جون وڏيون شخصيتون ٿي گذريون آھن. پر انهن ٻنهي جي احوال کي اڪثر ڪري ملايو ۽ منجهايو ويندو آھي. 
ڏيارام گدومل تي تہ کوڙ  سارا ڪتاب لکيل آھن، پر ڏيارام ڄيٺمل تي تفصيل سان نہ لکيو ويو آھي. اڄ ھڪ دوست  فرمائش ڪئي تہ مان ديوان ڏيارام  ڄيٺمل بابت ڪجھ لکان.  سو ڏيارام ڄيٺمل جو احوال هن ريت آھي. پر اهو عرض ڪندو هلان تہ سندس تفصيلي احوالل گل حيات جي ويب سائيٽ تي انگريزئ ۾ اڳ موجود آھي. 
  ديوان ڏيارام ڄيٺمل 1845 ۾ حيدرآباد  ۾ ڄائو ۽ 42 سالن جي ڄمار ۾ آگسٽ 1887 ۾ گذاري ويو. 
  هن جي خاندان مان ڪيترا وڏا ماڻھو ٿيا. مثال سندس پٽ بولچند ڏيارام اين ايڇ اڪيڊمئ جو پرنسپال ٿيو. هو حيدرآباد ميونسپالٽئ جو صدر بہ ٿي رهيو. هن جو ڀاء ليلارام ڄيٺمل جج ٿي رهيو.
ڏيارام ڄيٺمل شروعاتي تعليم مسلم آخوند کان ورتي. پرائمري تعليم پوري ڪري انگريزي پڙھڻ ويٺو. هي انهن چئن ماڻھن مان هڪ هئو، جن ممبئي وڃي مئٽرڪ جو امتحان ڏنو ۽ پاس ڪيو. 
اتان موٽندي هن حيدرآباد بدران تيز ترقي ڪندڙ گادئ واري شهر ڪراچئ ۾  رهڻ پسند ڪيو. هن جڊيشل ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري شروع ڪئي ۽ انهئ دوارن “ لوڪل پليڊرس اگزيمينيشن“ بہ پاس ڪري ورتائين. وڪالت ۾ وڏو نالو ڪمايائين. کيس 1886 ۾ “ ممبئي ليجسليٽو ڪائونسل“ ۾ مقرر ڪيو ويو. 
ڏيارام ڄيٺمل ڪراچي ميونسپل جو ميمبر ۽ نائب صدر بہ ٿي رهيو. هن 1882 ۾ حسن علي افندي ۽ ٻين هم خيال هندو مسلم ۽ پارسي دوستن سان ملي “ سنڌ سڀا“ نالي سماجي ۽ نيم سياسي جماعت ٺاهي.
  ھن جو وڏو ڪارنامو “ سنڌ آرٽس ڪاليج“ قائم ڪرڻ هو. جيڪو سندس نالي پٺيان “ ڏيارام ڄيٺمل ڪاليج “   D.J.Sindh College سڏيو وڃي ٿو.

Good Wishes