سائين در محمد پٺاڻ

جي صبح جا سلام

ترتيب ڏيندڙ: محمد علي ڏيپر

 

 

تون صاحب آهين سچي سان،

اسين خادم خدمتگار.

تنهنجي تند تنوار،

سدا آﻫ سلام کي.

30 Oct 2010

 

صاحب ! منهنجي صاحبي،

آهي عجز نياز.

سلام ان جو ساز،

در پهچايو دنيا جي.

29 Oct 2010

 

مون کي مليو مارن کان،

تشخص سندو تاج.

مون لاء اهو معراج،

جو چوان سلام تن کي.

28 Oct 2010

 

پاليا آهن پنهنجن لاء،

نفرت جا جن نانگ.

بره سندي سي بانگ،

سڻندا پوء به سلام جي.

27 Oct 2010

 

سري نه سگهندي سائين سواء،

آهي فقط سوئي سهارو،

آهي نرمل نيارو،

ثاني ناهي سائين جو.

26 Oct 2010

 

 

ان پر نه انسان،

قياس نه رکي قوم جو،

اصل آهي شان،

صدقي سانگين ۽ سلام سان.

26 Oct 2010

 

محبت مروت ماڻهپو

مون کي مارن سيکاريو.

اهو ئي امرت پياريو،

صاحب! مون سلام کي.

25 Oct 2010

 

سلندو آيس صاحب سان،

سانگين سندا سور.

پل پل اهي پور،

ستائن هن سلام کي.

24 Oct 2010

 

آهن لائق عزت جي،

پکاء پنهوار.

جي هجن سر هزار،

ته گهوريان صبح سلام سان.

23 Oct 2010

 

صبح سج سلام کي،

تنهنجي وائي پات.

جئين ئي گذري رات،

پهچن در ديدار لاء

22 Oct 2010

 

جيسين ساه سريرسان،

تيسين توهانجا.

اوهان راڻا ۽ راجا،

صاحب ! هن سلام جا.

21 Oct 2010

 

والي وسائج،

سکن سندا مينهن.

درد نه پسن جيئن،

سانگي هن سلام سان.

20 Oct 2010

 

محبت جنهن کي مارن سان،

ان جو آئون غلام.

هي صبح جو سلام،

نالي آهي ڳنهي جي.

19 Oct 2010

 

مارن سگهندين موت کي،

جي مارن لهين سار.

تنهنجا غم هزار،

سلام ڱڻندا اکين تي.

18 Oct 2010

 

مارن سندي محبت جو

ماڻيو جن معراج.

تن لاء تخت ۽ تاج،

سلام آهي سانگين جو.

16 Oct 2010

 

گهوريان جان جوانن تان،

جي سانگين لهن سار.

انهن کي هر وار،

چوان سلام صبح جا.

15 Oct 2010

 

سانگين سندي سوررن مان،

مان سر جي پيم سلام.

سي تنهنجي در آندام،

دردن سندي دارون لاء

14 Oct 2010

 

جت محبت ماڻهپو،

ات پهچن پيا سلام.

تن لاء دعائون جام،

جي عاشق آهن مارن جا.

13 Oct 2010

 

ويهي جئين نه ورجان آئون

هلان صبح شام،

صبح جا سلام،

پهچايان پنهوارن کي.

12 October 2010

 

ساريان پيو صبح کان

چوندي سو سلام.

صاحب تنهنجي سام،

اسان آهيون سالن کان.

11 October 2010

 

منجهڻي ۽ منجهائڻي،

ماڻهن جي نفسيات.

پر ناهي ذات ۽ پات،

صبح سندي سلام جي.

09 October 2010

 

ساحب بڻج سوجهرو،

رهي نه اونده جئين.

خوشيون سندا مينهن،

وسن صبح سلام سان.

08 October 2010

 

راحت مليم روح کي،

چيم جيئن سلام.

مارن سندو نام،

لکيل منهنجي دل تي

07 October 2010

 

رئندي ملي نه راضپو،

پنندي ملي نه پيار.

کڻجان پنهنجو بار،

سکي سبق سلام کان.

06 October 2010

 

سانگين سور پرائيا،

سور سندن سنسار.

انهن جو آزار،

لاهيندين سلام سان

05 October 2010

 

دردوندن جي درد جو،

دل منجه درد سماء.

تون منزل اها پاء،

جا ملي سو سلام سان.

04 October 2010

 

صبح ايندو سانگين لاء،

سوين سک کڻي.

سلامن کي وئي وڻي،

خدمت محبت تو سندي.

03 October 2010

 

اميدون انهن جون تو

سان ئي آهن.

آسرو نه لاهين،

سانگي صبح سلام جو

02 October 2010

 

روشن مستقبل  جو،

آ تنهنجي نيڻن منجه خمار.

دعائون پيا هر وار،

سائين سلام توکي چون.

01 October 2010

 

جي آهن پنهنجي قوم جا،

خاصا خوب غلام.

انهن کي سکام،

تاريخ چيا صدين کان.

01 October 2010

 

سهارا سانگين جا،

مان توتي لکان گيت.

سلامن سنگيت،

سوچيا آهن سچ مان.

30 Sep 2010

 

ناهي دل اندر جي،

مارن لاء محبت.

سلامن کي نفرت،

آهي ان وجود سان.

29 Set 2010

 

مارون منهنجا آسري،

اوهان جي آهن.

سارين ۽ نهارين،

سلام سان سائين کي.

28 Set 2010

 

قرضي آهن قوم جا،

ماڻهون باشعور.

سلامن اهو سور،

صبح سليو مارن سان.

27 Set 2010

 

صبح آڻج سکن جو،

سانگين لاء صاحب.

جي گهريو رازق رب،

ملندء سلام سلامتيون.

26 Set 2010

 

احسان ان الله جا،

مارون مليم مير.

سي بدلائيندا تقدير،

لوچيندي سلام سان.

25 Sep 2010

 

شل سمجهو هن سلام

سان مارن جي منشا.

صلاح بڻجي سا،

جا دردن جي دوا هجي.

24 Sep 2010

 

سوچيو صورتحال تي،

اسان جا اين جي اوز.

متان روز بروز،

مارون منجهن مامري.

23 Sep 2010

 

سهاري سائين سوا،

نه واه وسيلو.

هلي نه مون حيلو،

پيم پيش اوهانجي.

22 Sep 2010

 

ويندا گذري غم،

ورندو سکن واء.

لهندو اهنج ايذاء،

صبح جي سلامن سان.

21 Sep 2010

 

ويندا گذري غم،

ورندا سکن پاء.

لهندو اهنج ايذاء،

صبح جي سلامن سان.

Serve Sindh

Save Sindh

22 Sep 2010

 

صاحب گهرجي قوم کي،

تنهنجو سهارو.

اسان جو اشارو،

سمجه هن سلام سان.

Serve Sindh

Save Sindh

21 Sep 2010

 

راحت مليم روح کي،

چيم جئين سلام.

سائين! تنهنجو نام،

لکيل آهي دل تي.

21 Sep 2010

 

وسندا شهر ويران بڻيا،

ايندي آفت پاڻي جي.

اچي بار پيا توتي،

وير ملهاء سلام تون.

Flood days 20 Sep 2010

 

روز اچان پيو در تي،

دعائون کڻي سلام.

تنهنجي پيا سون سام،

خالي مون نه ورائجو.

Flood days 20 Sep 2010

 

آهيون اوهان آسري،

سانگي سلام ء مان.

تنهنجي ئي در تان،

ملندو خير خلاص جو

Serve Sindh

Save Sindh

19 Sep 2010

 

جنهن کي جذبو قوم جو،

سوئي آه جوان.

خدمت سان هو خان،

ماڻي سلام مارن جا.

Server Sindh, Save Sindh

18 Set 2010

 

وري لکندا وير هن

قوم سندي تقدير.

ماورن منهنجا مير،

پسندا سک سلام سان.

Serve Sindh, Save Sindh

17 Set 2010

 

سهارو هنن سانگين جو،

صاحب تون آهين.

تون جن چاهين،

لهن سور سلام سان.

16 Set 2010

 

پنهنجي ئي سورن جو،

آهيان آئون سامان.

تون ئي آن درمان.

توکي سلام صبح جو.

15 Sep 2010

 

توکي پيو تانگهي،

دروندو هي ديس.

سورن سندو ويس،

سلام پاتو سانگين لاء.

Server Sindh, Save Sindh

14 Set 2010

 

محبتي مارن جا،

سي خدمت سمجهن فرض.

جن دلين منجه مرض،

پري هن سلام کء ڀانهجو.

13 Sep 2010

 

جي آهن خادم قوم جا،

تن لاء سو سلام.

عقيدت جا انعام،

ملندا کين محبت سان.

12 Sep 2010

 

صبح آيو سلام چيم،

تو لاء گهريم دعائون.

چاهيان پيو آئون.

سدائين سکيا رهو.

10 Sep 2010

 

دکن ۽ دردن جي،

دکي پئي دونهين.

سلام چوي سونهين،

اها آهي آئيندي جي.

Sindh Aabad Sabh Aabad

10 Sep 2010

 

ناهي عيد انهن جي،

جن لاء ديس بڻيو پرديس.

پاتو ويس،

پسي سور سانگين جا.

9 Sep 2010

 

سانگين سک نه مليو،

اجها آئي عيد.

دروندن جي ديد،

صاحب! آگ سلام تي.

Sindh Salamat Sabh Salamat

08 Sep 2010

 

لاهي لغام دريا تان،

جن مارون منجهايا.

انهن تي آيا،

حرف هزار سلام جا.

Flood days 07 Sep 2010

 

پندس دعائون تو لاء،

 ﻠﻳﻠﺓ القدر جي رات.

گهرندس سا سوغات،

جا وڻي توکي سدا.

 

پهچڻو نه پاڻي

جتي قيامت تائين.

سو درياه اتاهين،

سلام ! ائين نه آئيو.

Flood days 06 Sep 2010

 

تون جئين آهي سائين،

تنهنجي ياد ثواب.

تون آهين لاجواب،

هر ﻭﺠﻫ مون کان گهڻو.

(شب بخير، تنهنجي سر بخت جو خير)

05 Sep 2010

 

سائين! سياست هاڻي،

هلائيندا پاڻي تي.

جو مطلب لاء نچي،

سمجهجان سلام سان.

Flood days 05 Sep 2010

 

سائين! صبح سان جئين ورتم،

تنهنجو نام.

ملي ويو آرام،

اندر جي انسان کي.

05 Sep 2010

 

منهنجو سلام ان لاء،

جو سائين آهي سپوت.

سمجھي جئين لاهوت،

پکن ۽ پنهوارن کي.

04 Sep 2010

 

ناه پرواه پنهوارن کي،

جي آيا غم الم.

هي دودا دم بدم،

رکندا ساک سلام چئي.

03 Sep 2010

 

جي سانگي هئا سکي،

تن کي مليا سور.

پل پل اهي پور،

مليا مونکي ۽ سلام کي.

02 Sep 2010

 

کڻي پاراتا پنهوارن جا،

پهتين ساگر ﻤﻧﺠﻫ .

صبح هجي يا ﺴﻧﺠﻫ ،

سانگي ياد سلام سان.

01 Sep 2010

 

ماريو پيا ماريندم،

اهي سانگين جا سور.

پنهوارن جا پور،

کڻندا سر سلام جو.

31 Sep 2010

 

پساي سانگين سور،

سندم روئي پيا سلام.

مونکي هي ماتام،

ماريو ماريندا پيا.

30 Aug 2010

 

جي مليا سور سانگين کي،

سي سائين هلندا سال.

غيرن جا به افعال،

آهن سلامن سامهون.

28 Aug 2010

 

دک ۽ درد سندي او سائين،

گذري ويندي رات.

هي سورن جي سوغات،

 رهندي صديون ياد سلام کي.

27 Aug 2010

 

وارث جي وطن جا،

سي مارون مون محتاج.

جن جا تخت ۽ تاج،

سي سورن جا سلام چون.

26 Aug 2010

 

دهشتگرد ملي درياه سان،

مارون مون مارين.

سانگي پيا سارين،

تو سورهيه جي سلام کي.

25 Aug 2010

 

مولا محتاجي کان،

مارون رب بچاء.

دعا اها پهچاء،

سلام! سائين در تي.

24 Aug 2010

 

سلام چون سيلابين جي،

اچو لهون سار.

زنده قوم جا پار،

آهن خوب اسان اندر.

23 Aug 2010

 

گهرجو وقت افطار جي،

دعا سيلابين لاء.

پرور کي پرچاء،

ته لاهي دک دکين جا.

22 Aug 2010

 

مليو نه منهنجي مارن کي،

آچر تي آرام.

روئي پيو سلام،

سندن سختيون پسي.

22 Aug 2010

 

در محمد درياه سان

ره نه تون ناراض.

سلام سمجهن راز،

مارن جي مصيبت جو.

21 Aug 2010

 

هن جي پاڻي کان گهڻو،

انکين سندو آب.

سلام چوان ثواب،

ملڻو ناه درياه کي.

20 Aug 2010

 

رهيو ايرن غيرن سان،

جنهن پاڻي تي پاڻي.

سو سچو نه ساڻي،

سانگين ۽ سلام سان.

19 Aug 2010

 

درياه تنهنجي دهشت جو،

بڻيا مارون نشانو.

سلامن اهو افسانو،

لکيو پنهنجي رت سان.

18 Aug 2010

 

درياه انجائي روح،

تون سانگي ائين نه ستاء.

سلام جاء بجاء ،

سور سليندء سائين سان.

17 Aug 2010

 

قهر نه بڻج قوم لاء،

اي دادلا درياه.

ناهي پنهوارن پرواه،

سڻي سلام اهيو آئيا.

16 Aug 2010

 

قادر ﺘﺠﻫ پر کرم کرﮮ،

رازق رب رحيم.

رﻛﮭﮯ پاک عظيم،

ﺘﺠﮭﮯ اﭙﻧﮯ حفظ مين.

(افطار جي وقت جي دعا)

15 Aug 2010

 

توتي روز قيام جو،

دانهيندس درياه.

سلام چون ساه،

منجهايئي مارن جا.

15 Aug 2010

 

سلام ! سڻائجو سائين کي،

اسان جا ارمان.

اسان  اوکا امتحان،

سيني لاتا صدين کان.

14 Aug 2010

 

پسي سور سانگين جا،

روئي پيو رمضان.

انهن جو ارمان،

سلام سليندا سائين سان.

13 Aug 2010

 

تون دعا تون دوست،

تون سائين سگهارو.

تون آهين سهارو،

سندم ء سلام جو.

12 Aug 2010

 

هيڻي منهنجي حال جي،

توکي آگي خبر.

رحم سندي مان نظر،

طلبيان هن سلام سان.

11 Aug 2010

 

سانگي سور وندن جو،

آهي خالق نگهبان.

مون مارون پريشان،

سلام چئج سائين کي.

10 Aug 2010

 

اول خير خدا کان،

گهران مارن لاء.

جيئي اچي جئين جاء،

چوان سلام صبح جو.

09 Aug 2010

 

سلامن وسائي صبح جو،

برﻫ  سندي برسات.

رهندي ذات نه پات،

هونديون موجون محبت جون.

08 Aug 2010

 

ماڻهن سندي مهر سان،

جي مليا نفرت جهول.

سي تحفا رنگ رتول،

سلامن رکيا اکين تي.

07 Aug 2010

 

دهشت دم درياﻫ جي،

شهرن ﻤﻧﺠﮭ پيو شور.

سلام اهو دور،

چئجان، آيو سور کڻي.

06 Aug 2010

 

دردوندن جي دکن تي،

روئي فلق پيو.

روئندو صبح ويو،

سلام در سائين جي.

05 Aug 2010

 

شهرن اندر باﻫ،

چئو طرف پاڻي.

سلام چئي ساڻي،

سائين آهي ديس جو.

04 Aug 2010

 

ساريندي سائين کي،

آئي عمر جي شام.

تون ساري ڇئج سلام،

اسان تنهنجي آسري.

03 Aug 2010

 

عبادت کي طرح،

ياد ﺘﺠﮭﮯ کرﺘﮯ هين.

صبح شام شب کو،

سلام کرﺘﮯ هين.

02 Aug 2010

 

سمجهندا سلام مان

ته پيا کڻو پساﻫ.

نهاريندي راه،

عمر اسان جي گذري.

02 Aug 2010

 

قاصد بڻائي قرب جو،

مان سائين سلامن کي.

سندم دل گهريا جي،

اماڻيا سدا تن کي.

01 Aug 2010

 

سائين! سچ جي سونهن بنان،

آهيان اڻپورو.

سلام سمورو،

عرض رکندو اوهان کي.

31 July 2010

 

ساﮰ شفقت ﻤﻠﮯ گا،

تو سنور جائين ﮔﮯ.

ورنه قسم ﺴﮯ هم،

بکهر جائين ﮔﮯ.

صبح بخير نه کها تو،

ﺒﮯ موت مر جاﺌﻴﻨﮔﮯ.

30 July 2010

 

هجي تاء غيرن لاء،

پر پنهنجن سان پرچاء.

دعا گهري تون آء،

سلام! سائين در تي.

29 July 2010

 

خلوص ويو خلق مان،

۽ ماڻهن مان محبت.

انهن جذبن جي عظمت،

سيکاريو جو سلام کي.

28 July 2010

 

آج کي رات مين خدا ﺴﮯ کيا مانگون؟

1. سائين ∕ دوست ﻛﮯ دل مين ميرﮮ ﻠﻴﺌﮯ

تهوﮌﻯ ﺴﻰ ﺠﮕﻬ نکل آﺌﮯ.

2. ميرا سائين ∕ دوست ﺍﭙﻨﮯ دل، وجود مين

جتني بهي نفرت رکهتا ﻫﮯ وه ﻤﺠﻬ پر کام

آجاﺌﮯ اور نفرت ﻤﻴﺮﮮ سائين ﻜﮯﺴﺎﺌﮯ

ﺴﮯ بهي دور هو.

3. ميري عمر سائين کو لگ جاﺌﮯ، ان کي

عمر دراز هو.کوئي غم نه دﻴﻜﻬﮯ اور

هميشه خوشيان باﻨﮣﮯ.

اگر مين سائين ﺴﮯ يه پونچهون تو ﻜﻴﺴﮯ

پونچهون؟ چلو يه سب ﻜﭽﻬ ﺴﻬﺎﻨﻰ شام

کوپهچاﻨﮯﻜﮯﻜﻬﺘﮯ هين.

29 July 2010

 

 محبت نه گهرجي ماڻهن کي،

عجب اها مام.

صبح جا تون سلام،

سمجهي اچجان سائين کي.

27 July 2010

 

نفرت گهرجي ناحق گهرجي،

طلبن خاص ۽ عام.

مام اها تون سلام،

سمجهي اچجان سائين کي.

26 July 2010

 

انسان جي دل سپ برابر آهي.

ان کي اگر خلوص سچائي ۽

پنهنجائپ جي بارش جو قطرو مليو

ته ان مان ماڻهپي جو موتي سرجي پوندو.

پر اسان جي وجود اندر اها دل ناهي !

دعا آهي ديس واسين جون دليون سپ

بڻجي پون...........! سائين لاء سلام.

25 July 2010

 

مونکي ۽ سلامن کي،

طلب اوهان جي تات.

تو بن باقي ذات،

آهي غير اسان لاء.

25 July 2010

 

عجز ۽ نياز جي،

وائي سلامن وات.

طلب انهن کي تات،

آهي فقط اوهان جي.

24 July 2010

 

سائين صدي کان گهڻي،

ماڻين عمر تون.

دل حيو مون،

صبح∕ شب بخير اوهان کي.

23 July 2010

 

صبح سندي سلام تي،

ناهن ميارون.

زاريون مون واريون،

هيون بي اثرائتيون.

23 July 2010

 

سائين سندي در تي،

چوندو هنئين سلام.

در محمد کي آرام،

ناهي نصيب ازل کان.

22 July 2010

 

گهوريان سر سائين تان،

اهو اتم انعام.

چوندو اهو سلام،

صاحب سندء در تي.

21 July 2010

 

سائين منهنجو آسرو،

سندم سائين سهارو.

اهو سلام سيگهارو.

پيغام پهچائن.

20 July 2010

 

سلام چئج سائين کي،

آهن درد هزار.

باري کڻندي بار،

تون ئي منهنجو آسرو.

19 July 2010

 

جي سمجهن رشتا روحن جا،

انهن لاء سلام.

جي باقي آهن خام،

ناهن سلام تن کي.

18 July 2010

 

محبت نياز ۽ ماڻهپو،

سکندا اچو سلام.

اهي اوصاف عوام،

وساريا ورهين کان.

17 July 2010

 

اي! رات تون چار پهر منهنجي سائين سان آهين. وﺠﻬ ملئي ته منهنجي دل ۽ روح جو حال اوري کيس پرچاء، هن کان سواء ساعت به سال برابر آهي. اي رات! سندن گهڻو خيال رکجان. مان به کيس (شب خير) چوان پيو.

16 July 2010

 

سلام سمجهي سوچ سان،

مونکي يار سڻو.

کلندي جي نه وڻو،

ته روئي به ريجهائجو.

16 July 2010

 

مان روئان هو ريجهن،

ناهي سودو مهانگو.

ان کان سهانگو،

جي طلبن سر سلام سان.

15 July 2010

 

گهوريان هر سلام سان،

جي سوين هجن سر.

مون تي آﻫ  مهر،

سرس سوائي ساﻫ کان.

15 July 2010

 

سائين بخشيندو،

سندم عيب اپار.

سلامن سو هزار،

عرض اهي ئي رکيا.

14 July 2010

 

سائين! سلامن مان،

سکيومون به گهڻو.

کلندي جي نه وڻو،

ته روئي رنگ رچايو.

13 July 2010

 

سلام ۽ سائين! مان،

آهيون تو در سوالي.

وراء م خالي،

اسان تنهنجي آسري.

12 July 2010

 

اگهائيندو اسان جا،

سائين سارا سوال.

جئين اندر جا احوال،

سلامن اتي سڻايا.

11 July 2010

 

سکي سلامن رات،

برﻫ سندي جا بات.

کڻي اها سوغات،

آئيا در اوهان جي.

10 July 2010

 

عجب سنديون عادتون،

سکيو سلامن.

سسيون ات رکن،

جت وسن نيزا  نينهن جا.

09 July 2010

 

اکين سندي آب مان،

ساري وضو سائين.

پوء تنهنجي در تائين،

پهتا سلام صبح سندا.

08 July 2010

 

اندر اجاريئون،

پنهنجو پسي منهن مهتاب.

پاڀ آڻي اکين آب،

سلامن سر نمايا.

07 July 2010

 

سري نه ساعت سائين،

بنان آهيم طلب ۽  تات.

چوان کين سلام پيو،

صبح ، شام ۽ رات.

06 July 2010

 

ايندي در اوهان جي،

ملي سلامن سک.

پسي مهتابي مک،

اندر اجارن پانهنجو.

06 July 2010

 

دک نه سارن پنهنجا،

نه پنهنجي سارن بک.

سلام سمجهن سک،

ايندي در اوهان جي.

05 July 2010

 

دک نه سارن پنهنجا ،

نه پنهنجي سارن بک .

سلام سمجهن سک ،

ايندي در اوهان جي .

05  جولائي 2010

 

جتي آئون نه پهچان ،

پهچن ات سلام .

پنهنجا هي پيغام ،

پهچائن خلوص سان .

03  جولائي 2010

 

اوهان سندي عظمت کي ،

سمجهيو سلامن .

چوندا هئين وتن ،

ثاني ناهي سائين جو

01 جولائي 2010

 

دوستن سندي در تان ،

جو سکيو سلامن .

جي سياڻا اهو سکن ،

ته عقل نه گهرن الله کان .

29 جون 2010

 

قيدي سندء قرب جا ،

صبح جا هي سلام .

اسان وري غلام ،

آهيون اصل انهن جا .

04 جولائي 2010

 

سائين! سرت سلام

جي مونکي وئي ماري .

سو سي در نهاري ،

جتي ديرو دوست جو .

02  جولائي 2010

 

پهتي عرش عظيم تي ،

دعا دوستن لاء .

نياپو تون پهچاء ،

سلام اهو سائين کي .

30  جون 2010

 

ورد وظيفو دل جو ،

سائين تون هي تون .

جو دم جيئندا سون ،

رهبو سلامي صبح جو .

28 جون 2010

 

سائين سلامن کي ،

تنهنجي آﻫ پچار .

هتي آئون هر بار ،

روئي رند نهاريان .

27 جون 2010

 

سواء در دوست جي ،

باقي در حرام .

صبح سندو هي سلام ،

پائبند انهي اصول تي .

25 جون 2010

 

سندم سلام مون جيان ،

محبت ﻤﻧﺟﻬ مطيع .

جنهن به چيو ” جيئ

اسان قربان انهي تان .

23 جون 2010

 

جنهن کي چون ماڻهپو ،

سو محبت جو معراج .

اسان اهو رواج ،

سيکاريو سلام کي .

21 جون 2010

 

سمجهو جئين سمجهن ،

سمجهن تئين سلام .

معلوم تن کي مام ،

اسان جي عقيدت جي .

19 جون 2010

 

دنيا منهنجي دل جي

ورهين کان ويران .

گهرندء اچي دان ،

مون لاء سلام صبح جا .

26 جون 2010

 

آئون نه جيئندي انهن ري ،

محبت جنين من .

وهسن خوب وسن ،

تن لاء سلام صبح جا .

24 جون 2010

 

صدقي سلامن تان ،

توسان جن ناتو .

پير انهن پاتو ،

محبت ۽ خلوص مان .

22 جون 2010

 

چوندا در دوست جي ،

برﻫ سندي هي بانگ .

اسان رچايا سانگ ،

دل گهريو در محمد جي .

20 جون 2010

 

دعائون سندم دل جون

تولاء کنيون تمام .

صبح جو هي سلام ،

آئيو تنهنجي در تي .

18 جون 2010

 

اوهان جي عنايتن جي

هڻبي رهبي هام .

منهنجا هي سلام ،

شاهد سندء مهر جا .

17 جون 2010

 

صدين کان سائين ،

توسان آهي انگ .

سلام ان جو رنگ ،

رشتو رهڻو آﻫ جو .

15 جون 2010

 

هڻي نه سگهان حجت سان

دوستي وارو دم .

آهي سلامن جو قسم

ناهي تو بن آسرو .

13 جون 2010

 

ناهي نماز نيهن بنان ،

ائين چيم سلامن .

جي سندء طرف اچن ،

سي سياڻا سنسار جا .

11 جون 2010

 

جي سلام نه پهتا صبح سان ،

ته جهري پوندو جيئ .

سورج ! اتي تون ﺑﻴﻫ ،

ته صورت صاحب جي پسان .

30 مئي 2010

 

نيتي نياز نماز جيان ،

هتان هليا سلام .

اچي پوندء سام ،

پارت هجئي تن جي .

16 جون 2010

 

ناهي عجز نياز سواء

سائين سان رشتو .

هي اجهو اچي پهتو

تو در سلام صبح جو .

14 جون 2010

 

قاصد بڻجي قرب سان

ايند ئي ﺴۏ سلام .

اسان سندء احترام ،

سکيا آهن صدين کان .

12 جون 2010

 

نيتيم صبح نماز ،

ته سلامن نيتيو ﻧﻴﻫن .

نيڻن منجهان مينهن ،

وسائيندا تو در آئيا .

10 جون 2010

 

اوهان طرف ايندي ،

دير نه تن برداشت .

سلامن لاء سوغات !

تون ئي خزانو تن جو .

 

سائين! سلامن لاء ،

توبن باقي غير .

گهرن تنهنجو خير ،

ملي منهنجي دل سان .

28 مئي 2010

 

رهندا رنگ خلاص جا

جيسين آه جهان .

سائين سندء شان ،

گونجيندا سلام بيا .

26 مئي 2010

 

چهرو پسين چاهت سان ،

سلام چئج سلام .

سندم اکين کي آرام ،

ملي پوندو محل سان .

24 مئي 2010

 

سگهو پهچ سلام ،

دير نه لاء تون دم .

مون کي آﻫ قسم ،

سرندي نه سائين بنان .

21 مئي 2010

 

سلامن سان شامل هي

دل جون دعائون .

اگهايو اسان جون ،

صبح جون صدائون .

18 مئي 2010

 

ادب ۽ اخلاص جو،

سکيو سبق سلامن .

تو در جئين اچن ،

نمي نهارن نياز سان .

27 مئي 2010

 

تو سان ريت سلام جي ،

جنم جنم کان ،

سدا نه رهڻو مان ،

رهندا رنگ خلوص جا .

25 مئي 2010

 

سري نه سائين بنان ،

سوچ ذرا تون سلام .

جي قلب اندر قهرام ،

دوا در مل تن جو اتي .

22 مئي 2010

 

سلامن سنيهن

نوان ويس پهريا ،

سائين سندء هي ادا

جو اثر آ .

رحم جي نظر جو جي

لائق بڻاسين ،سائين

اسانجي صدا جو اثر آ

19 مئي 2010

 

سندم سلام وفائن جا

هزار داستان آهن .

سندم عقيدتن سندا

پختا سي پاسبان آهن .

17 مئي 2010

 

دک نه اچئي در تي ،

ماڻين سکن سيج .

مان پيو منجهان هيج ،

سلام چواﻧۂ  صبح جا

16 مئي 2010

 

ساري رات سلامن کنيا ،

برﻫ سندا سو بار .

صاحب لهندو سار ،

سندم ۽ سلامن جي .

14 مئي 2010

 

ساريان ساﻫ بساﻫ سان ،

سائين صبح شام

صاحب! هي سلام ،

شاهد انهي حال جا .

12 مئي 2010

 

سري نه سگهي سلام جي ،

جئين سرندي ناﻫ سندم .

توکي پيا هر دم ،

ساريون سا ﻫ پساﻫ سان .

10 مئي 2010

 

سندم ۽ سلامن جو

سائين! صاحب تون .

جيسين جيئنداسون ،

تو در سيس نوائبو .

8 مئي 2010

 

سندء ديد جنين لاء

اهي آتا صبح ۽ شام .

خادم تنهنجي در جا ،

سائين! سندم سلام .

15 مئي 2010

 

خبر کڻي خير جي ،

تون سگهو اچ سلام .

تنهن کان پوء آرام ،

ملندا سندم روح کي .

13 مئي 2010

 

خبر کڻي خير جي ،

تون سگهو اچ سلام .

پئجي ويئي جي شام ،

متان اچي مئو پسين .

11 مئي 2010

 

Care is Sweetest Form of Love

When some one says take care it

Truly means that you will always be

A special part of their Life.

So “ Take Care”

9 مئي 2010

 

جنهن جو ورد وظيفو

سائين تنهنجو نام .

اهو صبح سندو سلام ،

تنهنجي در تي آئيو .

7 مئي 2010

 

سندن آه زبان تي

سائين تون هي تون .

صاحب! سکنداسون ،

سبق انهن سلامن کان .

6 مئي 2010

 

صاحب سلام صبح جو

توکي ئي سارين .

جي تو در نهارين ،

تون ئي سهارو تن جو .

4 مئي 2010

 

صبح جا هي سلام ،

سندم خلوص جون روايتون آهن .

قبوليو پياسي ، قرب چئبا ،

اوهان جون عنايتون آهن .

1 مئي 2010

 

صاحب! سونهن صبح جي ،

توکي نهاري .

پنهنجو اندر اجاري ،

پهتئ سلام صبح جا .

29 اپريل 2010

 

سري نه سلامن جي ،

جئين نه سري مون .

صاحب تون ئي تون ،

آهين هن سلام سان .

27 اپريل 2010

 

جائي سوچ سلامن جي ،

سائي سندم سوچ

اها اسان جي لوچ ،

ته من مرادون ماڻيون .

5 مئي 2010

 

مليو جو سلامن کي ،

سو نيڻن ناﻫ نصيب ،

آهيان آئون رقيب ،

سائين! سلامن جو .

3 مئي 2010

 

صبح ۽ سلامن جو ،

اسان تي احسان .

مليو مون کي مان ،

توکي ياد رکان پيو .

30 اپريل 2010

 

صبح جي سلامن لاء

تنهنجو در درگاﻫ .

ناهي تن پرواه ،

باقي عام ۽ خاص جي .

28 اپريل 2010

 

سري نه سلامن

سائين! مون وانگر .

هنن سکيو هي هنر ،

صبح جي سلامي جو .

26 اپريل 2010

 

اسان کي عجز جي

ملي آ ميراث ،

۽ سدا اها آس ،

ته سلام چوان صبح جا .

24 اپريل 2010

 

طواف تنهنجي در جو

طلبن روز سلام .

عقيدت جا احترام ،

سدا سندن سرن تي .

22 اپريل 2010

 

پکي بڻجي پهچون ،

سلام ائين سوچين .

ان لاء پيا لوچين ،

اهي گذريل رات کان .

20 اپريل 2010

 

Golden quote by Abraham Lincon:

“If friendship is your weakest point

then you are the strongest person in

the world..”

18 اپريل 2010

 

ساري رات صبح کي

پئي ساريو سلامن .

هر هر هئين چون ،

در هلجي دوست جي .

16 اپريل 2010

 

رخ پسئو ته راحت ملي ،

چون ائين سلام .

ماڻهون هون ته جام ،

پر تون انهن جو آسرو .

23 اپريل 2010

 

چمي پير چئجا ،

اهو ادب سان تون سلام .

سائين! تنهنجي سام ،

رکجان پت رحم سان .

21 اپريل 2010

 

دک نه اچئي در تي ،

ماڻين سکن سيج .

مان پيو منجهان هيج ،

سلام چواﻧۂ صبح جا

19 اپريل 2010

 

هر ادا تنهنجي سدا آ

سلامن کي پسند .

تون سندن ۽ سندم جو

ئي واحد درمند .

17 اپريل 2010

 

با ادب با احترام

هر صبح ايندء سلام .

سک سنيهن کي کڻي

۽ وفائن جا پيام .

15 اپريل 2010

 

مون جيان سلامن کي

تنهنجي آهي تاﻧﮔﻬ .

صبح جي ايندي بانگ

دوست تو در آئيا .

14 اپريل 2010

 

پرچائيندا پنهوار ،

سلام هن صبح جا .

لهندا غم هزار ،

قبوليئون سلام جي .

12 اپريل 2010

 

سنيها سلامن جا

محبت ﻣﻧﺟﻬ مخمور ،

ماڻيو تن سرور ،

ايندي در اوهان جي .

9 اپريل 2010

 

ناهن عام ۽ جام ،

صبح جا هي سلام .

وفائن جي وعدن جا

سچا هي پيغام .

7 اپريل 2010

 

رکي سنگت سلامن سان ،

پهتس تو تائين ،

نه ته مان سائين ،

پري هجان هان پنهنجن کان .

5 اپريل 2010

 

صبح سلامي آئون سلامي ،

سلامي هي سلام

تنهنجا دعاگو آهيون

سائين صبح ۽ شام .

13 اپريل 2010

 

سرس صبح جي سونهن کان

سندء سيرت ۽ صورت .

انهي ئي ندرت ،

موهيو سندم سلام کي .

10 اپريل 2010

 

سلامن تي جادو

اوهان جو آ سائين .

انهي لاء اوهان در ،

پيا ايندا سدائين .

8 اپريل 2010

 

ستا نه ساري رات ،

تو لاء رکيئون تات .

دعائن جي سوغات ،

سلامن آندء صبح سان .

6 اپريل 2010

 

سري نه سگهي

سلامن جي ،

آيا تنهنجي در .

انهن سندي اها پا ،

موهي رکي ماڻهن کي .

3 اپريل 2010

 

سندم سلامن جي ،

آهي نيڻن ﻣﻧﺟﻬ نياز .

انهن جو آواز ،

پهچي دل جي عرش تي .

2 اپريل 2010

 

رات به تانگهيو روح ،

موﻧﺟﻬ هئس ماتام .

جئين صبح چيم سلام

ته خوشي مان کلي پيو .

31 مارچ 2010

 

دل جو ، روح جو ۽

خلوص جو پيغام .

تو لاء مون طرفان ،

هي صبح جو سلام .

29 مارچ 2010

 

صاحب ! سربلند ،

سندم صبح ۽ شام .

صبح جي سلام جا

مليا اهي انعام .

26 ماچ 2010

 

سواء در دوست جي ،

باقي غير گناه .

جن سان سندم چاه ،

آهن سلام انهن لاء .

24 مارچ 2010

 

سائين ياد سلامن کي

سندء صورت سربسر .

اورانگهي اهي شهر

پهچن تنهنجي در تي

1 اپريل 2010

 

خوش نصيب آهيان ،

ملي سندء عنايتن جي سام سائين .

اوهان کي صبح جا سٶ نه ،

پر هزار سلام سائين .

30 مارچ 2010

 

چريو ناهيان جو ائين مان

سلام روز چوان پيو .

صدين جي روشني

سندء چهري مان پسان پيو

27 مارچ 2010

 

نفرتن کان مون

ورتو هئين انتقام .

صبح سان توکي

اماڻيم هي سلام .

25 مارچ 2010

 

جن نسبتن جي صدقي

منهنجو هي نام آهي .

تن قربتن جي نالي ،

منهنجو سلام آهي .

23 مارچ 2010

 

رشتو عقيدتن جو

تولاء تمام آهي ،

تون عام ناهين سائين

تولاء سلام آهي .

22 مارچ 2010

 

ويندا در دوست جي ،

خوشين مان کلندا .

محبت سان ملندا ،

سلام هن صبح جا.

19 مارچ 2010

 

ويهي رات گذاريم ،

آء صبح تون آء .

اماڻي سلام صبح جا

لاهيان هي سوداء .

17 مارچ 2010

 

هلجي در دوست جي

پوي دير متان ،

سلوحن پيا سلام

صبح ساجهر سان .

13 مارچ 2010

 

عرض رکان اوهان کي

سائين جو به سلام،

بنان رشتي روح

جي سمجهي نه سگهندو عام.

11 مارچ 2010

 

اذن دل جا ضمير

جا جام آهن،

ان لاء ته

اوهان کي سلام آهن.

9 مارچ 2010

 

تنهنجي خاطر هي

سمورا اهتمام .

لک دعائون ۽

صبح سان هي سلام .

21 مارچ 2010

 

صاحب هوندا سيج تي

سکو صبر سلام .

کولن خان اکيون ،

پوء چئجو پيغام .

18 مارچ 2010

 

پسي پريشان ،

روئندي چيو هئين رات ،

اماڻج سلام انهن کي

توکي جن جي تات .

16 مارچ 2010

 

سائين سلام صبح جا

تنهنجي تات تنوار ،

مون تي اهو بار ،

آهن روز ميثاق کان.

12 مارچ 2010

 

صبح اچي ۽ سلام نه چوان،

ائين آه مهال.

هي جوکو ۽ جنجال،

مون نه قبوليو اصل کان.

10 مارچ 2010

 

سينگارجي سلام

ايندء سصح سوير،

عجب سندن هير،

صدقي جان انهئ تان .

8 مارچ 2010

 

دعائون دوستن لاء،

مون لاء اهم اعزاز.

اهو ئي آهي راز،

صبح جي سلامن جو .

5 مارچ 2010

 

سائين ! هي صبح سوير،

پسندء پيشاني.

سلام هي سيلاني،

ان سان رلجي آئيي .

3 مارچ 2010

 

جو سندرپڻو صبح جو،

سائي صورت تون.

تنهن لاء اماڻيان سون،

صاحب! سلام صبح جا.

27 فيبروري 2010

 

رشتا ناتا روح جا

هر گز ناهن عام،

صبح جو هي سلام،

سائين صورت تن جي.

25 فيبروري 2010

 

سائين سلامن کي

جي مليو توکان مان،

ته اوهان جو احسان،

لائق لاهيندس پيو.

23 فيبروري 2010

 

تنهنجي سک ۽ چين جي

آهي تات طلب،

بڻيا سلام صبح جا

ان لاء صاحب آهن سبب.

21 فيبروري 2010

 

عقيدت احترام ۽

صبح جو سلام،

دل گهرين لاء،

دشمنن تي حرام .

4 مارچ 2010

 

دعائون عمر دراز جون

۽ سدا سکن لاء.

سلام تون صبح جا

سائين کي پهچاء .

1 مارچ 2010

 

دير سان مگر

خير سان سلام عرض آهن،

روز روز سلام

اسان تي فرض آهن.

26 فيبروري 2010

 

احسان سلامن جا،

جو روز ملائن پيا،

هن درد وندي دل ڪي،

روز کلائن پيا.

24 فيبروري 2010

 

صبح سلام چئي اچ

صاحب کي سمجهائي،

توکي پيو پرچائي،

ويچارو ورهن کان.

22 فيبروري 2010

 

صبح سندي سندرتا کي

نيڻن سان ته نهار،

هر رنگ مان هر بار،

پسندين سونهن سلام جي.

20 فيبروري 2010

 

صبح جي ايندي

رهندو ناهي نيڻن جو آرام،

پر روح جي راحت

هوندو آهي سائين هي سلام.

19 فيبروري 2010

 

عاشق رسول هجين

۽ سندن هجين سام،

عرض توکي رکندو رهان

صبح شام سلام.

16 فيبروري 2010

 

صبح سر جڻهار جو

آهي اهم انعام،

تنهن ويل چوان سلام،

ته ماڻيان سندء راضپو.

3 فيبروري 2010

 

اوچو جئين آسمان

تئين اوچو هجئي نام،

صبح جو هي سلام،

عرض رکيم اوهانکي.

1 فيبروري 2010

 

سندء دل جي درگاه

جو سلامي آهيان.

تنهنجي دعائن جو

طالب دوامي آهيان.

14 ڊسمبر 2010

 

سائين سلام خاطر

لفظن جي جستجو آ،

تصور جو تنهنجو صاحب

منهنجي هي دوبدو آ.

11 ڊسمبر 2010

 

صبح آندء سائين

تو لاء پهريون هي پيغام،

در محمد جون دعائون

۽ هيجان هي سلام.

17 فيبروي 2010

 

رنو رات ۽ مون،

جئين روئي نه هت عوام،

صبح پسي سلام،

چيو اسان پوء اوهان کي.

4 فيبروري 2010

 

تنهنجي در اچان نه اچان،

پر سلام ايندء ضرور،

سلام خوش نصيب آهن جو روز

پسن تنهنجو حضور.

2 فيبروري 2010

 

بنان حساب بي حساب

سلام چئبا رهبا،

هر صبح سان سي

سر عام چئبا رهبا.

29 جنوري 2010

 

ابتدا آهي ادب ۽

انتها آ احترام.

ابتدا آهي دعا ۽

انتها آگي سلام.

12 ڊسمبر 2010

 

صبح، سج، سلام،

پهتئي کڻند گام.

معلوم تن کي مام،

ته آهيان خادم تنهنجو.

10 ڊسمبر 2010

 

نه ئي قرض نه ئي فرض،

دل جا هي الهام.

تنهن لاء دعا

شام جا ۽ صبح جو سلام.

9 ڊسمبر 2010

 

صبح جو سلام چوان ته

چين ملي ويندو،

روح پوء راحت

منجهان کلي پوندو.

7 ڊسمبر 2010

 

صبح جو ان لاء

رهان پيو منتظر،

جئين امڻيان مان

سنيهو خوبتر.

5 ڊسمبر 2010

 

اوهان لاء اسانجون

صبح جون دعائون.

قبوليندو خالق نه

وينديون اجئيون.

3 ڊسمبر 2010

 

ماڻيون خوب ملهائيون،

عقيدت تي عيدون.

سندم هي ديدون،

آتيون سندء خوشين لاء.

1 ڊسمبر 2010

 

عقيدت اوهان جي

مون لاء وکر بيمثال،

خدا رکئي خوشحال،

صدقي هنن سلامن جي.

25 سيپٽمبر 2010

 

سندء صحت سلامتي

چين ۽ خوشحالي،

گهريم خدا کان

بڻجي صبح جو سوالي.

8 ڊسمبر 2010

 

تهذيب جو گهوارو،

هي ديس وفائن جو،

نيشان بڻايو ويو،

نفرت ۽ جفائن جو.

6 ڊسمبر 2010

 

دل جون دعائون ۽

صبح جا سلام قبول پون،

خلوص، ادب ۽

بي انت احترام قبول پون.

4 ڊسمبر 2010

 

سنيها سلامن جا شل پهچن تو تائين،

صبح جو سائين،

رکئي رحم نگاه سان.

2 ڊسمبر 2010

 

گهربيون رهبيون اوهان لاء

دل سان دعائون جام،

چئبا رهبا اوهانکي

ساجهر صبح سلام.

26 سيپٽمبر 2010

 

سانگي ساه پساه سان،

مارون اندر من،

تن پنهوارن پهچن،

سلام سهڻي صبح جا.

24 سيپٽمبر 2010

 

سچ چيو سنگت جو اول آئون پسان چهرو،

تون پوء ڪڻي سويرو،

سلام چئجان سانگين ڪي.

24 سيپٽمبر 2010

 

 

 

سائين سدائين دک نه پسي هي ديس،

سکن سندوويس،

پهرائج پنهوارن کي.

19 سيپٽمبر 2010

 

ساري رات چئج سلام،

او هير صبح جي هير،

مارون منهجا مير،

قبوليندا قربن سان.

17 سيپٽمبر 2010

 

مولا سندي مهر هوندء صبح شام،

سائين هي سلام

دعائون منهجي دل جون

14 سيپٽمبر 2010

 

صبح ڪان به سوير،

دعائون گهريم دل سان،

گهريم خصا خير،

پيارن پنهوارن لاء

12 سيپٽمبر 2010

 

سلامن دعائن لاء صبح مناسب وقت،

منهنجو بهتر بخت،

جو سلامن بغير نه سري.

20   11   2009

 

سچ نه پسيو سالن ڪان

ستي مونڪي سيج،

صبح پسي ساهيج،

جن سان جي به سلام چوان.

21 سيپٽمبر 2010

 

پره کان پهريون

 توکي تانگهيو،

بانگي جئين بانگيو،

ساريم دوست سلامن سان.

18 سيپٽمبر 2010

 

ثمر کڻي سلامن جو،

آيس دوست اوهان در،

پنهجي اها ئي پر،

رهندي ساه پساه سان

16 سيپٽمبر 2010

 

سنيها صبح جا دعائن جو گلدستو،

مون تي حق تنهنجو،

صاحب سو سلامن جو

13 سيپٽمبر 2010

 

روزاني آمد جو ورتم سبب صبح ڪان،

چيائين تنهجا مان،

جئين سلام رسايان سنگت ڪي

11 سيپٽمبر 2010

 

قبول سلام پون صبح جي هير سان،

نيازمندي آهي تو دل جي امير سان

10 سيپٽمبر 2010

 

قبوليو سلام پيا ته

سندء مهرباني چئبي،

اسان جي به روايتن

جي پاسباني چئبي

7 سيپٽمبر 2010

 

اوهان جو سکيوسين ادب احترام

اسانجو قبوليو صبح جو سلام

5 سيپٽمبر 2010

 

صبح جي سلام سان

جي نه لهان سار،

جئين سال هزار،

پنهجن کان پري هيم

3 سيپٽمبر 2010

 

صبح،

اوهان ۽ منهجا سلام،

رهندا تاريخ جي ورقن سان مدام

9 سيپٽمبر 2010

 

خير ئي خير هجي

صبح بخير هجي،

خير ئي خير هجي

جت به  سندء پير هجي

6 سيپٽمبر 2010

 

نرمل نطارا صبح جا

تنهجي نظرن لاء آتا،

ليئا هن پاتا،

تو لاء سلامن صبح سان

سيپٽمبر 2010  

 

 

 

 

Good Wishes