ڪالا باغ ڊيم خلاف سنڌ جو آواز

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 

سال 1985ع

مهينو مارچ

1-3-1985 هيرالڊ رسالي ۾ زاهد حسين جو ”ڪالا باغ ڊيم هولڊ اپ“ جي عنوان سان مضمون ڇپيو. جنهن ۾ هن ڊيم جي حق ۾ رايا ڏنا-

 

مهينو اپريل

26-04-85 ۾ گئلپ عام راءِ جي تازي جائزي ۾ ٻڌايو ويو ته ڪالاباغ ڊيم بابت عام راءِ ۾ وڏو اختلاف آهي پنجاب فائدي ۾ آهي جڏهن ته سنڌ ۽ سرحد ان جي مخالفت ۾ آهن.

 

مهينو مئي

3-5-85 روزنامه ” آفتاب “ ۾ ”پاڻي جو مسئلو ۽ پنجاب جا دانشور“ جي عنوان سان مضمون شايع ٿيو. جنهن ۾ سندن نيتن ۽ ارادن تي روشني وڌل هئي. حنيف رامي صلاح ڏني هئي ته ”درياء سنڌ جو نالو درياء پاڪستان“ رکجي.

 

14-5-85 سنڌ اسيمبلي جي رڪن گلزار انڙ تجويز ڏني ته سنڌ ۾ پاڻيءَ قلت کي منهن ڏيڻ لاءِ ڊيم ٺاهيو وڃي.

 

15-5-85 پي پي پنجاب جي جنرل سيڪريٽري رانا شوڪت محمود ساهيوال مان بيان جاري ڪيو ته پاڻي جو مسئلو حڪومت جي غلط پاليسين جو نتيجو آهي.

 

15-5-85 وزير اعظم پاڪستان محمد خان جوڻيجي حيدر آباد ۾ ايوان زراعت سنڌ جي وفد کي يقين ڏياريو ته سنڌو درياء جي پاڻي جي تقسيم وقت ترجيحن کي ڌيان ۾ رکيو ويندو.

 

16-5-85 اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيون ته هن سال سنڌونديءَ ۾ تمام گهٽ پاڻي ڏنو ويو آهي انهيءَ ڪمي کي تشويشناڪ حد چئي سگهجي ٿو.

 

18-5-85 صوبائي اسيمبلي جي ميمبر سيد شاهه محمد شاهه دادو مان هڪ انٽرويو ذريعي مطالبو ڪيو ته سمورن صوبن ۾ برابريءَ جي بنياد تي پاڻي جي تقسيم ڪئي وڃي.

 

18-5-85 سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر حسين هارون چيو ته نهري پاڻي جو بحران ڪراچيءَ کي به متاثر ڪندو. هن مطالبو ڪيو ته مسئلي جي حل لاءَ منگل ڊيم مان درياء سنڌ کي روزانو 15 هزار ڪيوسڪ پاڻي فراهم ڪيو وڃي.

 

19-5-1985 صوبائي وزير آبپاشي سيد پير صبغت الله شاهه راشدي چيو ته سنڌ جا ماهر پنجاب ۾ پاڻي جي تقسيم جو جائزو وٺي رهيا آهن اسان پنهنجو حق گهري رهيا آهيون.

 

20-5-1985 با خبر ذريعن مطابق سنڌ سرڪار پنجاب حڪومت جي طرفان پاڻي جي نئين ورهاست تي اتفاق نه ڪيو ۽ مطالبو ڪيو ته سنڌ کي راؤڪميشن مطابق پاڻي ڏنو وڃي.

 

21-5-85 سينيٽر حمزي پليجي مطالبو ڪيو ته سنڌ ۾ منگلا ۽ تربيلا جي طرز تي ڊيم ٺهرايا وڃن.

 

21-5-85 شهداد ڪوٽ مان سنڌ آباد گار بورڊ جي جنرل سيڪريٽري سڪندر حيات خان کهاوڙ مطالبو ڪيو ته سنڌ کي فضل اڪبر رپورٽ مطابق پاڻي ڏنو وڃي. هن وقت پاڻي جي ورهاست وارو بين الصوبائي معاهدو اورانگهيو پيو وڃي.

 

22-5-85 اخبارن ۾ خبرون ڇپيون ته پاڻي جي کوٽ سبب سنڌ ۾ فصلن کي شديد نقصان پهچڻ جو انديشو آهي.

 

22-5-85 صوبائي اسيمبلي جي اسپيڪر عبدالله حسين هارون سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ کي ڌيان ۾ رکندي مطالبو ڪيو ته متاثر علائقن کي آفت زده قرار ڏنو وڃي.

 

22-5-85 سنڌ جي وزير آبپاشي پير صبغت الله شاهه راشدي بيان ڏنو ته پاڻي جي مسئلي تي مان پنجاب جي سياستدانن ۽ ماهرن سان مناظري ڪرڻ لاءِ تيار آهيان سنڌ کي گهٽ پاڻي ملي رهيو آهي.

 

23-5-85 ضلعي بدين پي-پي صدر پير علي بهادر شاهه پريس ڪانفرنس ذريعي مطالبو ڪيو ته سنڌ کي پاڻي جو پورو حصو ڏنو وڃي.

 

24-5-85 پنجاب جي وزير آبپاشي راؤ عبدالرزاق چيو ته منگلا ريزروائر مان متاثر علائقن کي پاڻي نه ٿو ڏئي سگهجي پنجاب سنڌ کي برابريءَ جي بنياد تي پاڻي ڏيڻ لاءِ تيار آهي.

 

25-5-85 ملڪ جي منصوبه بندي ڪميشن انهيءَ ڳالهه جو اعتراف ڪيو ته درياء سنڌ جي پاڻي جي عارضي ورهاست قومي معيشت ۾ غير يقيني صورتحال پيدا ڪئي آهي.

 

25-5-85 پي-پي سنڌ جي صدر مير هزار خان بجاراڻي جيڪب آباد مان بيان جاري ڪيو ته سنڌي پاڻي جي مسئلي تي سرڪاري موقف سان متفق نه آهن.

 

25-5-85 ڊاڪٽر حميده کهڙو اسلام آباد ۾ بيان ڏنو ته درياهي پاڻي تي سنڌ جو وڌيڪ حق آهي پر افسوس جو هن سال سنڌ کي گهٽ پاڻي ڏنو پيو وڃي.

 

26-5-85 وفاقي وزير خزانه ڊاڪٽر محبوب الحق چيو ته حڪومت درياء سنڌ جي پاڻي جي تقسيم وارو مسئلو جلد حل ڪرڻ گهري ٿي.

 

28-5-85 سنڌ جي مشهور تعليمدان پروفيسر سيد غلام مصطفى شاهه پنجاب کي اپيل ڪئي ته سنڌ کي ڏڪر کان بچائڻ لاءِ واڌارو پاڻي مهيا ڪيو وڃي.

 

29-5-85 پيپلز پارٽي خيرپور مطالبو ڪيو ته سنڌ کي پاڻي جو پورو حصو ڏنو وڃي.

 

29-5-85 اڄوڪي جنگ اخبار ۾ مختيار عاقل ”سنڌ ڪي ڊائري“ ڪالم ۾ سنڌ ۾ نهري پاڻي جي قلت تي لکيو ۽ سنڌ ۾ پاڻي جي صورتحال کي بهتر قرار نه ڏنو.

 

31-5-85 ايم-آر-ڊي جي رهنما ملڪ محمد قاسم لاهور مان بيان جاري ڪري تجويز ڏني ته سنڌ ۽ پنجاب جا وڏا وزير پاڻ ۾ ملي پاڻي جو مسئلو حل ڪن.

 

31-5-85 سنڌ جي صوبائي سيڪريٽري آبپاشي عبدالرشيد شيخ چيو ته سنڌ کي پاڻي جي ايڊ هاڪ فارمولي مطابق پاڻي ملي رهيو آهي.

 

31-5-85 پاڻيءِ بجلي جي مرڪزي وزير ظفرالله خان جمالي تجويز ڏني ته صوبن ۾ پاڻي جي ڪمي مان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي جانچڻ لاءِ ٽريبيونل قائم ڪيو وڃي.

 

مهينو جون

1-6-85 ايل-ايم-سي. ڄامشوري جي جساف ۽ ڳوٺ محمود ٿيم تعلقي هالا جي سنڌ پورهيت تنظيم سنڌ کي پنهنجي حصي جي پاڻي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو.

 

1-6-85 روزنامه ”هلال پاڪستان“ پنهنجي اڄوڪي پرچي ۾ ”آفت زده صوبي لاءِ مطالبو“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل لکي سنڌ واسين جي جذبن جي ترجماني ڪئي.

 

1-6-85 ”نوائي وقت“ اخبار ۾ سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ 1945 واري پاڻي جي ٺاهه بابت مضمون شايع ٿيو.

 

2-6-85 اسلام آباد جي سنڌ هائوس ۾ عبدالحميد جتوئي جي صدارت هيٺ سنڌ مان قومي اسيمبلي جي ميمبرن جي گڏجاڻي، جنهن ۾ پاڻي کي صورتحال تي غور ڪيو ويو.

 

2-6-85 راولپنڊي ۾ سنڌي قومي اسيمبليءَ جي ميمبرن اخبار وارن سان ڳالهائيندي مطالبو ڪيو ته سنڌ کي ٻه لک ڪيوسڪ پاڻي جي ضرورت آهي. جيڪا پوري ڪئي وڃي.

 

3-6-85 صوبائي وزير آبپاشي وبجلي پير سيد صبغت الله شاهه راشدي چيو ته درياءِ سنڌ مان پنجاب کي حصي ڏيڻ تي اسان ارها نه آهيون ليڪن جيڪڏهن چشما جهلم لنڪ ڪئنال کوليو ويو ته اها بدقسمتي هوندي.

 

4-6-85 پنجاب اسيمبلي ۾ بجٽ تي بحث ڪندي ميمبر ملڪ غلام حيدر پاڻي جي مسئلي تي ڳالهائيندي چيو ته اسانجو ننڍو ڀاءُ (سنڌ) مٿي تي چڙهي ويو آهي ان ڪري پنجاب جي بقا کي خطرو وڌي ويو آهي.

 

6-6-85 لاڙڪاڻي جي زميندارن، سماجي ڪارڪنن ۽ سياسي اڳواڻن مطالبو ڪيو ته سنڌ کي 1945 جي ٺاهه مطابق پاڻي ڏنو وڃي.

 

6-6-85 ” آفتاب“ اخبار ۾ حاجي غلام محمد سومري جي مضمون ”چشما جهلم لنڪ ڪئنال . هڪ چوري ٻيو سينازوري “ جي پهرين قسط شايع ٿي. هي مضمون ڪيترين ئي قسطن ۾ هليو .

 

مهينو آگسٽ

20-8-85 جماعت اسلامي سنڌ جي مجلس شورى مطالبو ڪيو ته دريائي پاڻي جي تقسيم معاهدي مطابق ڪئي وڃي ۽ صوبن جي خدشن کي ختم ڪيو وڃي.

 

مهينو نومبر

22-11-85 سنڌ هاري ڪاميٽي گهوٽڪي ٺهراءِ ذريعي ڳڻتي ڏيکاري ته ڪالاباغ ٺهڻ سان سنڌ ۾ پاڻي جي صورتحال خراب ٿي ويندي.

 

سال 1986ع

مهينو مارچ

2-3-1986 اسلامي طلبه سکر انهيءَ ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته اهي ماڻهون جيڪي ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ ڪري بي گهر ٿيندا تن سڀني کي پني عاقل تعلقي ۾ آباد ڪيو ويندو، جن لاءِ 35 هزار ايڪڙ زرعي زمين پڻ رکي وئي آهي.

 

مهينو اپريل

2-4-1986 آمريڪي ڪائونسل جنرل لاهور ۾ چيمبر آف ڪامرس جي وفد کي ٻڌايو ته آمريڪا ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ ۾ حڪومت جي مدد ڪندي.

 

مهينو مئي

5-05-1986 پاڻيءِ بجلي واري وفاقي وزير جمال سعيد ميان لاهور چيو ته ڪالاباغ ڊيم رٿا ۾ تبديلن لاءِ سفارشون تيار ڪيون ويون آهن ۽ ڊيم ٺاهيو ويندو.

 

7-05-1986 سنڌ ترقي پسند ملاح تنظيم حڪومت کان مطالبو ڪيو ته منڇر ڍنڍ کي ڊيم بڻايو وڃي.

 

7-5-1986 واپڊا پاڪستان سرڪار کي نظر ثاني ٿيل ڊزائن پيش ڪئي جنهن مطابق ڪالاباغ ڊيم ساڳي هنڌ ٺاهڻ تي زور ڏنو ويو آهي.

 

7-5-1986 ”روز نامه عبرت“ اخبار ۾ ” ڪالاباغ ڊيم“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل شايع ٿيو.

 

8-5-1986 ”روزنام آفتاب“ ۾ ”ڪالاباغ ڊيم“ جي عنوان سان ايديٽوريل شايع ٿيو جنهن ۾ پنجاب جي وزير اشتعال انگيز بيان کي موضوع بڻايو ويو هو.

 

15-5-1986 پاڻيءِ بجلي واري وفاقي وزارت ان ڳالهه جي ترديد ڪئي ته ڪو حڪومت ڊيم ٺاهڻ جو فيصلوترڪ ڪيو آهي. ترجمان اهو چيو ته ڊيم جي رٿا حڪومت جي ويچار هيٺ آهي.

 

15-5-86 پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير انهيءِ ڳالهه جي ترديد ڪئي ته ڪو حڪومت ڊيم ٺاهڻ جو فيصلو ترڪ ڪيو آهي ترجماني اهو چيو ته ڊيم جي رٿا حڪومت جي ويچار هيٺ آهي.

 

مهينو آگسٽ

11-8-1986 رابطا ڪاميٽي ضلعي ٺٽي جي صدر سيد خادم حسين شاهه بخاري چيو ته ڪالاباغ جي حمايت سنڌ سان دشمني جي برابر آهن.

 

12-8-86 رابطا ڪاميٽي ضلعي ٺٽي جي صدر خادم شاهه چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي حمايت سنڌ سان دشمنيءَ برابر آهي.

 

سال 1987ع

مهينو مارچ

24-3-1987 ڪالاباغ ڊيم بابت سنڌ اسيمبلي جي ڪاميٽي وڏي وزير کي رپورٽ پيش ڪري ڇڏي، جنهن ۾ ڊيم جي مخالفت ڪئي وئي آهي.

 

مهينو اپريل

23-4-1987 سنڌ جي قانون واري وزير قاضي اختر اسيمبلي ۾ ٻڌايو ته ڪالاباغ ڊيم بابت رپورٽ سنڌ حڪومت جي ويچار هيٺ آهي ۽ سنڌ جي مفادن کي ڌيان ۾ رکي ان تي ويچار ڪبو.

 

30-4-87 سنڌ اسيمبلي جي رڪن ڊاڪٽر امينه اشرف بيان ڏنو ته ڪالاباغ ٺهڻ بابت سنڌ سرڪار جو موقف واضح آهي ۽ سنڌ سرڪار سنڌ جي مفادن جي تحفظ جي ضمانت کان سواءِ رضا مندي نه ڏيندي.

 

مهينو جون

14-6-87 سڌ سماءِ پاڻيءِ بجلي واري وفاقي وزير قاضي عبدالمجيد ”عابد“ اسلام آباد ۾ چيو ته ڪالاباغ ڊيم سبب سرحد کان وڌيڪ پنجاب جي زمين ۽ ماڻهون متاثر ٿيندا ۽ ڊيم ٺاهڻ لاءِ ٻيو متبادل ڪونهي.

 

8-6-87 نسيم ولي خان . ڪالاباغ ڊيم کي ٻيهر جيارڻ جي مذمت ڪندي چيو ته سرحد جو عوام ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي اجازت نه ڏيندو.

 

17-6-87 اتر سنڌ لاءِ . ايم-آر-ڊي جي ڪنوينر نامياري شاعر فتاح ملڪ چيو ته سنڌ جي حقن کي لتاڙي ڪالاباغ ڊيم ٺاهيو پيو وڃي.

 

20-6-87 ”روزنامه عبرت“ اڄوڪي پرچي ۾ ”وڏي وزير جو ڪالاباغ ڊيم بابت صاف اعلان “ جي عنوان سان ايڊيٽوريل ڇپيو.

 

مهينو ڊسمبر

23-12-87 عوامي نيشنل پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل رسول بخش پليجو راولپنڊي ۾ هوائي اڏي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي تعمير سنڌ لاءِ هڪ سازش آهي.

 

23-12-87 ڪالاباغ ڊيم بابت سنڌ سرڪار جي خصوصي ڪاميٽي سنڌ سرڪار کي چيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم جي رٿا جي منظوري نه ڏني وڃي.

 

24-12-87 ”سنڌ “ اخبار ۾ خاص ڪاميٽي طرفان ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت واري ”سنڌ دوست روئي جي حق ۽ واکاڻ“ ۾ ايڊ يٽوريل شايع ٿيو.

 

سال 1988ع

مهينو جنوري

5-1-1988 سنڌي شاگردياڻين حيدرآباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪالاباغ ڊيم رٿا جي شديد لفظن ۾ مخالفت ڪئي.

 

6-1-1988 نيشنل پيپلز پارٽي جي باني غلام مصطفى جتوئي ملتان ۾ بيان جاري ڪيو ته ملڪ جي ترقيءَ ۽ خوش حالي لاءِ ڪالاباغ ڊيم جو ٺهڻ تمام ضروري آهي جيڪو جلد ٺهرايو وڃي.

 

22-1-88 پاڻيءِ بجلي جي وفاقي وزير قاضي عابد سينيٽ کي ٻڌايو ته ڪالاباغ ڊيم رٿا کي آخري ۽ قطعي شڪل ڏيڻ لاءِ صوبن سان صلاح ڪئي پئي وڃي.

 

30-1-88 روز نامه ”ڊان“ اخبار جي لاهور بيورو طرفان رپورٽ شايع ٿي. جنهن ۾ ڄاڻايو ويو ته ڪالاباغ ڊيم جي تعمير ممڪن آهي.

 

مهينو فيبروري

13-2-88 ”ڊان“ اخبار جي لاهور طرفان رپورٽر شايع ٿي- ڄاڻايو ويو ته ڪالاباغ ڊيم جي تعمير ممڪن آهي.

 

14-2-88 سنڌ پي-پي جي ورڪنگ ڪاميٽي پنهنجي ٺهراءَ ذريعي مطالبو ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم جي رٿا رد ڪئي وڃي.

 

19-2-88 يوسف ٽالپر جي صدارت هيٺ سڏايل ”سنڌي بلوچ پشتون فرنٽ“ جي سنڌ ڪاميٽي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ۾ ٺهراءِ پاس ڪيو-

 

24-2-1988 سنڌ پيپلز نيشنل الائنس جي سڪريٽري حسين بخش ناريجي حڪومت جي انهيءَ روئي جي مزمت ڪئي ته سنڌي عوام جي مخالفت باوجود سرڪار ڪالاباغ ڊيم جو راڳ آلاپي رهي آهي-

 

مهينو مارچ

3-3-88 سپاف جي مرڪزي اڳواڻن حيدر آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم خلاف ڀرپور تحريڪ هلائي ويندي. هنن چيو ته ڊيم پاڪستان جي وجود ۽ قيمت تي ٺاهيو پيو وڃي-

 

5-3-88 سنڌ هاري ڪاميٽي جي مرڪزي ڪاميٽي جي ڪامريڊ غلام رسول سهتي جي صدارت هيٺ ٺهراءُ پاس ڪري ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪئي وئي-

 

15-3-88 حيدرآباد ضلعي ڪائونسل جي چيئرمين مخدوم رفيق الزمان چيمبر ۾ بيان ڏيندي چيو ته سنڌ جون سموريون ضلعي ڪائونسلون ڊيم خلاف ٺهراءُ پاس ڪري چڪيون آهن ۽ ڇهن ضلعن جي ڪائونسلن جا چيئرمين ان مسئلي تي وزير اعظم سان ملندا-

 

15-3-88 ممتاز ڀٽي چيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ نه ڏينداسين جيڪڏهن ضد نه ختم ڪيو ويو ته ڪياماڙيءَ کان ڪالاباغ تائين لانگ مارچ ڪري ان کي ٽوڙي ڇڏينداسين-

 

21-3-88 ڄام ساقي ۽ حسين بخش ناريجي جا ڪالاباغ ڊيم خلاف بيان شايع ٿيا-

 

24-3-88 سنڌ قومي اتحاد ۽ ٻين پارٽين طرفان ڪراچيءَ ۾ ڪالاباغ ڊيم رٿا خلاف ريلي ڪڍي وئي-

 

24-3-88 سکر مان ”سنڌ قومي اتحاد “ ڪالاباغ ڊيم رٿا خلاف وڏي ريلي ڪڍي- قيادت رسول بخش پليجي ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن ۾ شاه محمد شاهءِ حسين بخش ناريجو شامل هئا-

 

25-3-1988 حيدر آباد جي پختون شاگرد تنظيم ڪالاباغ ڊيم خلاف بک هڙتال ڪئي-

 

28-3-88 سنڌ هاري ڪاميٽي طرفان حيدر آباد ۾ ڪالاباغ ڊيم رٿا خلاف ريلي ڪڍي وئي-

 

مهينو اپريل

3-4-88 جي-يو-آءَ- اڳواڻن سکر ۾ گڏجاڻي ڪري مطالبو ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم تعمير نه ڪيو وڃي-

 

9-4-88 سنڌ پيپلز پارٽي جي ورڪنگ ڪاميٽي جي خاص گڏجاڻي ۾ ٺهراءُ ذريعي ڪالاباغ ڊيم رٿا کي رد ڪيو ويو-

 

9-4-88 سنڌ قومي اتحاد جي امداد چانڊيو ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪري ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪئي اتحاد طرفان ڪالاباغ ڊيم خلاف ريلي ڪڍي وئي-

 

13-4-88 ”جنگ“ اخبار ۾ زاهد انور جو ”ڪالاباغ ڊيم هڪ ٽيڪنِيڪي يا سياسي مسئلو؟ “ جي عنوان سان مضمون شايع ٿيو جنهن ۾ هن ڊيم جي حمايت ڪئي-

 

14-4-1988 ڪراچي ۾ سنڌي قومي اتحاد ۽ ٻين پارٽين طرفان ڪالاباغ ڊيم خلاف ريلي ڪڍي وئي-

 

18-4-88 لاڙڪاڻي ۾ سنڌ آبادگار بورڊ جي چئيرمين سيد علي مير شاهه بيان ذريعي مطالبو ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم نه ٺهرايو وڃي ڇو ته اهو سنڌ جي تباهيءَ جو ڪارڻ ٿيندو-

 

28-4-88 سابق وفاقي وزير راجا ظفرالحق سکر ۾ بيان ڏيندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم ان وقت تائين تعمير ٿيڻ نه گهرجي جيستائين چارئي صوبا راضپو نه ڏيکارن-

 

مهينو مئي

4-3-88 ”ڪالاباغ ڊيم نامنظور ڪنوينشن “ کي خطاب ڪندي رسول بخش پليجي عبدالحفيظ پيرزادي، شاه محمد شاه آفتاب شاهه جيلاني، امداد چانڊئي، مسعود نوراني، حسين بخش ناريجي، غلام محمد سومري، محمد حسين پنهور، مولابخش چانڊئي ۽ ستار راڄپر مخالفت ڪئي-

 

5-5-88 سينيٽر ۽ پي-پي اڳواڻ پيار علي الانا چيو ته ڪالاباغ ڊيم رٿا رد ڪري بجلي وڌائڻ لاءِ ٻيا اپاءَ ورتا وڃن-

 

23-5-88 وفاقي انفارميشن منسٽر قاضي عابد ٽنڊي محمد خان ۾ تقرير ڪندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي مسئلي کي سياسي مفادن خاطر نه اڇاليون وڃي. سنڌ ۽ سرحد جي راضپي کان سواءِ ڊيم نه ٺهندو.

 

مهينو جون

21-6-88 پي-پي اڳواڻ سردار ڄام فيروز انڙ نواب شاهه مان بيان ڏيندي چيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهيو ته سنڌ کي وڏو نقصان رسندو-

 

مهينو آگسٽ

16-8-88 واپڊا جي چئيرمين چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت روشن مستقبل لاءِ ضروري آهي سرحد ۽ سنڌ جا اعتراض اجايا آهن.

 

مهينو سيپٽمبر

3-11-88 پنجاب صوبي جي وزير ملڪ نعيم خان انهيءَ ڳالهه تي زور ڏنو ته ملڪ ترقيءَ ۽ خوش حالي لاءِ ڪالاباغ ڊيم ضروري آهي-

 

مهينو ڊسمبر

17-12-88 سنڌ اسيمبلي اتفاق لاءِ سان اظهار ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم رٿا سنڌ کي اقتصادي طرح محتاج ڪرڻ ۽ صوبن کي ويران ڪرڻ جي هڪ گهري سازش آهي-

 

19-12-88 روزنامه ”هلال پاڪستان“ ۾ ڪالاباغ ديم جو مسئلي جي عنوان سان ايڊيٽوريل شايع ٿيو- جنهن ۾ سنڌ اسيمبلي جي موقوف جي تائيد ۽ واکاڻ ڪئي وئي ۽ ڊيم جي مخالفت ڪئي وئي-

 

22-12-88 سنڌ هاري ڪاميٽي ۽ سنڌ قومي اتحاد، سنڌ جي صوبائي ميمبرن کي گذارش ڪئي ته اهي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت ڪن.

 

22-12-88 ”اسٽار“ اخبار ۾ انور پيرزادي پنهنجي ڪالم ۾ ڪالاباغ ڊيم ۽ سنڌ جي رد عمل کي موضوع بڻايو.

 

سال 1989ع

مهينو جنوري

3-1-1989 روزنامه ”هلال پاڪستان“ اڄ ڪالاباغ ڊيم جو مسئلو جي عنوان سان ايڊيٽوريل لکي وفاقي وزير فاروق لغاري جي بيان تي تنقيد ڪئي ۽ راءِ قائم ڪئي ته ڊيم رٿائون ملڪي سلامتي خلاف آهن-

 

15-1-89 سنڌ قومي اتحاد ضلعي دادو جي گڏجاڻي ۾ ٺهراءُ پاس ڪيو ويو ته ڪالاباغ ۽ ڀا شا ڊيم منصوبا رد ڪري منڇر ڊيم ٺاهيو وڃي-

 

15-1-89 ڪراچي ۾ سڏايل عوامي نيشنل پارٽي جي سنڌ وحدت ڪميٽي ٺهراءُ پاس ڪري ڪالاباغ ڊيم رٿا کي رد ڪيو-

 

مهينو اپريل

30-4-89 انور پيرزادي ”اسٽار“ اخبار ۾ شايع ٿيندڙ پنهنجي ڪالم ”سنڌ سينارو“ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي نقصان تي روشني وڌي ياد رهي ته انهيءَ ڏينهن سنڌ اسيمبلي ۾ پڻ ڪالاباغ ڊيم رٿا تي بحث ٿيو-

 

مهينو آڪٽوبر

28-10-89 پنجاب جي روينيو مسٽر ارشد چوڌري ملتان ۾ چيو ته آءِ-پي-آءِ . اقتدار ۾ ايندي هر حالت ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺهرايو ويندو-

 

سال 1990ع

(1990) اقتصادي تجزيه براءَ سال 91-1990 ۾ ڄاڻايو ويو ته ڪالا باغ ڊيم جي تعمير 1998 کان شروع ٿيندي.

 

مهينو جنوري

1990-1-4 ”عوامي آواز“ ۾ ”سنڌو جو پاڻي حڪمرانن جي ساک“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل شايع ٿيو جنهن ۾ پنجاب طرفان پاڻي جي حوالي سان ٿيندڙ زيادتين جو تاريخي پسمنظر ۽ حڪمرانن جي روين جو عڪس چٽيو ويو.

 

1990-01-19 ” عوامي آواز اخبار“ پنهجي ايڊيٽوريل ”عوام جي خدمت ۾ ڪجهه گذارشون“ ۾ عوام کي سنڌ جي سنگين مسئلن ڏانهن متوجهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي انهن مسئلن ۾ ڪالا باغ ڊيم به هو.

 

1990-1-21 ” هلال پاڪستان“ ۾ شايع ٿيندڙ ڪالم ” ڀڻ جهڻ“ ۾ انور پيرزادي سنڌ جي سورن جا مذڪور بيان ڪيا جنهن ۾ ڪالا باغ ڊيم جو ذڪر به هو.

 

مهينو مارچ

1990-03-2 شهيد فاصل راهو جي ورسي تي راهوڪي ۾ لکين ماڻهن ٺهراءُ پاس ڪري حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ايٽمي بجلي گهر جي ٺاهه ٿيڻ بعد ڪالا باغ ڊيم وارو ملڪ دشمن منصوبو رد ڪيو وڃي.

 

14-03-1990 پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي مملڪتي وزير ظفر علي شاه لاهور ۾ چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي فني پهلوئن جو سرڪار جائزو وٺي رهي آهي ۽ رٿا جي عملي کي فارغ نه ڪيو ويو آهي.

 

1990-03-22 جيئي سنڌ محاذ اعلان ڪيو ته پاڻي واري ٺاهه جي صورت ۾ پنجاب جي ٺڳيءَ ۽ ڄام صادق جي زيادتي کي وائکو ڪرڻ لاءِ تحريڪ هلائي ويندي، محاذ مطالبو ڪيو ته 1940ع واري ٺاهه مطابق سنڌ کي پاڻي ڏنو وڃي.

 

مهينو مئي

13-5-90 پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير فاروق لغاري چيو ته سرڪار ڪالاباغ ڊيم متعلق صوبن ۾ اتفاق لاءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي. پيپلز پارٽي حڪومت ڊيم تعمير واري خيال تان هٿ نه کنيو آهي-

 

25-05-1990 سنڌ جي ڇهن سينيٽرن مير هزار خان بجاراڻي، اصغر علي شاه، اعجاز جتوئي، قاضي عبدالمجيد عابد ، مير غلام حيدر ٽالپر ۽ شيخ علي محمد گڏيل بيان ڪڍي ڪالاباغ ڊيم رٿا جي شديد مخالفت ڪئي-

 

مهينو جون

18-6-1990 قومي اسمبلي ۾ ڪالاباغ ڊيم رٿا تي سخت بحث ٿيو سرڪاري ڌر چيو ته سمورن صوبن کي اعتماد ۾ وٺي ڊيم ٺهرايو ويندو. سرحدي اڳواڻن ۽ ٻين هن رٿا جي مخالف ڪئي-

 

25-6-1990 سنڌ اسيمبليءَ عبدالغني درس جي ٺهراءَ جنهن جي تائيد امداد محمد شاه پاس ڪري ڪالاباغ ڊيم رٿا کي رد ڪيو ۽ ان کي ملڪي سلامتي ۽ سنڌ جي معشيت خلاف قرار ڏنو-

 

28-6-1990 سرحد اسيمبلي ۾ ڪالاباغ ڊيم جي موضوع تي سخت بحث ٿيو. بيگم نسيم ولي خان رٿ پيش ڪئي- جيڪا سرڪاري ڌر جي يقين ڏيارڻ تي واپس ورتي-

 

مهينو سيپٽمبر

1990-9-18 عبدالرسول ميمڻ حيدر آباد ۾ ايجوڪيشن اڪيڊمي طرفان منعقد ڪيل ليڪچر ۾ نقشن ۽ چارٽن ذريعي پنهنجي ليڪچر ۾ ثابت ڪيو ته ڪالا باغ ڊيم ٺهيو ته ڪراچي سميت سڄي سنڌ پاڻي لاءِ سڪندي.

 

مهينو نومبر

1990-11-15 سنڌ جي وڏي وزير ڄام صادق علي ڪراچي ۾ عملدارن کي خطاب ڪندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم منهنجي لاش تي ٺهندو.

 

1990-11-19 واپڊا جي اڳوڻي چيئرمين ميجر جنرل (رٽائرڊ) فضل رزاق هڪ ڪالم لکي حڪومت کي زور ڀريو ته ڪالا باغ ڊيم جي تعمير هڪدم ڪرائي وڃي ۽ ان ۾ دير نه ڪجي.

 

مهينو ڊسمبر

1990-12-23 جيئي سنڌ تحريڪ ڪطرفان ڪراچي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ٿيو. سنڌ جي ٻين مسئلن سان گڏ ڪالا باغ ڊيم خلاف احتجاج ڪيو ويو.

 

سال 1991ع

مهينو جنوري

1991-01-07 عوامي آواز ۾ ”ڪالاباغ ڊيم جو راڪاس ۽ سنڌ“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل شايع ٿيو. جنهن ۾ پاڻي جي حوالي سان پنجاب جي زيادتين جي نشاندهي ڪندي راءِ قائم ڪئي وئي ته ڪالاباغ ڊيم سنڌ سان ڪلور ڪندو.

 

1991-01-26 سڪرنڊ ۾ خطاب ڪندي ڄام ساقي چيو ته سنڌ جي حقن تي ڌاڙا پيا لڳن ۽ اسان سنڌو درياءَ تي ڪوبه ڊيم ٺاهڻ نه ڏينداسين.

 

1991-01-30 جساف جي چيف آرگنائيزر ڪراچي ۾ بيان ڏيندي چيو ته عوام جي تائيد ۽ تعاون سان ڪالاباغ ڊيم رٿا بابت حڪومت جي ارادن تي پاڻي ڦيريو ويندو.

 

1991-01-31 ڪالاباغ ڊيم رٿا خلاف ڪراچي مان بيگم نسيم ولي خان ۽ حيدرآباد مان رسول بخش پليجي بيان جاري ڪيا. بيگم چيو ته سرحد ۾ ننڍا ننڍا ڊيم ٺهرائجن جڏهن ته رسول بخش پليجي چيو ته ڊيم بابت آئيني ترميم سنڌ جي مفادن خلاف اڳرائي ٿيندي.

 

1991-01-31 قومي اسيمبلي جي ميمبر ۽ پي.پي اڳوڻ نيد قمر ڪراچي ۾ صحافين سن ڳالهائيندي چيو ته حڪومت عالمي بئنڪ جي دٻاءُ تي ڪالاباغ ڊيم جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

 

مهينو فيبروري

1-02-1991 ”هلال پاڪستان“ اخبار سنڌ جي پاڻي وارن حقن جي حوالي سان ڪالاباغ ڊيم رٿا خلاف ايڊيٽوريل لکيو-

 

1991-02-23 اظهارالحق برني ”ڊان“ اخبار ۾ مضمون لکيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ بئراجن کي بريءَ طرح متاثر ڪندي، هن انهيءَ مضمون ۾ سنڌ ۽ پنجاب جي پاڻي واري مسئلي جو تاريخي جائزو ورتو آهي.

 

1991-02-29 لاڙڪاڻي ۾ ضلعي جي جنرل باڊيءَ کي خطاب ڪندي جيئي سنڌ تحريڪ جي صدر چيو ته ڪالاباغ ڊيم ٺاهي سنڌ کي تباهه ڪرڻ لاءِ منصوبا ڪيا پيا وڃن.

 

مهينو مارچ

3-3-1991 لاهور ۾ چئني صوبن جي وڏن وزيرن جي گڏجاڻي ٿي- جنهن ۾ پاڻيءَ جي- معاهدي ڪرڻ لاءِ ڳالهيون ٻولهيون ڪيون ويون، هي گڏجاڻي ٻئي ڏينهن به هلي-

 

3-3-1991 ”جاڳو“ اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ”ڪربلا-ماضي جون تباهيون ۽ حل جون غداريون“ ۾ سنڌ جي پاڻي واري مسئلي تي روشني وڌي-

 

6-3-1991 ڪراچي ۾ چئني وڏن وزيرن جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ پاڻي جي معاهدي جي سلسلي ۾ ڳالهيون ٿيون-

 

7-3-91 پنجاب حڪومت ٻين صوبن تي واضح ڪيو ته ان وقت تائين پاڻي جي ورهاست جو مسئلو طئي ٿي نه ٿي سگهي جيستائين ڪالاباغ ڊيم جي تعمير نه ٿي سگهندي ۽ پنجاب حڪومت ڪنهن به صورت ۾ ڪالاباغ ڊيم تان هٿ نه کڻندي.

 

13-3-91 سجاگ ٻار تحريڪ جي اڳواڻن بيان جاري ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم سنڌين جي خلاف آهي. رٿيل سازشن جو حصو آهي ۽ انهيءَ کي سنڌ دشمن سازش جو گڏجي مقابلو ڪيو وڃي-

 

14-03-1991 ”ڪاوش“ اخبار ۾ ” پاڻي جي ورهاست جو ايندڙ اجلاس“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل ڇپيو جنهن ۾ سنڌ حڪومت کي صلاح ڏني وئي ته مهمانوازي جي نالي ۾ سنڌ جي مفادن کي ڇيهو نه رسڻ گهرجي.

 

16-03-1991 ” عوامي آواز“ اڄ ”صوبائي وزيرن جي ڪائونسل ۽ سنڌ جو ڪيس “ جي عنوان سان ايڊيٽوريل لکيو جنهن ۾ پاڻي جي ٺاهه جي پس منظر ۽ پيش منظر تي روشني وجهندي ڪالاباغ ڊيم رٿا جي مخالفت ڪئي وئي-

 

16-3-1991 صوبائي حڪومتن جي رضا مندي سان وفاقي حڪومت ”پاڻي جو ٺاهه“ ڪيو . سنڌ ۾ ان خلاف شديد رد عمل ٿيو جڏهن ته وقت جي سرڪار ان جي حق ۾ وڪالت ڪندي رهي-

 

17-3-91 سنڌ اسيمبلي جي ميمبر بشير ٻانڀڻ ڪراچي ۾ هڪ وفد سان ڳالهائيندي چيو ته هو ڪالاباغ ڊيم بابت عوام سان گڏ آهي. ڊيم جي اڏاوت سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ برابر آهي-

 

21-3-91 ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ پاڻي واري ٺاهه جي منظوري ڏني-

 

1991-03-23 فرنٽيئر پوسٽ ۾ جاويد آر لغاري جو ڪالاباغ ڊيم مامري تي قسطوار مضمون شايع ٿيو. اڄ سندس پهرين قسط شايع ٿي.

 

1991-3-23 ” ڪاوش“ ۾ ”پاڻي جي ورهاست ۽ سنڌ “ جي عنوان سان ايديٽوريل شايع ٿيو. جنهن ۾ چيو ويو ته پاڻي جي ورڇ کي مڃڻ يا نه مڃڻ جو حق سنڌ محفوظ رکي ٿي.

 

1991-3-23 پيپلز پارٽي سنڌ جي وقتي صدر سيد خورشيد شاهه چيو ته صوبائي پارٽي پاڻي واري ٺاهه مان خوش نه آهي اهڙي ريت آفتاب شعبان ميراڻي هن ٺاهه کي خطرناڪ ۽ نقصانڪار قرار ڏنو.

 

1991-03-24 چئن صوبائي وزيرن منظور علي شاهه، سليم جان مزاري، اسماعيل راهو ۽ ڊاڪٽر ابراهيم جتوئي پاڻي واري ٺاهه تي ميان نواز شريف وزير اعظم کي مبارڪون ڏنيون.

 

1991-03-24 ناڻي جي وفاقي وزير سرتاج عزيز پاڻي جي ٺاهه تي تبصرو ڪندي چيو ته هاڻي ڪالاباغ ڊيم جي تعمير خواب مان حقيقت بڻجي چڪي آهي.

 

1991-03-24 ڊاڪٽر حميده کهڙي ۽ وفاقي وزير راڻا چندر سنگهه پاڻي واري ٺاهه تي وزير اعظم کي مبارڪ ڏني. ڊاڪٽر حميده اها اميد ڏيکاري ته وزير اعظم ڪالاباغ ڊيم رٿا جو خيال لاهي ڇڏيندو.

 

1991-03-24 ناڻي واري وفاقي وزير پاڻي واري ٺاهه کي ڪالاباغ ڊيم طرف بنيادي پيش رفت قرار ڏنو.

 

1991-03-24 پختونخواهه قومي انقلابي پارٽي جي اڳواڻن چيو ته پاڻي واري ٺاهه دراصل عوام کي ڪالاباغ ڊيم کان اڻ ڌريو بنائڻ جي ڪوشش هو.

 

1991-03-24 جي.ايم.سيد پاڻي واري ٺاهه جي مذمت ڪئي ۽ هن ٺاهه تي نظرثاني جي گهر ڪئي.

 

1991-3-25 ” جاڳو“ اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ”پاڻي جو ٺاهه، مبارڪون وقت کان وٺو“ ۾ تازي ٿيل پاڻي جي ٺاهه تي تبصرو ڪيو.

 

1991-03-26 سنڌ انقلابي پارٽي جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل ڪامريد ادريس چانڊئي پاڻي جي ٺاهه کي سنڌ سان تاريخي دوکو قرار ڏنو.

 

1991-03-26 جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي صدر چيو ته پاڻي جي ٺاهه ذريعي سنڌ کي رڻ پٽ بنائڻ جي سازش ڪئي وئي آهي. تاريخ شاهد آهي ته پنجاب اڳ به معاهدن جي خلاف ورزي ڪئي آهي.

 

1991-03-26 سنڌي شاگرد تحريڪ جي اڳواڻن پيپلز پارٽي کان مطالبو ڪيو ته اها ڪالاباغ ڊيم بابت واضع مئوقف ظاهر ڪري ۽ ٻٽي پاليسي ڇڏي ڏي.

 

1991-03-26 ”ڊان“ اخبار پاڻي واري ٺاهه جي موضوع تي ايڊيٽوريل لکيو ۽ ان جي واکاڻ ڪرڻ کان سواءِ ان تي عمل ڪرڻ لاءِ سرڪار کي صلاحون پڻ ڏنيون.

 

1991-03-26 سنڌ اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن جي عهديدارن منظور، قادر سومري ۽ اسد اياز پاڻي واري ٺاهه جي مذمت ڪندي ان کي سنڌ سان ڊوهه قرار ڏنو.

 

1991-03-26 سنڌ اتحاد جو مرڪزي هنگامي اجلاس نسيم نگر حيدرآباد ۾ ٿيو صدارت پليجي ڪئي. گڏجاڻي م طئي ڪيو ويو ته 17 ميمبرن تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي مختلف سياسي قوتن سان پاڻي جي ٺاهه ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف رابطو قائم ڪجي.

 

1991-03-26 جمهوري وطن پارٽي جي باني نواب اڪبر بگٽي ۽ پارٽي جي سينيٽر منظور احمد گچڪي پاڻي واري ٺاهه جي مذمت ڪندي ان کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي سازش قرار ڏنو.

 

1991-03-26 پنجاب پيپلز پارٽي جي گڏجاڻي صوبائي صدر فخر زمان جي صدارت ۾ ٿي. ٺهراءَ ذريعي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته ڪالاباغ ڊيم جي تعمير هڪدم شروع ڪئي وڃي.

 

27-03-1991 پي پي اڳواڻن نويد قمر، بچاڻي، علي نواز شاهه، پير مظهر، عبدالسلام ٿهيم امير علي ايري، مرزا عاشق بيگ ۽ الاهي بخش قائمخاني بيان ۾ چيو ته ڪالاباغ مسئلي تي پارٽي ڪردار ادا ڪندي-

 

27-03-1991 سنڌ جماعت اسلامي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ پاڻي جي ٺاهه جي واکاڻ ڪئي- اهڙي ريت ٿر جي قومي اسيمبلي ميمبر ارباب غلام رحيم پڻ ساڳي تند تنواري-

 

27-03-1991 ”ڪاوش“ اخبار ۾ ”پاڻي جي مسئلي تي ڏاها گڏ ٿيو “ جي عنوان سان ايڊيٽوريل شايع ٿيو- جنهن ۾ حڪومت کي تجويز ڏني وئي ته جيڪڏهن پاڻي جي ٺاهه جي مسئلي تي حڪومت درست آهي ته پوءِ ڏاها سڏائي خدشا دور ڪري-

 

27-03-1991 جي-يو-آءِ سنڌ جي اڳواڻن مولانا هاليجوي، مولانا شفيح محمد ۽ ڊاڪٽر خالد محمد سکر مان بيان جاري ڪري پاڻي واري ٺاهه جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته ان کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو-

 

27-3-1991 سکر ۾ صحافين کي خطاب ڪندي بينظير ڀٽو چيو ته پاڻي واري ٺاهه جي نتيجي ۾ ڪالاباغ ڊيم جو ٺهڻ آسان ٿي پيو آهي ۽ وقت جي سرڪار انهيءَ عمل سان سنڌ کي ويران ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هن چيو ته سندس پارٽي انهيءَ لاءِ قانوني ۽ سياسي جنگ لڙندي-

 

1991-03-27 الاهي بخش سومري ۽ امير حيدر شاهه پاڻي واري ٺاهه جي واکاڻ ڪندي وزير اعظم ميان نواز شريف کي مبارڪون ڏنيون.

 

1991-03-27 سکر ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي بينظير ڀٽو پاڻي واري ٺاهه کي ڪالاباغ ڊيم لاءِ رستو کوليندڙ معاهدو قرار ڏنو.

 

28-3-1991 ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان جي عهديدارن پنهنجي بيان ۾ چيو ته سنڌ سرڪار پاڻي وارو ٺاهه ڪري دراصل ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جي اجازت ڏني آهي، جنهن جي اسان مخالفت ڪيون ٿا-

 

28-03-1991 اڄوڪي ”ڊان“ ۾ سلطان احمد جو پاڻي جي ٺاهه تي مضمون شايع ٿيو-

 

1991-03-28 سنڌ جي وڏي زير ڄام صادق سکر ۾ چيو ته پاڻي وارو ٺاهه سنڌ جي مفاد ۾ آهي ۽ ڪالاباغ ڊيم صوبن جي اتفاق راءِ سان ٺهندو.

 

29-03-1991 اڄوڪي ”عوامي آواز“ ۾ ايس.ڪي مهيريءَ جو سنڌ ۽ پنجاپ وچ ۾ پاڻي جي ورهاست جو تاريخي پس منظر بيان ڪندڙ مضمون شايع ٿيو-

 

1991-03-29 ”جاڳو“ اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ”پاڻي جو ليکو سچائي سان ڏيو“ ۾ پاڻي واري ٺاهه تي تبصرو ڪيو ۽ عوام جي ترجماني ڪندي چيو ته سنڌ جا ماڻهون پنهنجي پاڻي جي حق تان دستبردار نه ٿيندا.

 

1991-03-31 ”ڪاوش“ اخبار ۾ ڊاڪٽر اسماعيل واڍي جي ” ڇا معاهدي مطابق سنڌ کي پاڻي ملندو“ جي عنوان سان مضمون ڇپيو، جنهن ۾ خدشو ڏيکاريو ويو ته سنڌ سان وڏي زيادتي ٿيندي.

 

1991-03-31 سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي صدر سيد قمر زمان شاهه چيو ته ملڪ محمد قاسم پاران ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت بابت سرحد ۽ پنجاب وچ ۾ افهام تفهيم پيدا ڪرڻ واريون ڪوششون دراصل سنڌين سان فريب آهي.

 

مهينو اپريل

2-4-1991 خانڳڙهه ۾ صحافين سان ڳالهائيندي نوابزادي نصرالله چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي تعمير زرعي واڌاري ۽ ترقيءَ لاءِ تمام ضروري آهي ۽ لاڳاپيل ڌرين کي هڪ هنڌ ويهي مامري جو حل تلاش ڪري، ڊيم جي تعمير شروع ڪرائجي-

 

2-4-1991 سينيٽر اعجاز جتوئي پاڻي واري ٺاهه کي اڌورو، آڻپورو ۽ سنڌ لاءِ هاڃيڪار معاهدو قرار ڏيندي وزير اعظم کان گهر ڪئي ته هو واضح لفظن ۾ ڪالاباغ ڊيم نه ٺاهڻ جو اعلان ڪري-

 

2-4-1991 سرحد جي سابق وزير ۽ پي-پي اڳواڻ پاڻي واري ٺاهه جي مذمت ڪندي چيو ته هن حڪومت ڪالاباغ جي تعمير کي ممڪن بڻائي ڇڏيو آهي-

 

1991-04-03 جيئي سنڌ محاذ جي اڳواڻ ڊاڪٽر مظهر مغل پاڻي واري ٺاهه جي واکاڻ ڪئي ۽ ان کي وڏو ڪارنامو قرار ڏنو.

 

1991-04-03 ” سنڌ ڊيموڪريٽڪ گروپ“ پاڻي واري ٺاهه کي رد ڪندي ان تي 15 اعتراض اٿاريا.

 

1991-04-03 ” پڪار“ اخبار ۾ ” سنڌو جي پاڻي جي ورڇ ۽ حقيقتون“ جي عنوان سان اياز ڀاڳت جو مضمون شايع ٿيو. جنهن ۾ ڪالاباغ ڊيم جي پيش منظر تي روشني وڌي وئي.

 

1991-04-04 فرنٽيئر پوسٽ جي حيدرآباد واري نمائيندي حسن مجتبيٰ جو انهيءَ اخبار ۾ تجزيو ڇپيو جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پاڻي واري ٺاهه جي نتيجي ۾ سکر بئراج سسٽم ۾ پاڻي جي کوٽ ٿي آهي.

 

1991-04-05 مسرور خان جتوئي چيو ته پاڻي واري ٺاهه سان سنڌ کي سندس حصي جي پاڻي جي ضمانت ملي وئي آهي.

 

1991-04-06 پيار علي الانا هڪ بيان ڪڍي پاڻي واري ٺاهه تي وزير اعظم پاڪستان کي مبارڪون ڏنيون.

 

1991-04-06 جساف جي مرڪزي آرگنائيزر ذوالفقار منگي حيدرآباد ۾ چيو ته اسان پاڻي واري ٺاهه کي رد ڪيون ٿا. پنجاب پنهنجو پاڻي هندستان کي وڪڻي چڪو آهي ۽ کيس سنڌ مان حصو وٺڻ نه گهرجي.

 

1991-04-07 سنڌ سمال گروئرس ويلفيئر ايسوسئيشن جي ماهرن حڪومت کان مطالبو ڪيوته پاڻي جي موجوده ٺاهه بدران صحيح اعداد شمار تي مبني نئون ٺاهه ڪيو وڃي ڇو ته موجوده ٺاهه ۾ وڏا جهول آهن.

 

1991-04-07 پيپلز پارٽي جي اڳواڻ سيد علي مردان شاهه پاڻي واري ٺاهه تي تبصرو ڪندي چيو ته اهو سنڌ سان بي انصافي برابر آهي.

 

1991-04-07 جيئي سنڌ تحريڪ ضلعي سکر جي پريس ترجمان حافظ رحيم بخش لکڻ پاڻي واري ٺاهه جي مذمت ڪندي چيو ته هن عمل سان ڪالاباغ ڊيم جي حامين کي وڏي هٿي ملي آهي.

 

1991-04-07 ڪراچي جي اوڀر ضلعي مزدور اتحاد جي اڳوڻن پاڻي واري ورڇ کي سنڌ دشمني قرار ڏيندي چيو ته ان تي عمل ڪرڻ سان هزارين ايڪڙ زمين بنجر ٿي ويندي.

 

1991-04-07 جي.ايم سيد ”ڪاوش“ اخبار کي انٽرويو ڏيندي پاڻي واري ٺاهه جي حمايت ڪرڻ کان انڪار ڪيو.

 

1991-04-07 صوبائي ميمبر سيد محسن شاهه بخاري پاڻي واري ٺاهه تي تبصرو ڪندي چيو ته اهو سنڌ خلاف سازش برابر آهي. ٻي طرف جيئي سنڌ تحريڪ تعلقي ٺل جي عهديدارن پڻ انهيءَ ٺاهه کي سنڌ کي غير آباد بنائڻ جي ڪوشش قرار ڏنو.

 

1991-04-07 جيئي سنڌ محاذ ضلعي لاڙڪاڻي جي عهديدارن چيو ته سنڌي عوام پاڻي جي ورڇ کي رد ڪري چڪو آهي. هنن مطابلو ڪيو ته ڪالا باغ ڊيم ۽ ڀاشا ڊيم سميت سنڌ دشمن منصوبا رد ڪيا وڃن.

 

1991-04-08 اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيون ته ڪالاباغ ڊيم جي اڏاوت ۾ هاڻي دير نه لڳندي ڇو ته ان لاءِ بنيادي دفتري ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي.

 

1991-04-08 اخبارن ۾ واپڊا جي چيئرمين جو بيان شايع ٿيو جنهن ۾ هن چيو ته هاڻي ڪالاباغ ڊيم ٺهڻ جو حالتون وڌيڪ سازگار آهن.

 

1991-04-09 تحريڪ استقلال جي رهنما علي نواز ميمڻ پاڻي واري ٺاهه کي سنڌ جي مفادن خلاف سازش قرار ڏنو.

 

1991-04-09 ”ڪاوش“ اخبار ۾ ڊاڪٽر اسماعيل اوڍي جي قسطوار تحقيقي مضمون ”سنڌو جو پاڻي ۽ سياست“ ڇپجڻ شروع ٿيو جنهن ۾ هن موهن جي دڙي کان ڪالاباغ تائين سنڌ جي پاڻي جي تاريخ بيان ڪئي.

 

1991-04-10 جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر حيدر ٽالپر، جيئي سنڌ ترقي پسند محاذ جي نواب شاهه ضلعي جي اڳواڻ ڪرم رستماڻي پاڻي واري ٺاهه ۽ ڪالاباغ ڊيم رٿا جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي انهن کي ناقابل قبول سڏيو.

 

1991-04-11 پي.ڊي.اي جي رڪن ۽ صوبائي ميمبر گل محمد لاٽ پاڻي واري ٺاهه کي تاريخي فيصلو قرار ڏيندي ان جي تعريف ڪئي.

 

1991-04-11 سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي اڳواڻن بدين ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته پاڻي وارو ٺاهه رد ڪيو وڃي ۽ هنن عزم ڏيکاريو ته ڪالاباغ ڊيم رٿا جي ڀرپور مخالفت ڪئي ويندي.

 

1991-04-11 سنڌي مزدور تحريڪ ضلعي ٿرپارڪر جي عهديدارن، مسلم سائنس ڪاليج جي جساف يونٽ جي عهديدارن ۽ جساف ضلع جي عهديدارن ضلعي حيدرآباد جي عهديدارن پاڻي واري ٺاهه جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي.

 

1991-04-13 حيدرآباد جي مقامي اخبار پاڻي واري ٺاهه تي سيمينار سڏايو جنهن ۾ رسول بخش پليجي، حفيظ پيرزادي، گل محمد جکراڻي، حسين بخش ٿيٻي، امداد چانڊي ۽ آفتاب قريشي ٺاهه کي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جوابتدائي قدم سڏيو، جنهن تي صوبائي وزير مظفر شاهه انهيءَ جي برعڪس ڳالهايو.

 

1991-04-14 ڪراچيءَ ۾ افطار پارٽي کي خطاب ڪندي بينظير ڀٽو چيو ته پاڻي وارو ٺاهه وفاق کي ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش آهي.

 

1991-04-14 اصغريه اسٽوڊنٽس آرگنائيزيشن سنڌ نواب شاهه جي جنرل سيڪريٽري سرفراز علي جعفري ۽ ٻين عهديدارن چيو ته اسان ڪالا باغ ڊيم جي سازشي منصوبي کي قبول نه ٿا ڪريون ڇو ته ڪالاباغ ڊيم اسلام دشمن منصوبو آهي.

 

1991-04-15 ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي نثار کهڙي پاڻي واري ٺاهه کي سنڌ جي مفادن خلاف قرار ڏنو.

 

1991-04-15 ريلوي جي وفاقي وزير ميرن هزار خان بجاراڻي چيو ته پاڻي واري ٺاهه ملڪ کي مضبوط ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.

 

1991-04-15 ”جاڳو“ اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ”سرڪار توتي دانهن“ ۾ سرڪار جي انهن روين جي مذمت ڪئي جن مطابق اها پاڻي جي ٺاهه خلاف ماڻهن کي نشانو بڻائي رهي آهي. ان کان علاوه حيدرآباد ۾ ٿيل اهڙي سيمينار تي تبصور پڻ ٿيو.

 

1991-04-15 پي.اين.پي جي مرڪزي ڪنوينر حفيظ پيرزادي پاڻي واري ٺاهه واري جي مذمت ڪئي ۽ سلسلي ۾ پيش ڪيل اعداد شمار کي غلط قرار ڏنو.

 

1991-04-15 بيگم سيده عابده حسين چيو ته ”پاڻي واري ٺاهه“ قوم کي ڪالاباغ ڊيم رٿا جي تعمير واري خيال ۽ عزم تي متحد ڪري ڇڏيو آهي.

 

1991-04-16 فرنٽيئر پوسٽ ۾ ”پاڻي واري ٺاهه“ جي موضوع تي ليفٽينٽ ڪرنل (رٽائرڊ) گل بادشاهه بخاري جو مضمون شايع ٿيو جنهن ۾ هن ٺاهه جي واکاڻ ڪئي.

 

1991-04-16 مردان ضلع جي پي.پي سينئر نائب صدر پاڻي واري ٺاهه کي ”ڪالاباغ ڊيم ڪتاب“ جو مهاڳ قرار ڏيندي ان جي مخالفت ڪئي.

 

1991-04-18 صوبائي وزيرن محمد اسماعيل راهو، غلام قادر ملڪاڻي ۽ احمد علي جلباڻي پاڻي واري ٺاهه جي موفقت ۽ اسيمبلي ۾ حزب اختلاف جي ليڊر جي مخالفت ۾ بيان جاري ڪيو.

 

1991-04-21 سنڌ اتحاد ضلعي دادو جي عهديدارن پاڻي واري ٺاهه کي ڪرسي بچائڻ جي ڪوشش سڏيو ۽ چيو ته ٺاهه پنجاب جي مفاد ۾ ۽ سنڌ لاءِ هاڃيڪار آهي.

 

1991-04-21 ” جاڳو“ اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ”پاڻي ٺاهه ۽ سنڌ مان اٿندڙ طوفان“ پي.ڊي.اي جي گهر تي سڏايل سنڌ اسيمبلي اجلاس کي موضوع بڻائي ٺاهه بابت عوامي رد عمل تي ورشني وڌي.

 

1991-04-22 اڄوڪي ڊان ۾ بابر عزيز جو ”پاڻي جي ٺاهه“ تي مضمون شايع ٿيو جنهن ۾ هن انهيءَ ٺاهه تي تنقيد ڪئي ۽ ان کي پنجن ماڻهن ( چار وڏا وزير ۽ هڪ وزير اعظم) جو ٺاهه سڏيو.

 

1991-04-22 گل محمد جکراڻي لاڙڪاڻي ۾ پنهنجي ڪارڪنن سان ڳالهائيندي چيو ته پاڻي جي ورڇ سنڌ سان تاريخي دوکو آهي.

 

1991-04-23 عيد ملن پارٽي ۽ پنهنجي پارٽي جي ڪنونشن کي لاڙڪاڻي ۾ خطاب ڪندي ممتاز ڀٽي پاڻي واري ٺاهه کي سنڌ سان ڊوهه سڏيو.

 

1991-04-24 صحافي جي.اين.مغل جو ”فرنٽيئرپوسٽ“ ۾ تجزيو ڇپيو، جنهن ۾ هن راءِ قائم ڪئي ته پاڻي واري ٺاهه باوجود سنڌ ۽ پنجاب ۾ پاڻي جي مسئلي تي گهڻا تنازعا ٿيندا.

 

1991-04-24 سنڌياڻي تحريڪ، ڪراچي پريس ڪلب اڳيان مظاهرو ڪري پاڻي واري ۽ ڪالاباغ ڊيم رٿا جي مذمت ڪئي.

 

1991-04-24 بدين ۾ سنڌياڻي تحريڪ پاران ريلي ڪڍي پاڻي واري ٺاهه، ڪالاباغ ڊيم رٿا ۽ ٻين زيادتن خلاف آواز بلند ڪيو ويو.

 

1991-04-26 سنڌياڻي تحريڪ حيدرآباد ۾ پاڻي واري ٺاهه ۽ ڪالاباغ ڊيم رٿا خلاف احتجاج ڪيو.

 

1991-04-27 لاڙڪاڻي پيپلز پارٽي جي مقامي اڳواڻن پاڻي واري ٺاهه جي مذمت ڪئي.

 

مهينو مئي

1991-05-1 اڄ جي ”ڊان“ اخبار ۾ ايس-اي عزيز ”پاڻي جي ٺاهه جو پس منظر“ جي عنوان سان تفصيلي مضمون لکي سنڌ ۽ پنجاب جي پاڻي تي جهيڙي جو تاريخي پاس منظر بيان ڪيو.

 

1991-05-03 ”ڪاوش“ ۾ شايع ٿيندڙ ڊاڪٽر اسماعيل اوڍيجي جي قسطوار تحقيقي مضمون ” سنڌو جو پاڻي ۽ سياست“ جي آخري قسط شايع ٿي. جنهن ۾ پاڻي واري ٺاهه کي موضوع بڻايو ويو.

 

1991-05-06 سنڌ اسيمبليءَ پاڻي واري ٺاهه جي منظور ڏني 44 سرڪاري ميمبرن مان 19 پي.ڊي.اي ميمبرن مخالفت ۾ ووٽ ڏنا.

 

1991-05-06 صوبائي ميمبر سيد ديدار حسين شاهه سنڌ اسيمبلي ۾ پاڻي واري ٺاهه تي بحث دوران چيو ته پي.پي دور ۾ هيءَ اسيمبلي ڪالا باغ ڊيم خلاف ٺهراءُ پاس ڪي چڪي آهي ۽ اسان اڄ به انهيءَ ڳالهه تي قائم آهيون.

 

1991-05-06 روزانه ”ڪاوش“ ۽ ”خادم وطن“ پاڻي جي ٺاهه تي فورم جو اهتمام ڪيو جنهن ۾ عالم بلوچ، حفيظ پيرزادي، محمد علي قاضي ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

 

1991-05-7 ”جاڳو“ اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ”پاڻي ٺاهه جا ڄاڃي يا لوڻ جا واپاري“ ۾ پاڻي واري ٺاهه بابت سرڪاري روين خواه نيتن تي روشني وڌي.

 

1991-05-7 ناڻي جي وفاقي وزير قومي اسيمبليءَ کي ٻڌايو حڪومت ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ يا نه ٺاهڻ جو اڃا قطعي فيصلو ڪونه ڪيو آهي.

 

1991-05-10 ڊيموڪريٽڪ اسٽوڊنٽس فيڊريشن پاڻي واري ٺاهه خلاف حيدرآباد ۾ جلوس ڪڍيو. ڄام ساقي ۽ خادم ٿهيم جن ٺاهه کي ڪالاباغ ڊيم جي منظوري قرار ڏنو.

 

1991-05-11 اڄوڪي ”ڊان“ ۾ عبدالستار غزالي جو مضمون شايع ٿيو. جنهن جو عنوان ۽ موضوع هو ته پاڻي جو ٺاهه ڪالا باغ ڊيم جو مبشر واقعو آهي.

 

1991-05-12 جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين سرور سهتي پاڻي واري ٺاهه جي مذمت ڪندي ان کي ڪالا باغ ڊيم جو پيش خيمو سڏيو.

 

1991-05-12 قومي اسيمبلي ۾ پي.ڊي.اي جي پارليامينٽري پارٽي حڪومت کان گهر ڪئي ته ڪالاباغ ڊيم رٿا تي اسيمبلي ۾ بحث ڪيو وڃي.

 

1991-05-14 ” عوامي آواز“ ۾ بابر اياز جو لکيل ۽ ڊاڪٽر ممتاز علي ٻگهي جو ترجمو ٿيل مضمون ” سمورو ورهايل پاڻي ڪٿان ايندو“ شايع ٿيو. مضمون ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پاڻي جي معاهدي ۾ سنڌ کي وڌيڪ پاڻي ڪونه مليو آهي.

 

1991-05-27 سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن ضلعي نوشهري فيروز جي عهديدارن ۽ سنڌي شاگرد تحريڪ ضلعي لاڙڪاڻي جي عهديدارن ٺاهه جي مذمت ڪندي مطالبا ڪيا ته سنڌو درياءَ تي ڌاڙا هڻڻ بند ڪيا وڃن.

 

1991-05-27 سرحد صوبي جي وڏي وزير مير افضل خان چيو ته ڪوبه صوبو ٻئي صوبي جي مرضيءَ کان سواءِ ڊيم ٺاهي نه ٿو سگهي.

 

1991-05-27 فرنٽيئر پوسٽ“ ۾ نويد بٽ جو مضمون شايع ٿيو. جنهن ۾ هن ڪالا باغ ڊيم کي هڪ مئل رٿا سڏيو.

 

1991-05-29 اڄوڪي ”اسٽار“ اخبار ۾ مظهر عباس جو ”مجرمانه اختلاف“ جي عنوان سان مضمون شايع ٿيو جنهن ۾ هن پاڻي واري ٺاهه تي پي.ڊي.اي ميمبرن جي روئي تي تنقيد ڪئي آهي.

 

1991-05-30 سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي سيڪريٽري جنرل امر سنڌو چيو ته پاڻي جي معاهدي سان سنڌ کي زبردست آبپاشي ۽ اقتصادي نقصان رسندو.

 

مهينو جون

1991-06-05 پنجاب جي ناڻي واري وزير بجٽ تقرير ڪندي چيو ته پنجاب حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته ڪالاباغ ڊيم جي تعمير شروع ڪرائجي ۽ ان جو نالو بدلائي ”پاسبان ڊيم“ رکجي ڇو ته ڪالاباغ نالي تي ٽي ٻيا صوبا اعتراض ڪن ٿا.

 

1991-06-05 پنجاب جي ناڻي واري بجٽ تي بحث دوران ميمبرن ڪالاباغ بابت اڳواٽ باخبر ڪرڻ واري گڏجاڻي ۾ واضح لفظن ۾ اعلان ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم هر حالت ۾ ٺاهيو ۽ ان تي ڪوبه سمجهوتو قبول نه ڪبو.

 

1991-06-06 سرحد اسيمبليءَ جي ميمبرن پنجاب جي وزير جي انهيءَ بيان کي نديو. جنهن ۾ هن چيو هو ته ڪالاباغ ڊيم تي ڪنهن قسم جو سمجهوتو نه ڪيو ويندو.

 

1991-06-06 سرحد جي صوبائي وزير فريد طوفان چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي تعمير پوءِ اها ڪنهن به نالي ۾ ڪئي وڃي سرحد کي قبول ڪونهي. هن ان سلسلي ۾ پنجاب جي وزيرن تي تنقيد ڪئي ته اهي کليو کلايو ڊيم ٺاهڻ جون ڳالهيون ڪري رهيا آهن.

 

1991-06-07 ”سنڌ ايڪسپريس“ ۾ ”ڪالاباغ ڊيم ٺهي يا نه ٺهي“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل شايع ٿيو، جنهن ۾ ڊيم تي روشني وڌي وئي.

 

1991-06-11 ضلعي ڪراچي اوڀر جي جيئي سنڌ محاذ جي ڪانگريس ۾ مطالبو ڪيو ويو ته سنڌ کي 1945ع جي ٺاهه مطابق پاڻي ڏنو وڃي.

 

1991-06-19 سنڌ ساگر اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي مرڪزي صدر حنيف بڙدي ۽ پريس سيڪريٽري وحيد سنڌي چيو ته سنڌي ماڻهون ڪالاباغ ڊيم کي موت برابر سمجهي ٿو. ڊيم جو نالو ” پاسبان“ رکيو وڃي يا پاڪستان“ اسان ڪاروائي جي مخالفت ڪنداسين.

 

1991-06-21 ڪراچي ۾ سڏايل سنڌ پي.اي.پي جي گڏجاڻيءَ ٺهراءُ پاس ڪري ڪالاباغ ڊيم رٿا کي رد ڪيو ۽ ان کي سنڌ جي مفادن خلاف قرار ڏنو.

 

1991-06-27 ” عزمت انصاري ”ڊان“ ۾ مضمون لکي حڪومت جو توجه ڇڪرايو ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم بجلي وڌائڻ لاءِ ٺاهيو ٿو وڃي ته پوءِ سنڌو درياهه جي ڇوڙ وارا هنڌ ان کان وڌيڪ بجلي پيدا ڪندا ۽ حڪومت اوڏانهن توجهه ڏي.

 

مهينو آگسٽ

1991-08-17 ناڻي جي وفاقي وزير صحافين سان اسلام آباد ۾ ڳالهائيندي چيو ته حڪومت ڪالا باغ ڊيم رٿا تان هٿ نه کنيو آهي.

 

1991-8-26 سرحد مان پ.پ اڳواڻ اعظم آفريدي پاڻي واري ٺاهه کي ڪالا باغ ڊيم جي تعمير جي پيڙهه جو پٿر قرار ڏيندي ان جي مذمت ڪئي.

 

مهينو سيپٽمبر

1991-09-4 آفتاب احمد شير پائو خدشو ڏيکاريو ته ميان نواز شريف ۽ سرڪار هر حالت ۾ هر قيمت تي ڪالا باغ ڊيم ٺهرائڻ گهري ٿي.

 

1991-9-8 اڄوڪي ”ڊان“ اخبار ۾ مشتاق احمد ”سنڌو ندي جي پاڻي جي ورهاست“ جي عنوان سان مضمون لکي پاڻي واري ٺاهه تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي.

 

1991-9-13 بجلي ۽ پاڻي جي وفاقي وزير ڄام يوسف اخبار وارن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم ضرورو ٺهندو ۽ هن سنڌ خواهه سرحد وارن کان پڇيو ته آخر اهي ڊيم ٺاهڻ جي ڇو ٿا مخالفت ڪن.

 

1991-9-16 جيئي سنڌ ترقي پسند پارٽي جي مرڪزي سينيئر چيئرمين حيدر شاهاڻي سرڪار طرفان ڊيم ٺاهڻ وارين ڳالهين جي مذمت ڪندي چيو ته انهيءَ جي تعمير سان سنڌ ۽ بلوچستان ريگستان ٿي ويندا.

 

1991-9-20 روزنامه ”پاڪستان“ اخبار ۾ ڪالا باغ ڊيم يا ڀاشا ڊيم جي عنوان سان ايڊيٽوريل لکي ڊيم جي رٿا جي تائيد ڪئي.

 

1991-9-20 پنجاب جي ناڻي واري وزير مخدوم شاه محمد قريشي ملتان ۾ بيان ڏنو ته ملڪ جي بجلي واري بحران کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم جي تعمير نهايت ضروري آهي.

 

1991-9-20 پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير ڄام يوسف هڪ تقريب کي خطاب ڪندي لاهور ۾ چيو ته ڪالا باغ ڊيم جو مامرو طئي ڪرڻ لاءِ وزيراعظم خاص ڪاميٽي جوڙي آهي جيڪي صوبن سان ڳالهائيندي.

 

1991-9-20 اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيون ته ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ نتيجن کي نظرانداز ڪندي ڪالا باغ ڊيم جي رٿا کي مکيه منصوبن جي فهرست ۾ شامل ڪيو آهي.

 

1991-9-21 آفتاب شير پائو صحافين سان ڳالهائيندي سرحد سرڪار کان مطالبو ڪيو ته اها ڪالا باغ ڊيم متعلق پنهنجو موقف واضع ڪري. هن چيو ته ته پي.پي هميشه ڊيم جي مخالفت ڪئي آهي ۽ اڳتي به ڪندي.

 

23-9-1991 پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي مملڪتي وزير راجا نادر پرويز فيصل آباد ۾ چيو ته ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي ايندڙ گڏجاڻي ۾ ڪالا باغ ڊيم کي ايجنڊا ۾ رکيو ويندو.

 

1991-9-24 بيگم ولي خان جي ڀاءُ ۽ سرحد جي صوبائي وزير اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ سان سرحد ويران ٿي ويندو.

 

1991-9-25 پنجاب جي وزير اعليٰ غلام حيدر وائين صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم رٿا بابت خوش خبرون جلد ٻڌنداسين.

 

1991-09-26 ”فرنٽيئر پوسٽ“ ڪالاباغ ڊيم جي مسئلي تي ايڊيٽوريل لکيو ۽ حڪومت کي افهام تفهيم جي حڪمت عملي تي تنقيد ڪئي.

 

1991-09-27 جيئي سنڌ تحريڪ جي قائم مقام صدر بشير خان قريشي ٽنڊي باگي ۾ چيو ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهيو ته سنڌ باهه وانگر ٻري اٿندي.

 

1991-09-27 سجاڳ ٻار تحريڪ مرڪزي صدر مشتاق راڄپر جي صدارت ۾ جنگ شاهيءَ ۾ اجلاس ٿيو جنهن ۾ طئي ڪيو ويو ته بهارين ۽ ڪالاباغ ڊيم خلاف تحريڪ هلائي ويندي ۽ سنڌ جو دورو ڪيو ويندو.

 

1991-09-28 آفتاب احمد شيرپائو لاهور ۾ پريس ڪلب پروگرام ۾ چيو ته پيپلز پارٽي ڪالاباغ ڊيم جي مخالفت کي جاري رکندي ڇو ته ان مان سنڌ ۽ سرحد کي نقصان آهي.

 

مهينو آڪٽوبر

1991-10-04 قومي ڪانفرسن کي خطاب ڪندي رسول بخش پليجي حيدرآباد ۾ چيو ته سنڌ هاري دشمن منصوبن خلاف جدوجهد جو اعلان ڪري چڪا آهن ۽ هاڻي اسان واضح لفظن ۾ اعلان ٿا ڪريون ته اسان کي ڪالاباغ ڊيم منظور ڪونهي.

 

1991-10-08 سنڌ اسيمبليءَ ۾ حليم پيرزادي پنهنجي ڪالاباغ ڊيم خلاف مهمليءَ واري رٿ تي ڳالهائيندي چيو ته ڊيم هڪ آفت آهي اچو ته ان کي گڏجي روڪيون. قائم علي شاهه چيو ته ڊيم اسانجي زندگيءَ موت جو مسئلو آهي. علي نواز شاهه چيو ته اسان ڊيم خلاف ريليون ڪڍيو ته سرڪار گرفتاريون ڪيون.

 

1991-10-09 اخبارن ۾ خبرون ڇپيون ته ڪالاباغ ڊيم تعير ٿيڻ واري صورت ۾ عوامي نئشنل پارٽي تحريڪ هلائيندي.

 

1991-10-09 سرحد جي تجارت لاءِ وزير فريد طوفان هنگامي طور تي سڏايل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته سندس عوامي نئشنل پارٽي ڪنهن به صورت ۾ ڪالاباغ ڊيم کي قبول نه ڪندي.

 

1991-10-09 سرحد اسيمبليءَ ڪالاباغ ڊيم رٿا خلاف ٺهراءُ پاس ڪيو.

 

1991-10-11 پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير ڄام يوسف چيو ته ملڪي مفاد ۾ هوندو ته ڪالاباغ ڊيم هر حالت ۾ تعمير ڪرايو ويندو.

 

1991-10-12 سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جي عهديدارن حيدرآباد مان بيان جاري ڪيو ۽ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ وارن حڪومتي ادارن جي مذمت ڪئي ۽ اهو واضح ڪيو ته سندن تنظيم ڊيم جي هر موڙ ۽ محاذ تي مخالفت ڪندي.

 

1991-10-12 تعلقي کپري جي آبادگار حاجي محفوظ خان قائمخاني حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪالاباغ ڊيم رٿا ختم ڪئي وڃي.

 

1991-10-12 عوامي نئشنل پارٽي سرحد جي صوبائي اطلاعات سيڪريٽري بلال شاهه جماعت اسلامي جي رويئي جي مذمت ڪندي چيو ته سندس پارٽي ڪالاباغ ڊيم رٿا خلاف آهي ۽ رهندي.

 

1991-10-13 ڪراچي ۾ رسول بخش پليجي چيو ته سنڌ جي بچاءُ واري تحريڪ کي ڪچلڻ لاءِ دهشتگردي روڪرائي وڃي ڪالاباغ ڊيم رٿا ۽ بهاري آڻڻ واري سازش جي مزاحمت ڪبي.

 

1991-10-15 رسول بخش پليجي صدر غلام اسحاق خان ۽ وزير اعظم ميان محمد نواز شريف کي ايڪسپريس تار موڪلي ته ڪالاباغ ڊيم کي ڪهڙي به نالي سان ٺاهيو ويو ته ان کي سنڌ خلاف بدترين، ظالماڻي ۽ دائمي اڳرائي وارو دشمنيءَ جو قدم ڄاتو ويندو. ڊيم ڪنهن به صورت ۾ سنڌ واسين کي قبول ڪونهي.

 

1991-10-15 وفاقي حڪومت جي هدايتن تي رٿابندي ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين چئني صوبن جي عملدارن سان گڏجاڻين جو آغاز ڪيو ته جيئن ڪالاباغ ڊيم لاءِ سيڙپڪاري جو پروگرام جوڙيو وڃي.

 

1991-10-20 پنجاب جي وزير پرويز الاهيءَ چيو ته ڪالاباغ ڊيم جي تعمير جلد از جلد شروع ڪئي ويندي.

 

1991-10-20 پختون لبريسن فرنٽ جي صدر شاڪر برني مردان مان بيان ڪڍيو ته جڏهن فريد طوفان پاڻي واري ٺاهه تي صحيح ڪئي هئي ته ان جي معنيٰ ته سرحد ڪالاباغ ڊيم رٿا جي منظوري ڏني، عوامي نئشنل پارٽي ڊيم جي خلاف ڪونهي پر ان تي نظرثانيءَ جي گهر ڪري ٿي.

 

1991-10-21 پاڻيءَ بجلي جي وفاقي وزير ڄام يوسف قومي اسيمبليءَ اڳيان انهن ٽيهن ڊيمن جا نالا ۽ تفصيل پيش ڪيا جيڪي ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ بعد جوڙيا ويندا.

 

1991-10-22 ”ڊان“ جي پشاور واري نمائيندي جو اخبار ۾ ڪالاباغ ڊيم رٿا بابت تجزيو شايع ٿيو. جنهن ۾ هن سرحد ۾ ڊيم بابت ردعمل تي روشني وڌي آهي.

 

1991-10-22 ”فرنٽيئر پوسٽ“ ۾ گهوٽڪي کان آغا علي گوهر خان جو خط شايع ٿيو. جنهن ۾ هن وزير اعظم کي اپيل ڪئي ته ڪالاباغ ڊيم رٿا کي ترڪ ڪيو وڃي.

 

1991-10-27 حنيف رامي ملڪ جي وزير اعظم کان مطالبو ڪيو ته هو ڪالاباغ ڊيم رٿا خلاف پنهنجو کليل موقوف بيان ڪري، ڇو ته هن چونڊن وقت ڪالاباغ ڊيم جي مسئلي تي پنجابي عوام سان واعدو ڪيو هو.

 

1991-10-27 ممتاز ڀٽي حيدرآباد ۾ چيو ته سنڌ سنگين مسئلن ۾ وڪوڙيل آهي ۽ ڪالاباغ ڊيم به انهن مان هڪ آهي.

 

1991-10-29 مردان جي ڊسٽرڪٽ بار ايسوسئيشن پنهنجي ٺهراءُ ۾ ڪالاباغ ڊيم جي مذمت ۽ مخالفت ڪئي.

 

مهينو نومبر

1991-11-01 ورلڊ بئنڪ پاڪستان سرڪار کي صلاح ڏني ته ڪالاباغ ڊيم متعلق اعتراض ۽ خدشن وارو مامرو 31 ڊسمبر 91ع تائين طئي ڪيو وڃي. ٻئي صورت ۾ بئنڪ هن رٿا لاءِ ڏوڪڙ ڪانه ڏيندي.

 

1991-11-04 ”پڪار“ اخبار ”عوام طرفان رد ٿيل رٿا تي زور ڇو؟“ جي عنوان سان ايديٽوريل لکي ڪالاباغ ڊيم رٿا خلاف آواز بلند ڪيو.

 

1991-11-5 جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي صدر گل محمد جکراڻي دادو جي دوري دوران ڪارڪنن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم جي منظوري ذوالفقار علي ڀٽي ڏني هئي.

 

1991-11-6 سرحد جي وڏي وزير مير افضل چيو ته ڪالا باغ ڊيم تي پنجاب سان مفاهمت ٿي سگهي ٿي.

 

1991-11-7 جمعيت طلبا اسلام سٽي لاڙڪاڻي جي اڳواڻن گڏيل بيان ۾ چيو ته ڪالا باغ ڊيم سميت سڀ ڊيم شريعت خلاف آهن ۽ ان سلسي ۾ سندن سياسي پارٽي جي شرعي فتوي حرف آخر برابر آهي.

 

1991-11-12 سينيٽر سيد عباس شاه بنون مان بيان جاري ڪندي چيو ته سرحد جي ترقي لاءِ ڪالا باغ ڊيم نهايت ضروري آهي.

 

1991-11-13 جماعت اسلامي سرحدي جي اڳواڻ پروفيسر محمد ابراهيم الزام هنيو ته اي.اين.پي ڪالا باغ ڊيم تي غير واضع موقوف رکي ٿي ۽ تضاد جو شڪار آهي.

 

1991-11-18 پاڪستان نئشنل پارٽي جي صوبائي صدر سينيٽر اعجاز جتوئي چيو ته ڪالا باغ ڊيم جي تعمير برداشت نه ڪئي ويندي.

 

1991-11-21 ميجر رٽائرڊ قيصر نواز خان ڊيري غازي خان ۾ انٽرويو ڏيندي چيو ته توانائيءَ جي مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم جي تعمير تمام ضروري آهي.

 

1991-11-21 تحريڪ استقلال جي اڳواڻ لاڳاپيل ڌرين کي صلاح ڏني ته ڪالا باغ ڊيم رٿا کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي.

 

1991-11-23 واپڊا جا انجنيئر پشاور ۾ عوامي نئشنل پارٽي جي اڳواڻن کي فني ۽ ٽيڪنيڪي بنيادن تي ڪالا باغ ڊيم رٿا لاءِ قائل ڪرڻ ۾ ناڪام ويا.

 

1991-11-24 پي.اين.پي جي مرڪزي اڳواڻ عبدلاحفيظ پيرزادي ڪوٽڙي ۾ خطاب ڪندي ڪالا باغ ڊيم کي سنڌ ويران ڪرڻ واري سازش سڏيندي ان جي مذمت ۽ مخالفت ڪئي.

 

1991-11-25 لاڙڪاڻي ۽ بدين ۾ سنڌياڻي تحريڪ جي سڏ تي سوين نياڻن بک هڙتال ڪئي ۽ سنڌ جي بنيادي حقن جي بحالي ۽ ڪالا باغ ڊيم رٿا خلاف آواز بلند ڪيو.

 

1991-11-27 وفاقي مملڪتي وزير ميان محمد زمان بينظير ڀٽي جي ڪالا باغ ڊيم رٿا بابت موقوف جي ندا ڪندي چيو ته ڊيم ملڪي مفاد ۽ ترقي وٽان آهي.

 

1991-11-27 عوامي تحريڪ رتيديري جي عهديدارن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم ٺاهي سنڌين کي معاشي طور قتل ڪيو پيو وڃي ۽ اسان هن رٿا جي مخالفت ڪنداسين.

 

1991-11-27 پختون خواه قومي پارٽي جي اڳواڻ محمد افضل خان بينظير ڀٽي کان مطالبو ڪيو ته هوءَ ڊيم بابت واضع پاليسي ۽ موقوف کي پڌرو ڪري.

 

1991-11-28 پختون لبريشن فرنٽ جي سربراهه شاڪر بونيريءَ صلاح ڏني ته ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو ريفرنڊم ذريعي حل ڪيو وڃي.

 

1991-11-29 ”جنگ“ اخبار ۾ خبر شايع ٿي ته ڪالا باغ ڊيم جي مامري تي پنجاب سنڌ ۽ بلوچستان جي حڪومتن جي وچ ۾ اتفاق راءِ پيدا ٿي چڪو آهي. وفاقي حڪومت متاثر ماڻهن کي متبادل جاءِ ڏيندي ۽ سرحد حڪومت کي ڏوڪڙ پڻ ڏنا ويندا.

 

1991-11-30 پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي مملڪتي وزير راجا نادر پرويز لاهور ۾ چيو ته حڪومت هر قيمت تي ڪالا باغ ڊيم ٺاهيندي.

 

مهينو ڊسمبر

1991-12-3 پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي مملڪتي وزير نادر پرويز ڪراچي ۾ چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڪالا باغ ڊيم رٿا ترڪ نه ڪئي ويندي ڊيم جي مخالفت ڪندڙ ملڪ ۽ قوم جا دشمن آهن.

 

1991-12-3 جيئي سنڌ تحريڪ جي مرڪزي صدر گل محمد جکراڻي جهڏي ۾ چيو ته ڪالا باغ ڊيم بنائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سنڌي ڪفن ٻڌي ٻاهر نڪري ايندا.

 

1991-12-8 سرحد اسيمبلي جي ميمبر سيد قائم شاه حڪومت کان گهر ڪئي ته ڪنهن دير وجهڻ کان سواءِ ڪالا باغ ڊيم جي تعمير شروع ڪئي وڃي.

 

1991-12-9 جماعت اسلامي سرحد جي اڳواڻ مولانا گوهر رحمان وفاقي حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪالا باغ ڊيم رٿا تي سمورن صوبن کان منظوري ۽ رضامندي ورتي وڃي.

 

1991-12-9 اخبارن ۾ خبرون ۽ تجزيا ڇپيا ته آءِ.جي.آءِ ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جڏهن ته انديشو آهي ته عوامي نئشنل پارٽي انهيءَ کان الڳ ٿي وڃي.

 

1991-12-10 عوامي تحريڪ جي سربراه رسول بخش پليجي چيو ته هنن سنڌ ۾ غير سنڌين جي آباد ڪاري ۽ ڪالا باغ ڊيم رٿا خلاف قومي لانگ مارچ ڪيو آهي. ڪالا باغ ڊيم ڪنهن به صورت ۾ ٺهڻ نه ڏبو.

 

1991-12-13 اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيون ته اسلام آباد ۾ وفاقي حڪومت جي لاڳاپيل وزيرن ۽ قومي اسيمبلي جي واسطيدار ميمبرن جي گڏجاڻي ۾ ڪالا باغ ڊيم جي مامري حل ڪرڻ لاءِ فارمولو تيار ڪيو ويو.

 

1991-12-13 بجلي ۽ پاني جي وفاقي مملڪتي وزير راجا نادر پرويز چيو ته ڪالا باغ ڊيم جي مامري تي ڪنهن سان به ڪو به سمجهوتو ڪونه ڪبو اهو هر حالت ۾ تعمير ڪرائبيو ويندو.

 

1991-12-15 ورلڊ بئنڪ جو وفد اسلام آباد پهتو ته جيئن ڪالا باغ ڊيم رثا ۾ مالي مدد ڏيڻ واري مسئلي تي سرڪار سان ڳالهه ٻولهه ڪئي وڃي.

 

1991-12-15 صوبائي وزير احمد علي جلباڻي ڊگهڙي ۾ وفد سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم چئني صوبن جي رضامندي سان ٺاهيو ويندو.

 

1991-12-15 ورلڊ بئنڪ جو با اختيار وفد اسلام آباد ۾ پهتو ته جيئن حڪومت سان ڪالا باغ ڊيم رٿا بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وڃي.

 

1991-12-17 جمهوري تحريڪ جي سربراه ڄام ساقي خيرپور ۾ لانگ مارچ دوران چيو ته ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ سان سنڌ ڪربلا ٿي ويندي.

 

1991-12-17 وزير اعظم پاڪستان ميان نواز شريف چيو ته ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو افهام تفهيم سان حل ڪيو ويندو.

 

1991-12-17 عوامي نئشنل پارٽي جي اڳواڻ اجمل خٽڪ حڪومت کي تاڪيد ڪيو ته اها ڪالا باغ ڊيم رٿا تان هٿ کڻي ٻي صورت ۾ سندس پارٽي الحاق کان الڳ ٿي ويندي.

 

1991-12-18 بجلي ۽ پاڻي جي وفاقي وزير ڄام يوسف ڪوئيٽا ۾ بيان ڏنو ته ڪالا باغ ڊيم ضرور تعمير ڪيو ويندو پر ان لاءِ سمورن صوبن کان رضامندو ورتو ويندو.

 

1991-12-18 اخبارن ۾ خبرون ڇپيون ته حڪومت انهيءَ ڳالهه تي سوچي رهي آهي ته ڪالا باغ ڊيم بابت ماهرن کي طلب ڪري ڪنهن نتيجي تي پهچجي.

 

1991-12-18 وزير اعظم پاڪستان انهيءَ ڳالهه کي ورجايو آهي ته ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ لاءِ صوبن جو رضامندو حاصل ڪيو ويندو.

 

1991-12-18 سرحد جي سابق صوبائي مييمبر پير صابر شاه تفصيلي انٽرويو دوران حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪالا باغ ڊيم جي تعمير جلد از جلد شروع ڪئي وڃي.

 

1991-12-18 خبرون ڇپيون ته وفاقي حڪومت ڪالا باغ ڊيم مسئلي جو سياسي طور جائزو وٺڻ کانپوءِ هاڻي سرحد صوبي جي فني ماهرن جي گڏجاڻي سڏائي رهي آهي.

 

1991-12-18 پيپلز پارٽي سرحد جي اڳواڻ آفتاب شير پائو سرحد حڪومت کان مطالبو ڪيو ته اها ڪالا باغ ڊيم رٿا بابت پنهنجي موقف کي واضح لفظن ۾ بيان ڪري.

 

1991-12-19 راڻيپور ۾ لانگ مارچ کي خطاب ڪندي ڄام ساقي چيو ته اسان ڪالا باغ خلاف پنهنجو احتجاج جاري رکنداسين.

 

1991-12-20 غير ملڪي اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيون ته ڪالا باغ ڊيم جي تعمير لاءِ عالمي بئنڪ وفاقي سرڪار تي دباءُ وڌو هي ته اها سنڌ ۽ سرحد جي اعتراضن جو سدباب ڪري.

 

1991-12-20 پشاور ۾ ائنٽي ڪالا باغ ڊيم ڪنوينشن“ ۾ سرحدي اڳواڻن ۽ اعجاز جتوئي چيو ته ڪالا باغ ڊيم ٺاهيو ويو ته پيدل مارچ ڪبو. هنن عالمي بئنڪ کان مطالبو ڪيو ته اها رٿ لاءِ رقم فراهم نه ڪري.

 

1991-12-20 ملڪ جي مختلف سياسي پارٽين ۽ اڳواڻن عالمي ادارن کي اپيل ڪئي ته ڪالا باغ ڊيم ملڪي مفادن ۾ ڪونهي ان ڪري وفاقي حڪومت جي ان ڏس ۾ ڪا به مدد نه ڪئي وڃي.

 

1991-12-21 پنجاب جي صوبائ وزير رانا ڦول محمد خان چيو ته ملڪ ۾ زرعي ۽ صنعتي انقلاب آڻڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم جي تعمير ضروري آهي. هن چيو ته چئن صوبن مان جيڪڏهن هڪ صوبو اها ڳالهه نه سمجهي ته به جمهوري فيصلي پٽاندڙ ڊيم ٺاهي سگهجي ٿو.

 

1991-12-22 رسول بخش پليجي حيدرباد ۾ چيو ته ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ کان پوءِ پاڪستان جو جواز ختم ٿي ويندو. پوءِ سنڌي ۽ پٺاڻ هڪ ٿي ملڪ ڊاهي رکندا.

 

1991-12-23 ميان نواز شريف حڪومت پرڏيهي ماهرن کان مدد ورتي ته جيئن اهي سرحد سرڪار کي فني ۽ ٽيڪنيڪي بنيادن تي ڪالا باغ ڊيم رٿا جو حامي بڻائين.

 

1991-12-24 رسول بخش پليجي سنڌ جي وڏي وزير ڄام صادق کان مطالبو ڪيو ته هو ڪالا باغ ڊيم بابت سنڌين جي انديشن کي دور ڪري.

 

1991-12-26 سابق ايم.اين.اي ۽ سرحد پي.پي جي اڳواڻ سردار علي خان حڪومت کان گهر ڪئي ته ڪالا باغ ڊيم رثا تي نظر ثاني ڪئي وڃي. ڇو ته ان سان سرحد جا پنج ضلعا متاثر ٿيندا.

 

1991-12-28 ”جنگ“ اخبار ۾ ”ڪالا باغ ڊيم پيش رفت جا اشارا“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل لکي حڪومت کي صلاحون ڏنيون ۽ رٿا جي تائيد ڪئي.

 

1991-12-28 ٺٽي ۾ سنڌي قومي لانگ مارچ کي خطاب ڪندي رسول بخش پليجي چيو ته ڪالا باغ ڊيم کي سنڌ مٿان مڙهڻ سان حالتون سنگين ٿي وينديون. سنڌ مان ڊيم جي حمايت ڪندڙن جو سوشل بائيڪاٽ ڪيو ويندو.

 

1991-12-30 حيدرآباد پريس ڪلب اڳيان اجتماع کي خطاب ڪندي ڄام ساقي چيو ته ڪالا باغ ڊيم رڳو سنڌين جو مسئلو ڪونهي پر جيڪڏهن اهو ٺهيو ته حيدرآباد ۽ ڪراچي به پاڻي ڦڙي لاءِ سڪندا.

 

1991-12-31 ”مساوات“ اخبار ۾ يوسف خان سرحديءَ جو مضمون ”ڪالا باغ ڊيم جي حقيقت چا آهي؟“ جي عنوان سان شايع ٿيو. جنهن ۾ حڪومت کي هوڏ تان لهڻ لاءِ چيو ويو.

 

سال 1992ع

مهينو جنوري

1992-1-1 رسول بخش پليجي ميمڻ ڳوٺ ۾ لانگ مارچ کي خطاب ڪندي ٻين ڳالهين سان گڏ اهو به مطابلو ڪيو ته ڪالا باغ ڊيم رٿا ختم ڪئي وڃي.

 

1992-1-2 سکر کان هليل سنڌي قومي احتجاجي لانگ مارچ قافلو بلوچ ڪالوني پهتو ته بينظير ڀٽي، سيد قائم علي شاه، آفتاب شعبان ميراڻي، عبدالله شاهه ۽ نبيل گبول ساڻن ملي مبارڪون ڏنيون.

 

1992-1-2 لانگ مارچ جي خاتمي تي رسول بخش پليجي جي سرواڻي ۾ گورنر کي چاليهه مطالبن تي ٻڌل يادداشت نامو ڏنو ويو، جنهن ۾ اهو پڻ واضع ڪيو ويو ته ڪالا باغ ڊيم کي قبول نه ڪيو ويندو.

 

1992-1-2 سرحد جي سابق وزير ۽ جي.يو.آءِ (ايف) جي اڳواڻ نواب زادي غلام حمير خان ڊيرا اسماعيل خان ۾ انٽرويو ڏيندي چيو ته ملڪي ترقيءِ لاءِ ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت تمام ضروري آهي.

 

1992-1-2 فرنٽيئر پوسٽ ۾ الطاف حسين جو مضمون ڇپيو جنهن ۾ هن چيو ته ڪالا باغ ڊيم رٿا پنهنجي خرچ، فني لحاظ، سياسي اختلافن ۽ ڪارڻن ڪري شايد پنهنجي موت مري وڃي.

 

1992-1-5 سرحد جي صنعت واري وزير اسلم سينواڻي لاهور ۾ چيمبر آف ڪامرس ائنڊ انڊسٽري کي کي خطاب ڪندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم رٿا کي سياسي رنگ نه ڏنو وڃي ۽ فني ۽ ٽيڪنيڪي بنيادن تي ان بابت فيصلو ڪجي.

 

1992-1-8 خبرون ڇپيون ته سرحد سرڪار ميمبرن کي ڪالا باغ ڊيم تي اتفاق راءِ قائم ڪرڻ ۾ ناڪام وئي ۽ واپڊا جا عملدار فني لحاظ کان ڊيم قائم ڪرڻ تي کين قائل ڪري نه سگهيا.

 

1992-1-8 سرحد سرڪار آءِ.جي.آءِ ۽ جي.يوآءِ سان لاڳاپيل سرحد اسيمبلي جي ميميبرن کي ڪالا باغ ڊيم رٿا بابت بريفنگ ڏني ته جيئن ڊيم بابت سندن حمايت ۽ همدردي ورتي وڃي.

 

1992-1-8 جماعت اسلامي جي نائب امير ۽ سرحد اسيمبلي ۾ جماعت اسلامي جي ڊپٽي پارليامينٽري اڳواڻ ڊاڪٽر محمد يعقوب پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم جو فيصلو فني ۽ ٽيڪنيڪي بنيادن تي ئي ٿي سگهي ٿو ۽ نه ڪي سياسي بنيادن تي.

 

1992-1-9 لاهور ۾ جي.يو.آءِ جي پارليامينٽري پارٽي ۽ مرڪزي مجلس عامله جي گڏجاڻي ٿي. هي ميڙ ڪالا باغ ڊيم رٿا تي مواقف ۽ مخالفت ۾ ورهائجي ويو.

 

1992-1-10 وفاقي وزير ريلوي، غلام احمد بلور اسلام آباد ۾ چيو ته ڪالا باغ ڊيم ملڪي مفاد خلاف آهي. جيڪڏهن هن سان ڪو مناظرو ڪرڻ چاهي ته هي تيار آهي.

 

1992-1-13 آفتاب احمد شير پائو انهيءَ آئيني ترميم جي مخالفت ڪرڻ جو ارادو ورجايو جنهن مطابق ڪالا باغ ڊيم رٿا کان متاثر ٿيندڙن کي سرڪار ڏوڪڙ ڏئي سگهندي.

 

1992-1-15 ملڪ محمد قاسم پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي صلاح ڏني ته ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ آئين جي آرٽيڪل (2) (161) ۾ ترميمي ڪئي وڃي ته جيئن سرحد ۽ ان جي متاثر ٿيندڙ ماڻهن جي مالي مدد ڪري سگهجي. هن سياستدانن کي چيو ته اهي ڊيم رٿا کي سياسي ايجنڊا نه بڻائين.

 

1992-1-15 سابق وفاقي سيڪريٽري بجلي ۽ پاڻي عبدالرحيم چيو ته ڪالا باغ ڊيم جي منفي اثرن وارا خدشا اجايا آهن هن انهن ڳالهين کي رد ڪيو ته ڪو ڊيم مان ڪو نقصان ٿيندو.

 

1992-1-16 ڊيري اسماعيل خان جي وڏيري رٽائرڊ ميجر قيصر چيو ته اسان پنهنجي ضلعي جا زميندار ڊيم جي حق ۾ آهيون ۽ اهو ٺهڻ گهرجي.

 

1992-1-16 سرحد اسيمبلي ۾ ڪالا باغ ڊيم رٿا بابت سخت بحث ٿيو. جنهن ۾ عوامي نئشنل پارٽي ۽ پي.ڊي.اي جي ميمبرن هڪ ٻئي تي ڇوهه ڇنڊيا، پي.ڊي.اي وارن چيو ته اي.اين.پي ڏوڪڙ ورتا آهن ۽ اي.اين.پي وارن چيو ته پاليسي غير واضع آهي.

 

1992-1-16 لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي بجلي ۽ پاڻي جي وفاقي وزير ڄام يوسف چيو ته ڪالا باغ ڊيم سياسي مسئلو بڻايو ويو آهي ۽ حڪومت انهيءَ حوالي سان ڊيم جي حمايت حاصل ڪندي.

 

1992-1-18 خان عبدالولي خان بنير ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته ڪنهن کي به مجال ڪونهي ته ڪالا باغ ڊيم ٺهرائي. هن موقعي تي ۽ مسئلي تي غلام احمد بلور، فريد طوفان ۽ عبدالمتين پڻ تقريرون ڪيون.

 

1992-1-18 قومي اسيمبلي جي ميمبر پرويز علي شاه لاڙڪاڻي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم ٺهيو ته سنڌ جي 90 لک ايڪڙ زمين بنجر ٿي ويندي.

 

1992-1-19 عوامي نئشنل پارٽي ضلعي اوڀر وارڊ ولي ڪالوني ۾ آفيس جو افتتاح ڪندي اورنگزيب خان چيو ته جيڪڏهن ڪالا باغ ڊيم ٺهيو ته اسان حڪومت خلاف تحريڪ هلائينداسين.

 

1992-1-19 پيپلز پارٽي اڳواڻ جي پرويز شاه چيو ته سندس پارٽي جي حڪومت واري دور ۾ هنن ڪالا باغ بابت سي.سي.آءِ جو اجلاس نه گهرايو هو، ليڪن موجوده نواز شريف حڪومت ايئن ڪيو آهي. جي ڊيم ٺهيو ته سنڌ جي نوي لک ايڪڙ زمين بنجر ٿي ويندي.

 

1992-1-20 خان عبدالولي خان انهيءَ ڳالهه کي ٻيهر ورجايو ته جيڪڏهن سرڪار ڪالا باغ ڊيم ٺهرائڻ کان نه مڙي ته ڊيم کي بم سان اڏايو ويندو.

 

1992-1-21 خان عبدالولي خان پشاور ۾ خان غفار خان جي چوٿين ورسيءَ واري ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن حڪومت هوڏ تان نه لٿي ۽ ڪالا باغ ڊيم ٺهرائڻ جو ڪم شروع ڪيائين ته اسان ان کي بم هڻي ختم ڪنداسين.

 

1992-1-22 ڪراچي ۾ ”ائنٽي ڪالا باغ ڊيم فرنٽ“ ٺاهيو ويو جنهن جو ڪنوينر قومي اسيمبليءَ ۾ ڊپٽي آپوزيشن ليڊر خان افضل خان کي بڻايو ويو. رسول بخش پليجي، عبدالحفيظ پيرزادي، فتحياب علي خان ۽ لطيف آفريدي ۽ سندس پارٽين کي ان جو ميمبر بڻايو ويو.

 

1992-1-23 پاڪستان مسلم ليگ قاسم گروپ جي اڳواڻ ملڪ قاسم ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم جي تعمير ملڪي ترقي ۽ مفاد ۾ آهي. هن تجويز ڏني ته حڪومت آئين ۾ تبديلي آڻي متاثر ٿيندڙ کي معاوضي ڏيڻ لاءِ راهه هموار ڪري.

 

1992-1-24 ڪراچي جي پريس ڪلب ۾ صحافين کي خطاب ڪندي ملڪ محمد قاسم چيو ته ملڪ جي اقتصادي مفادن کي ڌيان ۾ رکي ڪالا باغ ڊيم جي تعمير وارو ڪم شروع ڪرائجي. هن چيو ته سرحد جي متاثر ٿيدڙن کي معاوضو ڏنو وڃي.

 

1992-1-24 حيدرآباد ۾ عوامي تحريڪ جو مرڪزي اجلاس ٿيو. جنهن ۾ ٻين مسئلن کان سواءِ ڪالا باغ ڊيم رٿا خلاف ٺهراءُ واپس ڪيا ويا ۽ ڊيم رٿا خلاف جدوجهد جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

 

1992-1-26 ”ائنٽي ڪالا باغ ڊيم فرنٽ“ جي اڳواڻن خان افضل خان، رسول بخش پليجي، معراج محمد خان، اعجاز جتوئي ۽ فتحياب علي خان ڪراچي ۾ بيان جاري ڪيو ته ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت صوبن وچ ۾ نفرت کي جنم ڏيندي ۽ ملڪي مفاد ۾ نه آهي.

 

1992-1-28 نوازشريف سرڪار سرحد جي سياستدانن ۽ ٻين ڌرين سان وري رابطا قائم ڪرڻ شروع ڪيا ته جيئن کين ڪالا باغ ڊيم رٿا بابت قائل ڪري سگهجي.

 

1992-1-28 اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيون ته آءِ.جي.آءِ سرڪار ٻيهر ڪوششون وٺي رهي آهي ته جيئن ڪالا باغ ڊيم بابت سنڌ ۽ سرحد کي هم خيال بڻايو وڃي.

 

1992-1-29 پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير ڄام يوسف چيو ته وزير اعظم جي پرڏيهي دوري کان واپس اچڻ بعد ڪئبنيٽ گڏجاڻي ۾ ڪالا باغ ڊيم رٿا تي غور ڪبو ۽ ملڪ محمد قاسم طرفان تجويز ڪيل آئيني ترميم تي ويچار ڪبو.

 

1992-1-30 سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي صدر سيد قمر زمان شاهه مذمت ڪندي انهي ڳالهه تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته ڪالا باغ ڊيم رٿا ۾ ٻيهر روح ڦوڪڻ لاءِ آءِ.جي.آءِ حڪومت ۽ پي.ڊي.اي جو اڳواڻ ملڪ قاسم ڪوششون وٺي رهيا آهن.

 

1992-1-31 ملڪ محمد قاسم آسلام آباد ۾ صحافيت کي ٻڌايو ته ڪالا باغ ڊيم ملڪي مفاد واري رٿا آهي. پختونن ۽ سنڌين جا خدشا ختم ڪري ان جي تعمير ڪئي وڃي.

 

1992-1-31 ڪراچي جي بادشاه خان چونڪ تي عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي بيگم نسيم ولي خان چيو ته پختون ڪنهن به صورت ۾ ڪالا باغ ڊيم جي تعمير ٿيڻ نه ڏيندا. ميڙ کي امين خٽڪ، اورنگزيب خان ۽ ڊاڪٽر عنايت الله خان به خطاب ڪيو ۽ ساڳين جذبن جو اظهار ڪيو.

 

1992-1-31 عوامي نئشنل پارٽي سرحد جي جنرل سڪيريٽري ۽ اطلاعات سيڪريٽري پنهنجي پارٽي اڳواڻ ۽ وفاقي وزير اجمل خٽڪ جي انهن بيانن جي ندا ڪئي جنهن ۾ هن ڊيم بابت همدرديون ڏيکاريون آهن ۽ کيس بيان ذريعي گذارش ڪئي ته پختونن جي جذبن جو احترام ڪري.

 

1992-1-31 حيدرآباد ۾ بيان ڏيندي رسول بخش پليجي چيو ته ڪالا باغ ڊيم لاءِ آئيني ترميمون ڪرڻ سنڌ خلاف سازش برابر آهن.

 

مهينو فيبروري

1992-2-1 جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين سيد غلام شاهه حيدرآباد ۾ چيو ته سنڌي ماڻهون ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت برداشت نه ڪندا.

 

1992-2-1 سنڌ جي سياستدانن ممتاز ڀٽي، رسول بخش پليجي ۽ حفيظ پيرزادي، پي.ڊي.اي جي اڳواڻ طرفان سرحد ۽ پنجاب ۾ اتفاق راءِ يدا ڪرڻ جي ڪوشش ۽ ڊيم ٺاهڻ لاءِ سنڌ کي معاوضو ڏيڻ واري فارمولي کي رد ڪيو آهي.

 

1992-2-1 ڪراچي ۾ صوبيدار (رٽائرڊ) ملڪ غلام حسين جي چيئرمني ۾ ڪالا باغ ڊيم تحريڪ جو بنياد وڌو ويو ته جيئن تحريڪ هلائي ماڻهن کي هم خيال ڪجي ته ڊيم جي اڏاوت ٿيڻ گهرجي.

 

1992-2-2 ممتاز علي ڀٽي، رسول بخش پليجي، عبدالحفيظ پيرزادي پي.ڊي.اي اڳواڻ ملڪ قاسم جي ڊيم بابت بيانن جي مذمت ڪئي ۽ چيو ته ڪال باغ ڊيم خلاف سنڌ ۾ محاذ جوڙيو ويندو.

 

1992-2-3 سنڌ چيمبر آف ايگريڪلچر جي صدر قمر زمان شاه جي صدارت هيٺ سڏايل اجلاس ۾ ٺهراءُ پاس ڪري ڪالا باغ ڊيم رٿا کي رد ڪيو.

 

1992-2-3 پي.اين.پي سنڌ جي صدر اعجاز جتوئي پنجاب اڳواڻن ۽ خاص طور تي ملڪ قاسم طرفان ڪالا باغ ڊيم جي حق ۾ آئيني ترميمن آڻڻ ۽ ٻين شگرمين جي مذمت ڪندي واضح ڪيو ته ڪالا باغ ٺهيو ته ملڪ کي نقصان پهچندو ۽ ان جا ذميوار حڪمران هوندا.

 

1992-2-3 صوبائي وزير سيد مظهر حسين شاه حيدر آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت بابت صرف اخبارن ۾ قياس آرايون آهن.

 

1992-2-9 لاهور ۾ انٽرنئشنل ڊرئينج ورڪشاپ جي افتتاح ڪرڻ کان پوءِ صحافين سان ڳالهائيندي بجلي ۽ پاڻي جي مملڪتي وزير راجا نادر پرويز چيو ته ملڪي مفاد خاطر ڪالا باغ ڊيم ضرور ٺهندو.

 

1992-2-10 پختون خواه قومي پارٽي جي مرڪزي ثقافتي سيڪريٽري نثار مظلوم ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ڪندي ائٽمي فرنٽ جي اڳواڻن کي چيو ته اهي اقوام متحده کي صورتحال کان آگاه ڪن ۽ امداد ڏيندڙن ادارن خواه ملڪن کي اپيل ڪن ته ڊيم جي مد لاءِ قرض يا ڏوڪڙ نه ڏين.

 

1992-2-12 ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي جنرل سيڪريٽري ڊاڪٽر هاليپوٽي حيدرآباد چيو ته ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جو ڪو جواز ڪونهي.

 

1992-2-14 واپڊا جي چيئرمين زاهد علي اڪبر چيو ته ملڪ جي بجلي ۽ پاڻي جي مسئلن حال ڪرڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم جي تعمير نهايت ضروري آهي.

 

1992-2-15 جساف ماتلي جي عهديدارن گڏيل بيان ۾ چيو ته ڪالا باغ ڊيم سنڌ دشمن منصوبو آهي ۽ سنڌ واسي انهيءَ کي مڪمل ڪرڻ نه ڏيندا.

 

1992-2-17 ”ڪالا باغ ڊيم واٽر فورم“ جي چيئرمين ميجر رٽائرڊ امين اثاٿه ڊيري اسماعيل خان مان پريس بيان ڪڍي غلام احمد بلور جي انهن بيانن جي مذمت ڪئي جنهن ۾ هن ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ڊيم ٺاهيو ويو ته سندس پارٽي حڪومت کي ڇڏي ڏيندي.

 

1992-2-17 سرحد جي سابق وڏي وزير ۽ اي.اين.پي جي اڳواڻ ارباب جهانگير پارليامينٽ هائوس جي ڪيفي ٽيريا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت کي ورجائيندي چيو ته ان مان سرحد صوبي کي وڏو نقصان ٿيندو.

 

1992-2-18 سرحد جي سابق وڏي وزير صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته سرحد صوبو ڪنهن به قيمت تي ۽ ڪنهن به صورت ۾ ڪالا باغ ڊيم رٿا جي منظوري نه ڏيندو. هن واضح طور تي رٿا جي مخالفت ڪئي.

 

1992-2-19 پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي مملڪتي وزير راجا نادر پرويز صحافين کي ٻڌايو ته ڪالا باغ ڊيم رٿا تي هم خيال بنائڻ جي ڪوشش ۾ اي.اين.پي کي جلد بريفنگ ڏني ويندي.

 

1992-2-19 قومي اسيمبلي ۾ صدر جي خطاب تي بحث دوران ڪالا باغ ڊيم رٿا تي شديد بحث ٿيو.

 

1992-2-21 پختون خواه ملي پارٽي جي جنرل سڪيريٽري پنهنجي پارٽي سان لاڳاپيل شاگرد ونگ جي ڊويزنل ڪنوينشن کي خطاب ڪندي ڪرڪ ۾ چيو ته اسان ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ۾ آهيون ڇو ته ان سان نه فقط سرحد کي نقصان پهچندو پر قومي اتحاد کي به ڇيهو رسندو.

 

1992-2-21 واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ زاهد علي اڪبر چيو ته واپڊا فقط حڪومت جي اشاري جي انتظار ۾ آهي ته ڪڏهن ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ شروع ڪجي. واپڊا تفصيلي گذارشون ۽ سفارشون پيش ڪيون آهن.

 

1992-2-24 بجلي ۽ پاڻي جي وفاقي مملڪتي وزير راجا نادر پرويز چيو ته اي.اين.پي ڪالا باغ ڊيم رٿا تي حڪومت کي بليڪ ميل نه ٿي ڪري. ڊيم ملڪ جي ترقي لاءِ ضروري آهي ۽ ٺهندو.

 

1992-2-25 ائنٽي ڪالا باغ ڊيم فرنٽ جي اڳواڻن اسلام آباد ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس ڪندي اعلان ڪيو ته رمضان شريف کان پوءِ ڊيم خلاف تحريڪ هلائي ويندي. هنن حڪومت کي چئلينج ڪيو ته اها ڊيم بابت ساڻن مناظرو ڪن ۽ هي فرنٽ پنجاب کان سواءِ باقي صوبن ۽ خطن جي ستن پارٽين تي ٻڌل آهي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندڙن مان محمد افضل خان، اعجاز جتوئي، گل محمد جکراڻي، عبدالمجيد ڪانجو، رسول بخش پليجي ۽ منظور گهنجي جا نالا ذڪر لائق آهن.

 

1992-2-26 ائنٽي ڪالا باغ ڊيم محاذ سان لاڳاپيل قيادت اسلام آباد ۾ حڪومت کي چئلينج ڪيو آهي ته هوءَ ڪالاباغ ڊيم جي مامري تي هنن سان مناظرو ڪري.

 

1992-2-27 ”پاڪستان“ اخبار ”ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ۾ محاذ“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل شايع ٿيو. جنهن ۾ ڇهن سياسي پارٽين طرفان ائنٽي ڪالا باغ ڊيم فرنٽ ٺاهڻ کي ڌيان ۾ رکي سرڪار کي صلاحون ڏنيون ويون.

 

1992-2-28 بجلي ۽ پاڻي جي وفاقي وزير ڄام يوسف منگا منڊي ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم رٿا تي هيل تائين 22 ارب روپيا خرچ ٿي چڪا آهن. ڊيم ضرورو ٺهرائبو ءُ ان لاءِ مڙني ڌرين کي اعتماد ۾ وٺبو.

 

1992-2-28 پيٽروليم جي وفاقي وزير چوڌري نثار علي سکر ۾ چيو ته ڪالا باغ ڊيم هر حالت ۾ ٺاهيو ويندو پوءِ ان لاءِ اسان کي ڪهڙي ۽ ڪيتري به قيمت ڏيڻي پوي.

 

1992-2-28 پيپلز پارٽي حيدرآباد ڊويزن جي اجلاس ۾ ٺهراءُ پاس ڪري ڪالا باغ ڊيم کي رد ڪيو ويو ۽ حڪومت کان گهر ڪئي وئي ته انهيءَ سلسي ۾ اڳ ۾ اتفاق راءِ قائم ڪيو وڃي.

 

1992-2-28 جماعت مشائخ پاڪستان جي چيف صاحبزادي نعيم الرحمان انٽرويو ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ زرعي ۽ صعنعتي انقلاب آڻڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ تمام روري آهي.

 

1992-2-28 پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير ڄام يوسف ميانوالي ۾ چيو ته ڪالا باغ ڊيم مسئلي تي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ لاءِ موثر قدم کنيا پيا وڃن.

 

1992-2-28 فاضل راهو جي پنجين ورسي جي موقعي تي شرڪت ڪندڙن جي وڏي انگ ٺهراءُ منظور ڪري ڪالا باغ ڊيم رٿا کي بدنيتي تي ٻڌل قرار ڏنو ۽ حڪومت کان مطالبو ڪيو ته انهيءَ کي رد ڪرڻ جو اعلان ڪري.

 

1992-2-28 پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير ڄام يوسف چشما وٽ مزدور ليبر ريلي کي خطا ڪندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم بابت اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ جلد ڪنهن نتيجي تي پهچبو.

 

1992-2-29 حيدرآباد ڊويزن پيپلز پارٽي جي ڪنوينشن ۾ ٺهراءُ ذريعي حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته ڪالا باغ ڊيم جهڙي تنازعي واري رٿا تان هٿ کنيو وڃي.

 

مهينو مارچ

1992-3-2 راولپنڊي پريس ڪلب ۾ ”صحافين سان ملاقات“ واري پراگرام کي خطاب ڪندي اي.اين.پي جي اڳواڻ ۽ ريلوي جي وفاقي وزير غلام احمد بلور چيو ته سرڪار ڊيم ٺاهڻ تي ضد ڪيو ته اسان حڪومت ڇڏي ڏينداسين.

 

1992-3-2 چشما بئراج تي صحافين سان ڳالهائيندي پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير ڄام يوسف چيو ته حڪومت ڪالا باغ ڊيم کي ملڪي ترقي لاءِ ضروري ڄاڻي ٿي ۽ ان جي اڏاوت ضرور ڪرائيندي.

 

1992-3-3 پنجاب جي وڏي وزير غلام حيدر وائين چيو ته اسان فقط ڪالا باغ ڊيم نه، ليڪن ڪيترن ڊيمن ٺاهڻ جو حق رکون ٿا.

 

1992-3-4 ”ڊان“ اخبار ۾ ڪالا باغ ڊيم بابت ايڊيٽوريل شايع ٿيو. جننهن ۾ سرڪار کي صلاح ڏني وئي ته جيستائين ڪو اتفاق راءِ پيدا نه ٿو ٿئي. ان وقت تائين انهيءَ موضوع تي نه ڳالهائجي ۽ متبادل منصوبن تي ڪم شروع ڪجي.

 

1992-3-4 بجلي ۽ پاڻي جي وفاقي وزير ڄام يوسف ڊيري اسماعيل خان ۾ مختلف وفدن سان ڳالهائيندي چيو ته سرڪار ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ واري خيال تان هٿ نه کنيو آهي بلڪه اهو ٺاهڻ چاهي ٿي.

 

1992-3-4 ”ڪالا باغ ڊيم ٺاهيو تحريڪ“ جي ڪنوينر ملڪ فتح خان ڪراچي ۾ چيو ته ڪالا باغ ڊيم سمورن صوبن ۽ ملڪي مفاد ۾ آهي ڪو به مناظرو ڪري ته اسان تيار آهيون.

 

1992-3-8 ضلعي خوشاب جي ڪسان بورڊ جي جنرل سيڪريٽري اختر سليم حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪالا باغ ڊيم هڪدم ٺهرايو وڃي.

 

1992-3-8 پختون خواه ملي پارٽي جي چيف محمود خان اچڪزئي چيو ته حڪومت ٽن صوبن جي راءِ جي احترام ڪرڻ بدران ڪالا باغ ڊيم رٿا تي عمل ڪرڻ لاءِ هوڏ ڪئي آهي. سنڌ ۽ سرحد کي پهچندڙ نقصان کي ڌيان ۾ رکي رٿا ختم ڪئي وڃي.

 

1992-3-8 پختون خواه ملي پارٽي جي رهبر محمود خان اچڪزئي منگورا ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي چيو ته اسان به بنهه ايئن ڪالا باغ ڊيم رٿا کي رد ڪيون ٿا. جيئن ٽن صوبن ڪيو آهي ڪالا باغ ڊيم نه ٺهڻ گهرجي.

 

1992-3-10 صدر جي خطاب تي بحث دوران عوامي نئشنل پارٽي سان لاڳاپيل سينيٽ ميمبرن ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ڪئي.

 

1992-3-11 خبرون تبصرا ۽ تجزيا ڇپيا ته آءِ.جي.آءِ جو اتحاد ڪالا باغ ڊيم رٿا جي مسئلي تي خطري ۾ پئجي سگهجي ٿو. وزير اعظم تي پنجاب جو زور آهي ته ڊيم ٺهي. جڏهن سندس سرحدي اتحادي اي.اين.پي ان جي خلاف آهي.

 

1992-3-15 اجمل خٽڪ چيو ته جيڪڏهن سرحد جي وڏي وزير ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ تي رضامندو ڏنو آهي ته هن کي استعيفي ڏيڻ گهرجي. ڇو ته ٽن صوبن جو عوام ان کي رد ڪري چڪو آهي. هن چيو ته جيڪڏهن ڪالا باغ ڊيم ٺهيو ته قوم لاءِ وڏو سانحو ٿيندو.

 

1992-3-15 اي.اين.پي اڳواڻ اجمل خٽڪ پشاور مان ڪڍيل پريس بيان ۾ چيو ته اسان هر وجه ۽ هر طرح سان ڪالاباغ ڊيم رٿا کي رد ڪيو آهي ۽ ڪائونسل آف ڪامن انٽريسٽ جي فيصلي کي به رد ڪيون ٿا. جنهن ڊيم رٿا جي منظوري ڏني وئي آهي.

 

1992-3-15 فيصل آباد ۾ افطار پارٽي کي خطاب ڪندي مملڪتي وزير راجا پرويز نادر چيو ته ملڪ جي اقتصادي خوشحالي لاءِ ڪالا باغ ڊيم تمام ضروري آهي، هن ٻڌايو ته سندس حڪومت فني ۽ تيڪنيڪي بنيادن تي ڊيم تسليم ڪرائڻ لاءِ تيار آهي.

 

1992-3-20 سرحد جي وڏي وزير مير افضل خان چيو ته ضياالحق جي دور ۾ ڪالا باغ ڊيم کي سياسي رنگ ڏنو ويو پر هن دور ۾ سنجيدگي سان ڊيم بابت غورويچار ٿي رهيو آهي ۽ ٻن متبادل تجويزن جو مطالعو ڪيو پيو وڃي.

 

مهينو اپريل

1992-4-1 وزير اعظم نواز شريف پنهنجي وزيرن کي صلاح ڏني ته هنن کي جيڪڏهن حڪومت جي ڊيم بابت پاليسي پسند نه آهي ته استعيفا ڏئي ڇڏن ليڪن ان تي اختلافي ۽ اجايا بيان نه ڏين.

 

1992-4-1 پاڪستان سرائڪي پارٽي جي اڳواڻ تاج محمد لانگاهه ملتان ۾ چيو ته ڪالا باغ ڊيم جي حق ۾ آهي ڇو ته ان مان سرائڪي خطي کي فائدو ملندو.

 

1992-4-9 لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي صدر اسحاق چيو ته ڪالا باغ ڊيم ملڪي مفاد ۾ ته آهي پر ان تي اختلاف به پيدا ٿي چڪا آهن حڪومت کي ڪوشش وٺي اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ گهرجي.

 

1992-4-13 حيدرآباد ۾ ”ڪاوش“ ۽ ”خادم وطن“ پاران پاڻي جي معاهدي تي فورم سڏايو ويو، فورم ۾ سرڪاري ڌر ٺاه جي واکاڻ ڪئي جڏهن ته باقي ٻين انهيءَ موقف کي بي معني قرار ڏنو.

 

1992-4-16 ورلڊ سنڌي ڪانگريس طرفان جاري ڪيل ڪالا باغ ڊيم رٿا خلاف ررپورٽ شايع ٿي جنهن مثال ڏئي ثابت ڪيو ويو ته اهي ڊيم سنڌ جي مفاد خلاف آهن.

 

1992-4-23 مملڪتي وزير راجا نادر پرويز اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي انهي ڳالهه کي ورجايو ته هو ۽ سندس حڪومت جو پڪو ارادو آهي ته ڊيم ٺهڻ گهرجي ڇو ته ان مان ملڪ کي فائدو آهي.

 

1992-4-23 حيدرآباد ۾ اعجاز جتوئي جي بنگلي تي ”ائنٽي ڪالا باغ ڊيم فرنٽ“ جي گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ ڊيم رٿا خلاف تحريڪ هلائڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

 

1992-4-28 ڪراچي ۾ صحافين کي آگاهي ڏيندي ”ائنٽي ڪالا باغ ڊيم“ فرنٽ جي اڳواڻ افضل خان چيو ته ڪالا باغ ڊيم خلاف ڀرپور ۽ با اثر تحريڪ شروع ڪئي ويندي. ان سلسي ۾ سياستدانن وزيرن ۽ مالي امداد ڏيندڙ ادارن مان رابطو قائم ڪيو ويندو.

 

1992-4-30 لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مملڪتي وزير راجا نادر پرويز چيو ته ورلڊ بئنڪ ڪالا باغ ڊيم جي تعمير لاءِ قرض ڏيڻ لاءِ تيار آهي، البته اسان کي اڃان ڊيم تي اتفاق راءِ قائم ڪرڻ لاءِ سياسي پيچرو پڻ وٺڻو آهي.

 

مهينو مئي

1992-5-3 صدر انڊس رور سسٽم اٿارٽي آرڊيننس 1992 لاڳو ڪيو جنهن ذريعي ملڪ ۾ ”پاڻي جي ٺاهه“ مطابق صوبن کي پاڻي ڏيڻ ۾ آيو.

 

1992-5-4 جيئي سنڌ جي سمورن ڌڙن ۽ انهن جي ذيلي شعبن ڪالا باغ ڊيم رٿا کي رد ڪندي حڪومت جي ان ڏس ۾ اختيار ڪيل حڪمت عملي طريقيڪار ۽ ڪم جي مذمت خواه مخالفت ڪئي.

 

1992-5-10 پي.ڊي.اي جي اڳواڻ ۽ فيصل آباد مان قومي اسيمبلي جي ميميبر راءِ اسلم چيو ته پاڻي جو ٺاه ان وقت تائين عمل جوڳو ناهي جيستائين ڪالا باغ ڊيم تعمير نه ٿو ڪيو وڃي.

 

1992-5-11 بجلي ۽ پاڻي جي مملڪي وزير راجا نادر پرويز قومي اسيمبلي ۾ نويد قمر جي سوال جي جواب ۾ چيو ته ڪالا باغ ڊيم بابت خدشن، انديشن ۽ اعتراضن جي سدباب ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ اعلي سطح تي ڊيم رٿا بابت ويچارڻو آهي.

 

1992-5-17 آئنٽي ڪالا باغ ڊيم فرنٽ“ جي پروگرام ڪاميٽي جي گڏجاڻي ٿي. جنهن ۾ ڊيم رٿا جي فني ۽ ٻين پهلوئن سان لاڳاپيل اوڻائين جي نشاندهي ڪئي وئي.

 

1992-5-19 واپڊا جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ زاهد علي اڪبر خان ڪراچي ۾ چيو ته صوبن جا اعتراض ختم ڪيا ويا آهن ان ڪري ڪالا باغ ڊيم بابت جلد فيصلو ٿيندو.

 

1992-5-26 جمعيت علماءِ اسلام جي مجلس شوريٰ سکر ۾ اجلاس ڪري اهو فيصلو ڪيو ته ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوٽ شرعي طور تي غير شرعي آهي.

 

1992-05-31 واپڊا جي چيئرمين لاهور ۾ بيان ڏنو ته ڪالا باغ ڊيم رٿا بابت سرحد ۽ سنڌ واسين کي جيڪي خدشا هئا سي ختم ڪيا ويا آهن.

 

مهينو جون

1992-6-3 فرنٽيئر پوسٽ ۾ ڪالا باغ ڊيم بابت ايڊيٽوريل شايع ٿيو جنهن ۾ ڪنهن حد تائين رٿا جي تائيد ڪئي وئي.

 

1992-6-3 پاڪستان مسلم ليگ قاسم گروپ پنجاب جي صدر اسلام آباد ۾ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ توانائي جي کوٽ پوري ڪرڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوٽ اڻٽر آهي. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڊيم تي هڪدم ڪم شروع ڪجي.

 

1992-6-5 ”پڪار“ اخبار ”ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت بنا سبب ناهي“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل لکيو.

 

1992-6-6 اجمل خٽڪ چيو ته سندس پارٽي ڪال باغ ڊيم رٿا جي مخالفت جاري رکندي پوءِ ڇو نه چئني صوبن جا وڏا وزير ڊيم جا حمايتي ٿي وڃن.

 

1992-6-6 اي.اين.پي جي ترجمان راولپنڊي ۾ بيان جاري ڪندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم جي هاڃن جو ازالو ممڪن ڪونهي. ان ڪري سرڪار ڊيم اڏائڻ وارو خيال ترڪ ڪري.

 

1992-6-9 سابق سينيٽر انجنيئر قاضي عبدالمجيد واپڊا جي سبڪدوش ٿيندڙ چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ زاهد علي اڪبر جي انهي بيان ۽ وضاحت جو رد ڏنو، جنهن ۾ هن ڪالا باغ ڊيم جي رٿا کي مفيد ۽ عمل لائق چيو.

 

1992-6-17 صوابي ۾ عوامي ميڙ کي خطاب ڪندي بيگم نسيم ولي خان چيو ته ڪو به مائي جو لال ڪالا باغ ڊيم ٺاهي نه ٿو سگهي، جيڪو اهڙي ڪوشش ڪندو ان جو حشر خراب ٿيندو.

 

1992-6-18 بجلي ۽ پاڻي جي وفاقي وزير راجا نادر پرويز پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم جي رٿا عمل لائق آهي ۽ ان جي اڏاوت جو ڪو مکيه مسئلو در پيش ڪونهي.

 

1992-6-19 پنجاب اسيمبلي ۾ بجيٽ تي بحث دوران ميبرن ڪالا باغ ڊيم رٿا جي حق ۾ ڳالهايو ۽ اهو چيو ته غلام اسحاق خان جڏهن واپڊا جو چيئرمين هو، تڏهن هن ڪالا باغ ڊيم جي رٿا ٺاهي هئي، کيس گهرجي ته سرحد جي ماڻهن کي قائل ڪري.

 

1992-06-19 لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پاڻي ۽ بجلي جي مملڪتي وزير راجا نادر پرويز چيو ته عوامي نيشنل پارٽي جا اڳواڻ ڪالا باغ ڊيم جي رٿا خلاف بيان ڏئي ملڪ جي گهڻائي جي جذبن کي مجروح ڪري رهيا آهن. جڏهن ته ڪالا باغ ڊيم ملڪي ترقي لاءِ ضروري آهي ۽ ٺهندو به ضرور.

 

1992-6-19 صوبائي ميمبر حاجي محمد عديل پشاور مان مملڪتي وزير راجا نادر پرويز لاءِ جوابي بيان جاري ڪندي. ان جي مخالفت بابت هوڏ جي مايوسي جو اظهار ڪندي ڊيم جي مخالفت ڪئي.

 

1992-6-26 پنجاب جي وڏي وزير غلام حيدر وائين چيو ته ملڪي ترقي ۽ سستي بجلي لاءِ ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت تمام ضروري آهي ۽ ان کي قومي ڪاڄ سمجهي ڪم جي ابتدا ڪئي وڃي.

 

1992-6-27 سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير الاهي بخش سومري ڪراچي ۾ ڪالا باغ ڊيم بابت سڏايل سيمينار جو افتتاح ڪندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم مان ڪنهن به صوبي کي ڪو نقصان نه پهچندو، بلڪه سڀني کي فائدو ملندو.

 

1992-6-27 پاڪستاني سائنسدانن ۽ سائنس جي پيشي سان لاڳاپيل ماڻهن جي تنظيم(PASSP) جي اهتمام سان ڪراچي ۾ ٻن ڏينهن لاءِ ڪالا باغ ڊيم بابت سيمينار ٿيو.

 

1992-6-28 ڪراچي ۾ سڏايل ”ڪالا باغ ڊيم سيمينار“ ۾ مقالا پڙهندڙن جي اڪثريت فني ۽ ٽيڪنيڪي بنيادن تي ڊيم جي رٿا کي رد ڪري ثابت ڪيو ته ان جي تعمير نقصان ڪار ۽ ناممڪن آهن.

 

1992-6-28 ڪراچي ۾ سڏايل ڪالا باغ ڊيم بابت ٻن ڏينهن واري مذاڪري جي پهرين ڏينهن تي سائنس ۽ ٽيڪنالاجي جي وفاقي وزير الاهي بخش سومري خطاب ڪندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم ملڪي ترقي لاءِ اهم آهي.

 

1992-6-29 ”پڪار“ اخبار ”ڪالا باغ ڊيم ۽ حڪومت جو ضد“ جي عنوان سان ايڊيٽوريل لکيو جنهن ۾ ڪراچيءَ ۾ پاڪستان ايسوسيئيشن آف سائنس ائنڊ سائينٽيفڪ پروفيشن طرفان سڏايل مذاڪري تي بحث ڪيو ويو.

 

1992-6-29 ”فرنٽيئر پوسٽ“ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ ڪراچيءَ ۾ سڏايل ڪالا باغ ڊيم سيمينار کي ڌيان ۾ رکي راءِ قائم ڪئي ته هن سيمينار ڊيم خلاف فيصلو ڏنو آهي، جنهن کي نظر انداز نه ٿو ڪري سگهجي.

 

مهينو جولاءِ

1992-7-4 پاڪستان ايسوسيئيشن آف سائنٽسس ائنڊ سائنٽيفڪ پروفيشن سرڪار کي ڪالا باغ ڊيم رٿا بابت پنهنجي تيار ڪيل رپورٽ پيش ڪئي ۽ صلاح ڏني ته ڊيم وارو فيصلو في الحال مهمل ڪري بجلي تاجسڪتان مان گهرائي وڃي.

 

1992-7-6 ”فرنٽيئر پوسٽ“ پنهنجي ڪالم ”هفتي جو سوال“ ۾ ڪالا باغ ڊيم بابت ڪرايل جائزي جو نتيجو ٻڌايو ته گهڻن ماڻهن جو خيال آهي ته ڊيم ٺهڻ سان ملڪي اتحاد کي ڇيهو رسندو.

 

1992-07-17 واپڊا جي نئين چيئرمين ممتاز حميد تربيلا ۾ صحافيتن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم هڪ منافع بخش منصوبو آهي ۽ ملڪي ترقي لاءِ اهو ٺهڻ گهرجي.

 

1992-07-28 بجلي ۽ پاڻي جي مملڪتي وزير راجا نادر پرويز فيصل آباد ۾ چيو ته قوم ڪالاباغ ڊيم تي ڪم شروع نه ڪرائڻ ڪري 33 بلين روپين جو نقصان برداشت ڪيو آهي. حڪومت عوام کي وڌيڪ نقصان ڏيڻ نه ٿي چاهي ۽ ڊيم ٺهرايو ويندو.

 

1992-7-28 لاهور ۾ قائم ڪيل نئشنل انسٽيٽيوٽ آف ايڪنامڪس ۽ سوشل اسٽڊيز جي صدر ٿانور علي خان ۽ ٻين عملدارن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ڪالا باغ ڊيم جو ڪم ترت شروع ڪيو وڃي.

 

مهينو آگسٽ

1992-8-10 پنجاب جي نين چونڊيل عوامي نيشنل پارٽي جي قيادت پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته وزير اعظم پاڪستان سندن قيادت کي يقين ڏياريو آهي ته اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ کان سواءِ ڪالا باغ ڊيم جي تعمير نه ٿيندي.

 

1992-8-12 قومي اسيمبلي ۾ سوالن جا جواب ڏيندي بجلي ۽ پاڻي جي مملڪتي وزير راجا نادر پرويز چيو ته حڪومت ڪالا باغ ڊيم رٿا تي اسيمبلي ۾ بحث ڪرائڻ لاءِ تيار آهي ۽ هتي جيڪو فيصلو ڪيو ويندو سرڪار ان مطابق قدم کڻندي.

 

1992-8-16 قومي اسميبلي ۾ بحث دوران پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير ڄام يوسف چيو ته سنڌو ندي جي پاڻي وارو هيڊ ڪواٽر اسلام آباد منتقل ڪيو ويندو.

 

1992-8-16 قومي اسيمبلي ۾ پي.ڊي.اي جي سنڌي ميمبرن پاران ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ڪئي وئي. سيد خورشيد شاه، عبدالستار بچاڻي، نويد قمر ۽ رفيق مهيسر ”انڊس روراٿارٽي“ جي قيام جي مخالفت ڪئي.

 

1992-8-17 نيشنل اسيمبلي ۾ ڪالا باغ ڊيم تي ڳالهائڻ جي اجازت نه ڏيڻ تي ستار بچاڻي ۽ رفيق مهيسر ايوان جو بائڪاٽ ڪيو.

 

1992-8-17 صنعتن جي وفاقي وزير شيخ رشيد لاهور ۾ چيو ته حڪومت ڪالا باغ ڊيم جو منصوبو ختم نه ڪيو آهي، بلڪه اهو حڪومت جو اهميت ۽ اوليت وارو ڪم آهي.

 

1992-8-18 اي.اين.پي صوبائي صدر واجد علي خان واضح لفظن ۾ ڪالا باغ ڊيم رٿا جي مخالفت ڪندي چيو ته هي رٿا ملڪي اتحاد کي ٽڪرا ٽڪرا ڪرڻ جي سازش آهي.

 

1992-8-20 وفاقي حڪومت جي پلاننگ ڪميشن جي، ان جي ڊپٽي چيئرمين جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ملڪ جي بجلي ۽ پاڻي جي ضرورتن کي پوري ڪرڻ لاءِ ڪالا باغ ڊيم ٺاهيو وڃي. سنڌ سرڪار جون گهڻي ڀاڱي ڊيم بابت همدرديون ورتيون ويون آهن.

 

1992-8-20 قومي اسيمبلي ”روراٿارٽي بل“ جي منظور ڏني.

 

1992-8-21 سينيٽر سيد عباس شاهه جي صدارت هيٺ سينيٽ ۾ بجلي واري اسٽينڊنگ ڪاميٽي جي گڏجاڻي حڪومت کي چيو ته ڪالا باغ ڊيم بابت اتفاق راءِ پيدا ڪجي. واپڊا جي عملدارن ڪاميٽي کي ڪالا باغ ڊيم رٿا جي اهميت وغيره بابت ڄاڻ ڏني.

 

1992-8-25 پاڻي ۽ بجلي واري وفاقي وزير ڄام يوسف سينيٽ ۾ هڪ التوا جي تحريڪ تي ڳالهائيندي چيو ته پاڻي واري ورڇ تي ڪنهن کي به اعتراض ڪونهي ۽ سڀ صوبا انهي تي راضي آهن.

 

مهينو سيپٽمبر

1992-9-20 اجمل خٽڪل عوامي ميڙ کي خاب ڪندي چيو ته جيڪڏهن سرڪار ڪالا باغ ڊيم ٺاهيو ته پوءِ اسان سندن حڪومت مان ٻاهر نڪري اينداسين.

 

1992-9-20 سيد ديدار علي شاه جي رٿ تي سنڌ اسيمبلي ۾ ڪالا باغ ڊيم تي سخت بحث ٿيو، رٿ پيش ڪندڙ قائم علي شاه، منظور وساڻ، غني درس ۽ منور ٽالپر پڻ ڳالهايو البته سنڌ حڪومت پنهنجي غير واضح موقف تي برقرار رهيو.

 

مهينو آڪٽوبر

1992-10-3 وفاقي وزير ڄام يوسف چشما ۾ چيو ته ڪالا باغ ڊيم جي معاملي تي سياسي جماعتن کي اعتتماد ۾ ورتو ويندو.

 

1992-10-7 عوامي نئشنل پارٽي جي مرڪزي سينيٽر نائب صدر قصور ۾ چيو ته اسان ڪالا باغ ڊيم رٿا جي خلاف نه آهيون پر ان بابت اتفاق راءِ قائم ڪرڻ تي زور ڏئي رهيا آهيون.

 

مهينو نومبر

1992-11-4 ڪالا باغ ڊيم بابت سڏايل سيمينار ۾ ٺاهيل يارنهن ميمبرن واري ڪاميتي واپڊا جي چيئرمين جي انهيءَ دعوي کي رد ڪيو ته زرعي استعمال کان پوءِ ايترو پاڻي بچندو جيڪو ڊيم ۾ گڏ ڪجي.

 

1992-11-4 سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻي جي مسئلي تي تڪرار شروع ٿيو ياد رهي ته 20 مارچ 1991ع تي پاڻي واري مشهور ٺاهه ٿيو هو.

 

1992-11-6 اخبارن ۾ خبرون شايع ٿيون سنڌ ۽ پنجاب وچ ۾ پاڻي جي ورهاست تان ٻيهر تڪرار ٿي پيو آهي. پنجاب عالمي بئنڪ جي ڳالهه به مڃڻ کان انڪار ڪيو.

 

1992-11-11 ”عوامي آواز“ ۾ غلام قادر سهتي جو مضمون ”ڪالا باغ ڊيم سنڌ کي بنجر بنائڻ جي سازش“ شايع ٿيو. جنهن ۾ حوالا ڏئي نتيجو ڪڍيو ويو ته ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جو مطلب آهي سنڌ سان ڪلور ڪرڻ.

 

مهينو ڊسمبر

1992-12-16 ڪاوش اخبار ۾ ايم اي لغاري جو مضمون ”سنڌ کي اڪيلو ڪرڻ جي سازش“ شايع ٿيو. جنهن ۾ ڄاڻايو ويوته سرڪار اهڙي حڪمت عملي اختيار ڪري رهي ته جيئن سرحد جون همدرديون حاصل ڪجن ۽ سنڌ جي آواز کي نظر انداز ڪري ڪالا باغ ڊيم ٺهرائجي.

 

سال 1993ع

مهينو جنوري

1993-1-13 پلاننگ ڪميشن جي ڊپٽي چيئرمين هڪ سرڪاري گڏجاڻي کي ٻڌايو ته اٺين پنج ساله پروگرام ۾ ڪالا باغ ڊيم رٿا لاءِ ڏوڪڙ نه رکيا ويا آهن. انهيءَ پنج سالا پروگرام جو آغاز جون 1993 کان ٿيندو.

 

1993-1-14 سينيٽر برگيڊيئر رٽائرڊ ملڪ محمد حيات تجويز ڏني ته فني ماهرن کي دعوت ڏئي ٽيليويزن تي ڪالا باغ ڊيم بابت مناطرو ڪرائجي ته جيئن عوام حقيقت ۽ صورتحال کان باخبر ٿئي.

 

1993-1-20 بجلي ۽ پاڻي جي وفاقي وزير ڄام يوسف ملتان هوائي اڏي تي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم رٿا تان سرڪار هٿ ڪونه کنيو آهي ۽ اهو هر حالت ۾ ٺهرايو ويندو.

 

1993-1-25 ماحوليات جي وفاقي وزير انور سيف الله لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم جو ڪم تڏهن شروع ٿيندو، جڏهن رٿا بابت اتفاق راءِ پيدا ٿئي.

 

1993-1-26 ماحوليات جي وفاقي وزير انور سيف الله لاهور ۾ اخباري نمائيندن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم رٿا سبب سرحد ۽ وفاق وچ ۾ غلط فهميون پيدا ٿيون آهن، جن کي دور ڪري اڏاوت جو ڪم شروع ڪبو.

 

1993-1-27 پاڻي ۽ بجلي جي مملڪتي وزير راجا نادر پرويز لاهور ۾ اخباري نمائندن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم رٿا کي غلط نموني سان سياسي رنگ ڏنو ويو آهي. زور ڏيندي چيائين ته وڌندڙ آدمشماري کي پاڻي ۽ بجلي فراهم ڪرڻ لاءِ ڊيم تمام ضروري آهي.

 

1993-1-28 عوامي نئشنل پارٽي جي صدر اجمل خٽڪ لاهور ۾ چيو ته ڪالا باغ ڊيم رٿا هاڻي تاريخ جو حصو بڻجي وئي آهي. هن چيو ته وزير اعظم ميان نواز شريف کيس ٻڌايو آهي ته ڊيم ان وقت تائين نه ٿو ٺهي سگهي جيستائين ان لاءِ اتفاق راءِ پيدا نه ٿيو آهي.

 

مهينو فيبروري

1993-2-1 پنجاب جي مالي وزير مخدوم شاهه محمد قريشي صحافيت سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم ملڪ ۾ سبز انقلاب آڻيندو ۽ اسان بجلي ۾ خود ڪفيل ٿي وينداسين. جيڪڏهن ڊيم ٺهرائڻ ۾ دير ٿي بحران پيدا ٿيندو.

 

1993-2-7 مولانا فضل الرحمان ملتان ۾ صحافيت سان ڳالهائيندي ڪالا باغ ڊيم رٿا جي حمايت ڪئي ۽ ان سان گڏ حڪومت خواه مخالف ڌر کي چيو ته رٿا کي سياسي رنگ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪن.

 

1993-2-9 خبرون چپجڻ لڳيون ته آءِ.جي.آءِ حڪومت سال 94-1993 جي پبلڪ سيڪٽر ڊولپمينٽ پروگرام ۾ ڪالا باغ ڊيم رٿا لاءِ ڏوڪڙ رکندي.

 

1993-2-19 پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير ڄام محمد يوسف پارليامينٽ ڪيفي ٽيريا ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم رٿا حڪومت جي اولين ترجيحن مان آهي.

 

1993-2-19 چشتيان ۾ صحافين سان ڳالهائيندي مولانا شاهه احمد نوراني چيو ته ڪالا باغ ڊيم هڪ ٽيڪنيڪي مسئلو آهي ۽ ان کي حڪومت پنهنجي غلط حڪمت عملين ڪري سياسي مسئلو بڻائي ڇڏيو آهي، هن چيو ته حڪومت هن مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ سنجيده ناهي.

 

1993-2-22 بجليءَ ۽ پاڻي جي مملڪتي وزير نادر پرويز فيصل آباد ۾ ماحوليات تي سڏايل سيمينار کي خطاب ڪندي چيو ته سرحد جي خدشن کي ختم ڪري ان جي مفاد کي تحفظ ڏيندي ملڪي مفاد لاءِ ڪالا باغ ڊيم ضرور ٺهرايو ويندو.

 

مهينو مارچ

1993-3-8 پاڻي ۽ بجلي جي وفاقي وزير ڄام يوسف پنهنجي آفيس ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته وزيراعظم طرفان ”غازي بروٿا ڊيم“ جي تعمير جي اعلان مان اهو مطلب نه ورتو وڃي ته ڪو حڪومت ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ جو خيال ترڪ ڪري ڇڏيو آهي. ٻئي رٿائون هڪ ٻئي کان الڳ آهن.

 

1993-3-8 وزير اعظم پاڪستان ميان نواز شريف طرفان ”غازي بروٿا پراجيڪٽ“ جي اعلان ڪرڻ کانپوءِ اخبارن ۾ خبرون اچڻ لڳيون ته هاڻي ڪالا باغ ڊيم رٿا کي ڪتابن ۽ فائيلن تان محدود ڪيو ويو آهي.

 

1993-3-8 فرنٽيئر پوسٽ پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ سرحد اسيمبلي طرفان ڪالا باغ ڊيم رٿا خلاف پاس ڪيل ٺهراءُ کي موضوع بڻائي چيو ته جيڪڏهن ڊيم ٺهي ها ته به ملڪ جي بجلي واريون ضرورتون پوريون نه ٿين ها.

 

مهينو آگسٽ

1993-8-24 نواب يوسف ٽالپر چيو ته پي.پي منشور ۾ ڪالاباغ ڊيم جي حمايت نه ڪئي وئي آهي. اهڙيون خبرون غلط افواهه پکيڙيندڙ قوتن طرفان هلايون ويون آهن.

 

مهينو سيپٽمبر

1993-9-14 پيپييلز پارٽي اڳواڻ سيد پير نور شاهه مٽياري ۾ ڪارڪنن سان ڳالهائيندي چيو ته ڪنهن به صورت ۾ ڪالا باغ ڊيم برداشت نه ڪنداسين.

 

1993-9-14 نگران وزير اعظم معين قريشي لاهور هوائي اڏي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ جي معاشي، زرعي ۽ توانائي ترقي لاءِ ڪالا باغ ڊيم ضروري آهي.

 

1993-9-19 نگران وزير اعظم معين قريشي انهي ڳالههجي ترديد ڪئي ته هو ڪو ڪالا باغ ڊيم رٿا بابت فيصلو وٺندو. هن وضاحتي بيان ۾ چيو ته ڪالا باغ ڊيم جو مامرو تڏهن ئي طئي ٿي سگهندو، جڏهن چارئي صوبا انهي تي متفق ٿين.

 

1993-9-30 پيپلز پارٽي اڳواڻ رفيق مهيسر راڌڻ اسيشن تي ڪارڪنن سان ڳالهائيندي چيو ته سندس پارٽي ڪڏهن به ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ نه ڏيندي.

 

1993-9-30 خبرون ڇپجڻ لڳيون ته آءِ.ايم.ايف ۽ ورلڊ بئنڪ جي سهڪار سان ڪالاباغ ڊيم جي تعمير شروع ٿيندي. ڊيم تي خرچ ايندڙ ڏيڊ ارب روپين مان پاڪستان فقط چاليهه ڪروڙ پنهنجا خرچ ڪندو، متاثر ٿيندڙن کي معاوضو يا اجهو ڏنو ويندو.

 

مهينو آڪٽوبر

1993-10-8 باسط حسين جو ڪالا باغ ڊيم تي ”ڊان“ ۾ مضمون ڇپيو. جنهن ۾ هن رٿا ۾ تبديلين جون تجويزون ڏيندي ڊيم هر حالت ۾ ٺهرائڻ جي ڳالهه ڪئي.

 

1993-10-12 تنوير زاهد جو فرنٽيئر پوسٽ جي رسالي ”هوريزن““ ۾ ”ڪالا باغ ڊيم کي خداحافظ“ جي عنوان سان مضمون شايع ٿيو. جنهن ۾ هن رٿا جي حمايت ڪندي افسوس جو اظهار ڪيو ته نگران حڪومت ان کي نظر انداز ڪيو ۽ ڪنهن به پارٽي ڊيم کي منشور ۾ مناسب جاءِ نه ڏني.

 

1993-10-25 رسول بخش پليجي حيدرآباد ۾ ”جمهوري معاهدو“ تجويز ڪيو. جنهن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ ڪالا باغ ڊيم رٿا ختم ڪرڻ لاءِ پڻ چيو ويو.

 

مهينو نومبر

1993-11-1 ميان شهباز شريف لاهور ۾ چيو ته عوامي نئشنل پارٽي سميت تمام پارٽيون ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ تي رضامند ٿيون هيون، هاڻي بينظير حڪومت کي گهرجي ته مسئلي تي اتفاق قائم ڪرائڻ لاءِ سياسي جماعتن جو سربراهي اجلاس سڏائي.

 

1993-11-2 اخبارن ۾ خبرون ڇپيون ته سرڪار ڪالا باغ ڊيم وارو تڪراري منصوبو شروع نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. عالمي ادارن به هڪ وقت ٻن منصوبن لاءِ رقمون ڏيڻ کان انڪار ڪيو آهي.

 

1993-11-4 پنجاب جي وڏي وزير جي صلاحڪار رياض فتيانه چيو ته ڪالا باغ ڊيم جو مسئلو صوبائي رابطا ڪاميٽي جي اجلاس ۾ اٿاريو ويندو. ڇو ته ان جي ٺاهڻ سان ملڪ جو سماجي ۽ اقتصادي حالتون مڪمل طور بدلجي وينديون.

 

1993-11-4 سنڌ جي وڏي وزير عبدالله شاه سکر ۾ وفد سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم صرف پنجاب جي حق ۾ آهي ۽ ان مان سنڌ کي سخت نقصان رسندو. ان ڪري اسان ڪالا باغ ڊيم ٺاهڻ نه ڏينداسين.

 

1993-11-5 پنجاب جي وڏي وزير ميان منظور احمد وٽو چيو ته ڪالا باغ ڊيم جي اڏاوت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته ملڪ جي جياپي لاءِ اهو ڊيم ٺهڻ گهرجي.

 

1993-11-5 خبرون شايع ٿيون ته پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت وفاق کي تازي جوڙيل ڪاميٽي جي رپورٽ موڪلي آيو. جنهن ۾ وفاق کي چيو ويو آهي ته حڪومت خواه عوام کي ڪالا باغ ڊيم منظور ڪونهي نه فقط ايترو پر ڄام صادق وارو پاڻي جو ٺاهه به قبول ڪونهي.

 

1993-11-10 وزيراعظم پاڪستان بينظير ڀٽي ڪوئيٽا ۾ نيوز ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته صوبن جي اتفاق راءِ کان سواءِ ڪنهن به صورت ۾ ڪالا باغ ڊيم ڪونه ٺهرائبو البته ان بدران ”غازي ڊيم“ ٺهرائبو ته جيئن بجلي جون ضرورتون پوريون ٿين.

 

1993-11-10 يونائيٽيڊ نئشنل الائنس وقت جي سرڪار کان مطالبو ڪيو ته بهاري ۽ ڪالا باغ ڊيم بابت پاليسي واضح ڪئي وڃي ڇو ته سنڌي عوام جي نظرن ۾ اها مشڪوڪ آهي.

 

1993-11-11 وزير اعظم پاڪستان بينظير ڀٽي چيو ته ڪالا باغ ڊيم تي اتفاق نه ٿيو ته ڀاشا ۽ غازي ڊيم ٺهرائبا.

 

1993-11-19 سرحد اسيمبلي اتفاق راءِ سان ٺهراءُ منظور ڪري وفاق سرڪار کان گهر ڪئي ته ڪالا باغ ڊيم رٿا کي رد ڪيو وڃي.

 

1993-11-29 پيپلز پارٽي سان واڳيل ٻن شخصيتن حسين شاه راشدي ۽ راحيلا ٽوانا ڪالاباغ ڊيم خلاف بيان ڏنا. راشديءَ چيو ته ڊيم کي قبولڻ جو سوال ئي پيدا نه ٿه ٿو ٿئي. ٽوانا چيو ته اسان ڊيم خلاف هيون.

 

1993-11-30 سنڌ جي وڏي وزير عبدالله شاهه چيو ته سنڌ حڪومت ڪالا باغ ڊيم جي خلاف آهي ماضيءَ ۾ اسان جي حڪومت متفق راءِ سان ڊيم جي مخالفت ۾ اسيمبلي مان ٺهراءُ پاس ڪيو.

 

مهينو ڊسمبر

1993-12-2 منصوبه بندي واري صوبائي وزير نثار کهڙي پي.پي.آءِ سان ڳالهائيندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم ضروري آهي ته ان جي فزيبلٽي ۽ وائيبلٽي تي نظر ثاني ڪئي وڃي ۽ ان جو ماحولياتي مطالعو پڻ ڪيو وڃي.

 

1993-12-3 ”ڊان“ اخبار ۾ اي.ايس يوسفي جو ڪالاباغ ڊيم رٿا بابت تجزيو ڇپيو جنهن ۾ هن اها صلاح ڏني ته ڊيم سياسي مفادتن کان هٽي ملڪي ترقي لاءِ ٺهڻ گهرجي.

 

1993-12-3 رسالپور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي وزير اعظم بينظير ڀٽي چيو ته ڪالا باغ ڊيم تڏهن ئي ٺاهي سگهجي ٿو جڏهن چار ئي صوبا ان تي رضامندو ڏيکارين.

 

1993-12-14 سنڌ نيشنل فرنٽ طرفان پريس رليز جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته ممتاز علي ڀٽو اسيمبلي جي ايندڙ اجلاس لاءِ ڪالا باغ ڊيم رٿا خلاف ٺهراءُ موڪليو آهي.

 

1993-12-15 واپڊا جي چيئرمين ممتاز حميد لاهور ۾ چيو ته ملڪ جي معاشي ترقي لاءِ ڪالا باغ ڊيم جو ٺهڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته ڊيم مان پيدا ٿيندڙ بجلي گهريلو ۽ صنعتي ضرورتون پوريون ڪندي.

 

1993-12-15 ”هلال پاڪستان“ پنهنجي اڄوڪي ايڊيٽيوريل ۾ ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ڪئي ۽ چيو ته ان مان سنڌ کي پاڻي گهٽ ملندو صوبو هر لحاظ کان متاثر ٿيندو.

 

1993-12-16 وزير اعظم پاڪستان بينظير ڀٽي لاهور ۾ صنعتڪارن جي هڪ فنڪشن ۾ چيو ته سندس حڪومت ڪالا باغ ڊيم رٿا تي نظرثاني ڪندي ته جيئن سمورن صوبن وٽ قبول ٿي سگهي.

 

1993-12-20 سنڌ نيشنل فرنٽ جي چيئرمين ممتاز علي ڀٽي ۽ صوبائي ميمبر چيو ته ڪالا باغ ڊيم خلاف سندس ٺهراءُ اسيمبلي ۾ پيش نه ڪيو ويو پر اسان واضح ڪرڻ گهرون ٿا ته سنڌو درياءءُ تي ڪو به ڊيم قبول نه ڪيو ويندو.

 

22-12-1993 سيد مظفر حسين شاه طرفان اٿاريل پوائنٽ آف آرڊر تي ڳالهائيندي سنڌ جي قانون پارليامينٽري افيئرس واري وزير پير مظهرالحق چيو ته سنڌ ڪالا باغ ڊيم ٺهڻ نه ڏيندي . مظفر شاه ممتاز ڀٽي جي ٺهراءَ جو حوالو ڏئي پوائنٽ آف آرڊر پيش ڪيو هو! .

 

1993-12-25 روزنامه ”جاڳو“ اخبار پنهنجي ايڊيٽوريل ۾ ڪالا باغ ڊيم جي مخالفت ڪندي لکيو ته پنجاب کان سواءِ باقي صوبن جي سامهون حڪومت کي تجويز ڪيو آهي ته ڊيم ٽيڪنيڪي لحاظ کان ٺاهڻ ناممڪن آهي.

 

1993-12-26 سنڌ جي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه چيو ته اسان ڪالا باغ ڊيم جي خلاف آهيون. هن اشو کي هاڻي مئل ڄاتو وڃي.

 

1993-12-27 عوامي نيشنل پارٽي جي اڳواڻ غلام احمد بلور پشاور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ان جي سرڪار کان گهر ڪئي ته اها ڪالا باغ ڊيم رٿا بابت پنهنجو واضح مئوقف پڌرو ڪري.

 

1993-12-29 ممتاز ڀٽي اسيمبلي جي ڪيفي ٽيريا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته ڪالا باغ ڊيم ٺهيو ته سنڌ ڪربلا بڻجي ويندي ۽ درياهه ۾ سمنڊ جو پاڻي ڀرجي ويندو.

 

1993-12-30 محمد اسماعيل راهو ٽنڊي الهيار ۾ هڪ تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو ندي تي ڪو به ڊيم برداشت نه ڪيو ويندو.

The material/data/information can be provided on request.

 

 

Good Wishes