کیئل داس فانی

پیدائش : 4 اپریل 1914

IMG 20240405 WA0073
سنڌي ٻوليءَ جي مشهور شاعر، ليکڪ، موسيقار، ڳائڻي کيئلداس داس فاني 4 اپریل 1914ع تي ميان جو ڳوٺ، شڪارپور سنڌ ۾ جنم ورتو، ھن جو اصل نالو کيئلداس وليرام بيگواڻي ھو، ھن شڪارپور مان تعليم حاصل ڪئي، پوءِ ڪجهه وقت درس تدريس جو ڪم ڪيائين، ھن شاگردي واري زماني کان ئي شاعري شروع ڪئي، شاعري ۾ آغا صوفي کان رھنمائي حاصل ڪئي، ورھاڱي کان پوءِ انڊيا ھليو ويو، ڀوپال ڪاليج ۾ پروفيسر ٿيو، سنڌي بڪ ڪميٽي جو ڪنوينر رهيو، مرڪزي ادبي ڪميٽي جو ميمبر رهيو، سندس نگراني ۾ ڪيترن ئي شاگردن پي ايڇ ڊي ڪئي، ھن ڀوپال ۾ ٿئيٽرس جو بنياد رکيو، سندس ڇپيل ڪتابن ۾: ريڊيو راڳ، سامونڊي لھرون، سڪ، سوز ۽ ساز، خزان جي خوشبوءِ ۽ پيلا پن، پڇتاءُ جا ڳوڙها، سمنڊ سمايو بوند ۾ وغیرہ شامل آهن، ھن پھرين سنڌي فلم "ايڪتا" سميت مختلف فلمن لاءِ گيت لکيا، ھن 8 اپريل 1995ع تي وفات ڪئي.. 

Good Wishes