ممتاز علي پٺاڻ.
”گل حيات جي ميڙيءَ چونڊيءَ مان“
“صحافي برادريءَ جي سنڌ ۾ تنظيم سازيءَ بابت گل حيات ۾ گڏ ٿيل مواد“

facebook 1712038492397 7180809896820802115صحافين وڏيون قربانيون ڏئي، حڪومتن سان ٽڪر کائي ۽ پارٽين جي دھشت گرديءَ وارن روين کي منهن ڏيندي سنڌ ۽ سنڌي عوام جي بي مثال خدمت ڪئي آھي. ھن برادريءَ پنهنجي قلم جي قوت سان تنگ نظريءَ جا ڪوٽ ڪيرايا ۽ ماڻھن جي نظرياتي تشخص جو تحفظ ڪيو ۽ سنڌ جي سورن جو مذڪور سچن ۽ چٽن لفظن ۾ دنيا جھان آڏو پيش ڪيو. ياد رهي تہ گل حيات اداري سنڌ جي پريس بابت مواد ۽ معلومات گڏ ڪرڻ جي نماڻي ڪوشش ڪئي آھي.
“ صحافت“ جي عنوان سان اسان جي ويب سائيٽ تي سنڌ جي پريس بابت تمام گھڻو مواد رکيل آھي مثال طور1. شروع کان وٺي 1982 تائين سنڌي اخبارن ۽ رسالن جي لسٽ، 2. سنڌ جي نامور سوين ايڊيٽرن جا نالا، 3. اخبارن خلاف ٿيل مقدمن ۽ ڪيسن جا تفصيل، 4. مکيه صحافين جا سوانحي خاڪا ۽ 5. سال 1936 کان 1947 تائين سنڌ جي صحافت جي ڪارڪردگي بابت سرڪار جون مخفي رپورٽون وغيره. پاڻ کي “ ميان مٺو“ چوڻ مناسب ڪونھي پر ھي چوڻ منهنجو حق ٿئي ٿو تہ صحافت بابت اھڙو اھم ۽ ناياب مواد گل حيات کان سواءِ شايد ٻئي ھنڌ تي گھٽ نظر اچي.
انهي مواد کانسواءِ ٻيو بہ گل حيات ۾ کوڙ سارو مواد پيو آھي جھڙوڪ: 1. سنڌ جي سمورن صحافين جي لسٽ، 2 . سنڌ جي سمورين پريس ڪلبن جي لسٽ 3. صحافت ۽ صحافين بابت انگريزي، اردو ۽ سنڌي اخبارن ۾ شايع ٿيل خبرون ۽ مضمون ۽ 4. سنڌ جي مکيه صحافين جي رپورٽن ۽ ڪالمن جا انفرادي فائيل .جيڪڏھن وقت مليو ۽ ذريعن وسيلن اجازت ڏني تہ انشا اللہ اھو مواد بہ اسان پنهنجي ويب سائيٽ تي اپلوڊ ڪنداسين . بهرحال اھو ھارڊ ڪاپي جي صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي.
گل حيات ادارو سنڌ جي سياسي، ادبي ۽ سماجي تنظيمن تي تمام وڏو ڪم ڪيو آھي ۽ اھو پڻ اسان جي ويب سائيٽ تي موجود آھي . پر جيتري قدر “ صحافتي تنظيمن “ جو تعلق آھي، ان بابت اڄ آئون “ سنڌ جنرلسٽس سوسائٽي“ جو ٿورو احوال ڏيندس جيڪا 31جولاءِ 1926 تي ڪراچي ۾ ٺاھي وئي ھئي. ھن جي آفيس جو دفتر ڪراچي جي اخبار “ نيو ٽائيمس“ ۾ کوليو ويو قاضي عبدالرحمان کي سوسائٽيءَ جو خزانچي مقرر ڪيو ويو ھيو ۽ پنياھہ، ايل اي آڏواڻي ۽ قاضي خدابخش تي مشتمل ھڪ ڪميٽي ٺاھي وئي ھئي تہ جيئن “سنڌ جنرلسٽس سوسائٽي“ لاءِ رولز ۽ ريگيووڍليشنس جو ڊرافٽ تيار ڪري.
ھن تنظيم جي ٺھڻ کان پوءِ سنڌ جي سياستدانن کي بہ خيال آيو تہ اھي صحافين ۽ ھن سوسائٽي جي ميمبرن سان تفصيلي گڏجاڻيون ڪن. جيڪي صحافي ھن سنڌ جنرلسٽس سوسائٽيءَ جا سرگرم ميمبر ۽ عھديدار رھيا انهن جي نالن جو مختصر وچور ڏيڻ مناسب ٿيندو: قاضي عبدالرحمان( الوحيد)، ڪي پنھياءُ k .punniah ( سنڌ آبزرور)، پي . ايڇ.دستور ( پارسي سنسار)، ڊاڪٽر تاراچند لعلواڻي( قيصري)، ھري لعل ٺاڪر( ھتيشو)، ڊبليو اي مئٽ W A Mytt ( ڊيلي گزيٽ)، خانچند راھو مل ( سنڌ سڌار)، ٽي.ڪي .جيسواڻي ( نيو ٽائيمس)، احمد علي ( سنڌ زميندار، سکر)، حافظ فضل احمد ( شمشيرالسلام، ميھڙ)، محمد ھاشم مخلص ( مسلمان)، حڪيم عبدالخالق( ماھوار ترقي)، رئيس نجم الدين( اتحاد،نوابشاھہ)، محمد صادق( الحقيقت، لاڙڪاڻو)، نارائڻ چينرام( ھندو جاتي)، کيمچند ڊيٽارام( سنڌ واسي)، مولوي عبداللہ ( الجامع)، نھچلداس ( ھندو)، محمد سھراب( آفتاب، ڪراچي) ۽ قاضي خدابخش ( مسلم ايڊوڪيٽ).
سنڌ جنرلسٽ سوسائٽيءَ پنهنجي ميمبرن جي لاءِ چئن واعدن تي ٻڌل ھڪ اقرار نامو ٺاھيو ۽ انهيءَ کي ميمبر ٿيڻ کان اڳ ۾ ڀرڻ ضروري ھيو انهي تفصيلي اقرار نامي ۾ چار ڳالھيون ھي ھيون1. تہ سنڌ ۾ امن ۽ ڀائيچاري لاءِ ڪم ڪندس، 2. فرقي وارانہ ماحول کي نہ پکيڙيندس، 3. غير مستند خبرون يا تبصرا نہ ھلائيندس، 4. سنڌ جنرلسٽ سوسائٽي جي اغراض و مقاصد تي سختي ۽ ايمانداريءَ سان عمل ڪندس ۽ انهن جي ڀڃڪڙي نہ ڪندس.
سنڌي صحافين جي اھڙي شاندار ڪوششن جي سنڌ توڙي ھند ۾ واکاڻ ٿي. حيدرآباد دکن جي اخبار “ دکن بليٽن“ لکيو تہ
“ We congratulate the journalists of Sindh on forming a Sindh Journalist Society for the express of purpose of preaching harmony and tranqilty among the various coummunties resident in their said province and for placing themselves to abdtain from all comments, criticism or insinuations which would tend to widen the breach between two great communities of the countries ....
We commend this pledge of ( S.J.S ) and the action taken by the journalists of said to the Indian edited journals of Bengal and Allahabad in particular, and trust they will follow the brilliant and patriotic example set by Sindh.“

Good Wishes