علامہ غلام مصطفی قاسمي
IMG 20231210 WA0004نالی وارو عالم دین، محقق، ليکڪ علامہ غلام مصطفی قاسمي 24 جون 1924ع تي ڳوٺ رئیس ڀنڀو خان چانڊيو تعلقي میرو خان ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو، ھن ابتدائي تعلیم مولانا فتح محمد سیراڻي ۽ مولانا خوشي محمد میرو خاني کان حاصل ڪئي، تعليم مڪمل ڪرڻ کانپوءِ دارالعلوم دیوبند ھليو ويو، جتي ھن کي مولانا عبیداللہ سنڌي ۽ مولانا حسین احمد مدني کان ڪافي علم حاصل ڪرڻ جو موقعو مليو، دیوبند مان فارغ ٿيڻ کان پوءِ ھن سنڌ مسلم ڪاليج ڪراچي، سنڌ یونیورسٽي ۽ مظهر العلوم ڪراچي ۾ درس تدريس جا فرض انجام ڏنا، ھي شاہ ولی اللہ اڪيڊمي حیدر آباد جو ڊائريڪٽر ۽ سنڌي ادبي بورڊ جامشورو جو چیئرمین به رھيو، 1977ع کان 1989ع تائين مرڪزي رویت ھلال ڪميٽي جو چیئرمین رهيو، علامہ غلام مصطفی قاسمي کي حدیث، فقہ، تفسیر ۽ منطق تي عبور حاصل هو، سندس تحقیقي ۽ علمي تصنيفن جي فھرست تمام ڊگهي آهي، ھن شاگردي واري زماني ۾ علم منطق تي (مفید الطلبہ) جي عنوان سان هڪ ڪتاب لکيو جيڪو هن وقت به مختلف مدرسن جي نصاب ۾ شامل آهي، ھن شاہ عبداللطيف ڀٽائي تي به ڪافي ڪم ڪيو، ھن جي تصنيفن ۾ قرآن ۽ رسول تي ڪم به شامل آهي، ھن سنڌي جي بنیادي لغت به ترتيب ڏني، ھن 9 ڊسمبر 2003ع تي وفات ڪئي..

Good Wishes