شيخ ڀرڪيو آچاري: 

 سورهين صديءّ عيسوي جي سهروردي سلسلي جي صوفي بزرگ شيخ ڀرڪيو آچاري, سنڌ جي قديم سماواتي پرڳڻي جي ڳوٺ ڪاتيار جو رهاڪو هو. سندس مقبرو ٽنڊي محمد خان ضلعي جي تعلقي ٽنڊي محمد خان جي ڳوٺ شيخ ڀرڪيو ۾ واقع آهي. جنهنکي يونين ڪائونسل جو درجو مليل آهي. جيڪو علائقو ٽنڊي محمد خان کان لڳ ڀڳ ويهن پنجويهن ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي آهي. شيخ ڀرڪئي جي والد جو نالو شاهو ڪاتيار ۽ والده جو نالو facebook 1708743244706 7166988626246684482مائي ساران هو. سندس جنم 1471ع مطابق 891 هجري ڌاري ٿيو. هن زهد ۽ تقوي'، رياضت ۽ عبادت ۾ وڏو مقام حاصل ڪيو. هيءُ محب وطن عالم, فاضل, سالڪ مجذوب هو. سندس مانۡ ۽ مرتبي جي ڪري کيس "شيخ" سڏيو ويندو آهي. هندو کيس "راجا وير" ڪري مڃيندا آهن. شيخ ڀرڪيو سندس وقت ۾ آچار وارن جا فيصلا نبيري, حق وارن کي حق ڏياريندو هو, تنهنڪري کيس ان نسبت سان "آچاري" به سڏيو وڃي ٿو. ساڻس ڪيتريون ئي روايتون ۽ ڏند ڪٿائون پڻ منسوب آهن. هن جي ڪرامتن جا احوال حديقة الاولياءَ ۽ تحفة الڪرام ۾ ڪافي آيل آهن. حديقة الاولياءَ جي مؤلف کيس هن طرح ياد ڪيو آهي ته: ”هي حق جو ڄاڻو ۽ مجذوب ولايت جي ملڪ جو والي، حقيقت جي واٽ جو پانڌيئڙو، ترڪ ۽ فنا جي راهه جي مجاهدن جو سرموڙ، نفس ۽ هوا جي مخالفن جي واديءَ ۾ سڀني صاف باطن سالڪن جو سالار، صاحب حال ۽ اهل دل، زماني جي نيڪو ڪارن جو پيشوا، نامدار آزاد انسانن جو خلاصو، يعني شيخ ڀرڪيو ولد شاهو ڪاتيار، ان زماني جي سڀني نامدار بزرگن ۽ ڪبار مشائخن مان سالڪ ۽ مجذوب هو.“ ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي ڪتاب ”رهاڻ هيرن کاڻ“ موجب شيخ ڀرڪيو، مخدوم نوح ۽ مخدوم محمد اسماعيل سومرو ساڳئي وقت جا يعني ڏهين صدي هجريءَ جا ڀلارا بزرگ آهن ۽ پُراڻن هالن جا ڀٽي بزرگ مخدوم احمد ۽ محمد, ۽ جرڪس ڌناڻي به ساڳئي وقت جا هئا. هن بزرگ جا مسلمان توڙي هندو عقيدتمند وڏي انگ ۾ آهن. مغلن جي سنڌ تي ڪاهه وقت, سنڌ جي بچاءۡ واري مخدوم بلاول جي بلاولي تحريڪ ۾ هي مخدوم بلاول جو ساٿاري هو. شيخ ڀرڪيو هڪ بهترين شاعر پڻ هو، شيخ ڀرڪيي سنڌيءَ ۾ بيت چيا، جيڪي قاضي قادن جي بيتن سان گڏ ”ڀرڪڻ“ جي نالي سان ملن ٿا، سندس شاعري جو ڪو گهڻو انگ نه ملي سگهيو آهي. شيخ ڀرڪيي جا ست بيت مشهور محقق هيري ٺڪر 1980-1979 ڌاري انڊيا جي راجستان رياست مان اجمير جي پاسي هڪ ڳوٺ ” نارائڻا وهار“ مان هٿ ڪيا. عالمن وٽ شيخ ڀرڪيي لاءِ وڏي محبت ۽ عزت هئي. هن بزرگ 87 سالن جي ڄمار ۾ 1558ع مطابق 978 هجري ۾ وفات ڪئي.  سندس ڏهاڙا ٻن حوالن سان ملهايا وڃن ٿا, هڪ  5 ربيع الاول تي ۽ ٻيو وري سندس عرس 9, 10 ۽ 11 شعبان تي عقيدت ۽ احترام سان ملهايو وڃي ٿو. شيخ ڀرڪئي جا جيڪي ست بيت مشهور محقق هيري ٺڪر هٿ ڪيا هئا. انهن مان ٻه بيت نموني طور هيٺ ڏجن ٿا:
هليا سي ”نڪنج“ ڏي، ’ڀرڪڻ‘ چوي ڀري،
لوڪان اوري آسرو، اسان پنڌ پري.
**************************************
**************************************
”ڀرڪڻ“ سندي مڪڙي، نه اورار نه پرار،
نه لائو لهرن سين، نه تر، نه پاتار

Good Wishes