پروفيسر مانيڪ بيجنجي پٿاوالا  - انٽرويو: ساقي ابڙو
 
سلسلو: فيسبوڪ انٽرويوز

WhatsApp Image 2020 09 06 at 8.04.34 PM(((اسين رتي جا ماڻهو)))
سلسلو: فيسبوڪ انٽرويوز
ڪردار: قاضي خضر حيات (انجنيئر۔آرٽسٽ۔ليکڪ۔ڪاشيگر)
انٽرويو: ساقي ابڙو (سيڪريٽري:س۔ا۔س رتوديرو)

”اسين رتي جا ماڻهو“ فيسبوڪ انٽرويوز جي سلسلي ۾ اڄ جنهن ڪردار جو انٽرويو پيش ڪجي ٿو اهو ڪردار گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ آهي پر افسوس جو اهڙي شخصيت هن وقت اسان جي شھر ۾ نٿي رهي۔ جي ها اها شخصيت آهي قاضي خضر حيات صاحب جي جيڪو هڪ ئي وقت انجنيئر به آهي ته آرٽسٽ به ۽ ليکڪ به آهي ته وري هن دور جو وڏو ڪاشيگر به۔ قاضي خضر حيات رتيديري جي علمي ادبي ۽ آرٽسٽڪ خاندان جي سربراه قاضي عبدالحيّ قائل سرشاري جنهن کي سڄو شھر ”سائين قاضي“ چوندو هو جي گهر جنم ورتو ۽ سندس وڏو فرزند آهي۔ سندس ٻالڪپڻ رتيديري ۾ گذريو، هو هتي ئي پڙهيو ڪڙهيو ۽ وڏن عهدن تي پهتو پر نوڪري ۽ ٻين سببن جي ڪري هن وقت نوابشاه سٽي ۾ رهائش پذير آهي ان جي باوجود به هن پنهنجي شھر ۽ پنهنجن ماڻهن کان ناتو ناهي ٽوڙيو اڄ به هو مرڻي پرڻي توڙي ڏکي سکي ۾ پهچندي دير ناهي ڪندو۔ قاضي صاحب زبردست انجنيئر خوبصورت آرٽسٽ برجستو ليکڪ ۽ ڪاشي جي ڪم جو وڏو ماهر ڪاشيگر آهي سندس جي نوابشاه ۾ ”سڪندر آرٽ گئلري“ جي نالي سان زبردست آرٽ گئلري قائم ڪيل آهي جيڪا سنڌ توڙي سڄي ملڪ ۾ مشھور آهي شھيد ذوالفقار علي ڀٽو جي لاڙڪاڻي واري رهائشگاه ”المرتضيٰ هائوس“ ۾ جيڪا ٽائلز لڳل آهي اها ڊزائين به قاضي خضر حيات صاحب جي تيار ٿيل آهي جڏهن ته ”سڪندر آرٽ گئلري“ ۾ سندس فن جا اعليٰ ۽ ناياب نمونا پڻ موجود آهن۔ سندس فن۔ شخصيت ۽ زندگي تي جهجهو مواد لکي سگهجي ٿو پر مون هتي سندس مختصر تعارف طور هي سٽون لکيون آهن جيڪي يقينن سج کي ڏيئو ڏيکارڻ برابر آهن۔ سندس انٽرويو جيئن جو تيئن پيش ڪجي ٿو اميد ته پڙهي پنهنجي راء کان ضرور آگاه ڪندا۔
(سٽون: ساقي ابڙو)
اااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااا
1-مختصر تعارف (نالو, ولديت, ذات ۽ ڄم تاريخ) *قاضي خضر حيات ولد قاضي عبدالحئي قائل سرشاري - جنم 12 اپريل 1945ع - بابا سائين جي زير تربيت ميٽرڪ تائين رتيديري هاء اسڪول ۾ تعليم پرائي - انٽر لاڙڪاڻي مان ڪئي- انجينيئرنگ ڪاليج ڄامشوري مان انجينيئرنگ جي ڊگري 1st class ۾ پاس ڪري ميدان عمل ۾ آيم,

2-جنم ڀومي ۽ موجوده رهائش
*رتوديرو / موجوده رهائش سڪندر آرٽ گئلري نوابشاه,

تعليم
انٽر ڊرائنگ , آرڪيٽيڪچر ۾ ڊپلوما ۽ بي اِي (سول)

4-پروفيشنل ڊگري
*بي اِي سول

5-مھارت اگر آهي ته
*ننڍپڻ کان آرٽ سان لڳاء , انجيينئرنگ ۾ چڱي خاصي ڄاڻ , ڪاشيء جي فن ۾ دسترس حاصل ڪري سڪندر آرٽ گئلري جو بنياد وڌم,

6-ڪرت, پيشو يا ذريعه معاش
*سول انجينئرنگ جي حوالي سان وڏن وڏن منصوبن تي PD جي عهدي تائين پهچي ,جانفشاني سان منصوبا مڪمل ڪرائي سٺي ڪاميابي ماڻي,

7-سڃاڻپ جو حوالو
*انجينيئر -آرٽسٽ - ليکڪ - ڪاشيگر,

8-شعبو
*تعميراتي منصوبن ۾ پراجيڪٽ انجينيئر يا سول انجينيئر طورنگراني ڪرڻ جو وسيع تجربو,

9-وابستگي
*سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئيشن( سگا) , مهراڻ آرٽس اينڊ ويلفيئر سوسائٽي نواب شاه, سڪندر آرٽ گئلري نواب شاه,

10-ڪيريئر جي شروعات
*انجينيئرنگ پاس ڪرڻ کانپوء , رتو ديرو جي ايريگيشن کاتي ۾ سپروائيزر جي حيثيت سان ڀرتي ٿي,

11-شعبي جي چونڊ جو مقصد
*ارتقائي عمل طور انجينيئدنگ فيلڊ جي چونڊ قسمت ۾ ھئي ,۽ ڄاڻ آهر هر هنڌ سرخرو ٿيندو رهيس,

12-پنهنجي شعبي ۾ ڪيل ڪارگذارين جو مختصر ذڪر جيڪي ڳڻائڻ جهڙيون هجن
*سنڌ يونيورسٽي جي انجينيئرنگ ڪاليج ۾ انجينئرن کي پڙھايو- 3 سال NED ۾ پڙھايو - لاڙڪاڻو شگر مل به چينين سان گڏ ٺھرايم - اسٽيل مل ڪراچي جو شروعاتي ڪم ڪرايم - پاڪ سعودي فيڪٽري مير پور ماٿيلو تي 6 سال ڪم ڪري فيڪٽري شروع ڪرايم, مهراڻ انجينيئرنگ يونيورسٽي جوڙايم , قائد عوام يونيورسٽي , شاه لطيف يونيورسٽي , ٽنڊو ڄام يونيورسٽي , بري امام جي درگاه تي تعميراتي ڪم ڪرايم , آخر ۾ شھيد بينظير ڀٽو يونيورسٽي مڪمل ڪرائي هاڻي مڪمل آرام ۾ آھيان, سال 2013 ع ۾ پنهنجي استاد ,عبدالقدير خان افغان تي ڪتاب سنڌجي جان ; ڊاڪٽر افغان لکيم به سهيڙيم به - منهنجي آتم ڪٿا ڪتاب "جهاڳيو مون جهان " لکيواٿم جيڪو پريتم ڇپرائي پڌرو ڪيو آھي, هن سال,

13-تعليم اوهانجي نظر ۾
*تعليم قيمتي زيور آھي هر مرد توڙي عورت کي حاصل ڪرڻ گهرجي,

14-سياست اوهانجي نظر ۾
*سياسي سمجهه ۽ ڄاڻ رکڻ کپي,ته جيئن ملڪ لاء ڪارآمد فرد ٿي سگهجي,

15-سماجيات اوهانجي نظر ۾
*سماجي سوجهه بوجهه ۽ قدرن جي ڄاڻ به ضروري آھي,

16-صحافت اوهانجي نظر
*صحافت هڪ عزت لائق پورهيو آ, جنهن جي عزت ڪجي,

17-ادب اوهانجي نظر ۾
*علم وادب جي سمجهه ذھني صلاحيت لاء لازمي آ,

18-شاگرد سياست اوهانجي نظر ۾
*شاگردن کي سياست بابت ڄاڻ ھجڻ کپي,ته جيئن عمر جي لحاذ کان مثبت انداز ۾ ڪردار ادا ڪن,

19-ڪتاب ۽ مطالعو اوهانجي نظر ۾
*ذھني واڌ ويجهه لاء ڪتابن کي دوست رکجي,

20-ڪھڙي قسم جا ڪتاب پڙهڻ پسند ڪندا آهيو *روزاني اخبار ,حالات حاضره جون خبرون ۽ خاص طور تي آرٽ جا ڪتاب پسند آھن,

21-اڄ جي نوجوان مان ڪيترو مطمعن آهيو *اڄ جو پڙھيل نوجوان قائدانه صلاحيتن سان ڀرپور اهي, هر چئليينج کي منهن ڏيڻ لاء تيار

22-پسنديده شخصيت
*هڪڙي پسنديده شخصيت جو انتخاب ڏاڍو مشڪل آھي, والدين کان وڌيڪ ڪير هوندو ,انکان پوء استاد

23-پسنديده سياستدان
*ڀٽو خاندان ۽ شھيد بابا ذوالفقار علي ڀٽي کان سوا ڪو ٻيو ٿي نه ٿو سگهي,

24-پسنديده اديب ۽ شاعر
*استاد بخاري - مقصودگل

25-رتوديرو شھر جو ماضي, حال ۽ مستقبل اوهانجي نظر ۾ *رتيديري جو ماضي وشال هيو حال جي خبر نه پڇو باقي مستقبل لاء دعاگو آهيان

26-پنهنجي شھر رتوديرو لاء ڇا ٿا چاهيو *جنم ڀومي لاء هر شئي جيڪا سندس مان مٿانهون ڪري,

27-اوهانجي نظر ۾ رتوديرو جو وڏي ۾ وڏو مسئلو *مسئلا ئي مسئلا آھن ڪهڙو بيان ڪري ڪهڙو ڪجي,

28-رتيديري شھر جي اجتمائي مسئلن جي حل لاء ڪا تجويز
*ڌڻي در دعا

29-جيڪڏهن شھر جا چيئرمين ٿيو ته ڇا ڪندئو *الله نه ڪري,

30-ڪو پيغام ڏيڻ چاهيندا
*نوجوانو پڙھو , پڙھو بس پڙھو,
ااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااااا

Good Wishes