مقصود قاضي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.08.33 AMمقصود قاضي: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

قاضي مقصود ۽ مقصود قاضي ۾ ڀُل جون عجيب اتفاقي ڳالهيون ڪري، بهترين تحقيقي ۽ تعليمي مقالو يا مضمون قلمبند ڪرڻ کان بهتر آهي، ته مٽياري ۾ ساڻس پهرين ملاقات کان وٺي، هي ٻه اکر لکڻ تائين، ساڻس جيڪي به ملاقاتون ٿيون، آخري ملاقات تائين، جتي به ڪا ملاقات ٿي، جڏهن به ٿي، جيڪا به ٿي، سمورين ملاقاتن جا حوالا ڏئي، هتي سندس ذات ۽ شخصيت بابت پنهنجا ويچار ونڊڻ بدران، سڌو سئون، سندس لکيل مختصر تعارف ۽ ويچار، اوهان تائين پهچائي، اميد ٿو ڪريان، ته اوهان پنهنجي مفصل ۽ مثبت راءِ کان ضرور آگاهه ڪندا.

1. اوھان جو نالو؟
مقصود احمد.

2. ولديت ذات سميت؟
سيف الدين احمد قاضي.

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ هنڌ سميت)؟
6 سيپٽمبر 1969ع، قاضي محلو، مٽياري.

4. تعليم؟
ايم اي (سنڌي).

5. ڪرت (پيشو)؟
زرعي توسيع کاتي ۾ اسٽينوگرافر.

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
پڙھڻ، لکڻ، فيسبڪ تي چئٽ.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟ اوهان جا ڪتاب؟
شاعري، سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ ٻوليءَ تي تحقيقي مقالا، شاعريءَ جو ڪتاب ”مند نه آهي ماٺ جي“ 1997ع ۾ ڇپيل، ”مسلمان ٻارن جا نالا“ 2003ع ۾ ڇپيل، ”تاريخ مٽياري“ 2006ع ۾ ڇپيل، سيرت النبي ﷺ تي ترجمو ڪيل ڪتاب ”الرحيق المختوم“ 2008ع ۽ 2013ع ۾ ٻه دفعا ڇپيل، ”لاکو ڦلاڻي“ 2009ع ۾ ڇپيل، ”سرجيس تان سور“ (محمد خان مڱڻهار جي مضمونن جو ڪتاب مرتب ڪيل) 2010ع ۾ ڇپيل، شاعري جو ٻيو مجموعو ”دائرا“ 2015ع ۾ ڇپيل، ”خلافت تحريڪ ۽ پاڪستان جي تحريڪ جي اڳواڻ پير غلام مجدد سرھندي جي سوانح“ 2016ع ۾ ڇپيل.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
تاريخ، لسانيات، شاعري ۽ ٻيو غير افسانوي ادب.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
آئون محدود رهندڙ ماڻهو آهيان. ڪجهه گهميو آهيان، ته به دوستن جي صلاح ۽ ساٿ سان.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
سنڌ ۾ شل سدائين ڪچهريون قائم رهن. انهن مان گهڻو ڪجهه پرائڻ جو موقعو ملي ٿو.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ادبي تقريبون به ڪچهري وانگر لاڀائتيون آهن. ڪچهرين سان، لوڪ ڏاهپ سان، روشنائي ٿئي ٿي ۽ ادبي تقريبن ۾ مڃتا جا جذبا، سکڻ ۽ اصلاح جا موقعا ميسر ٿين ٿا.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
اديب کي سماج سان جڙيل هجڻ گهرجي. ان مان ئي سندس خيالي هجڻ يا عملي هجڻ جي خبر پوي ٿي.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
مائٽن سان ڳنڊيل هجڻ ۾ چڱائي آهي، پر نئون دور ماڻهو کي اڪيلو ڪندو وڃي.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
دوست الاهي آهن، پر مستقل سنگت گهٽ آهي. جيڪا لڳ ڀڳ منهنجي عمر جيتري عرصي تائين ڇنڊيل ڇاڙيل ۽ سهپ ۽ برداشت رکندڙ آهي. مون کي پنهنجي سنگت تي فخر آهي.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
خوشي ۽ خوشحاليءَ جي نمائندگي ڪندڙ سڀئي رنگ. شال سڀني جي زندگي، انهن رنگن سان رنگيل هجي. باقي هر قسم جي خوشبوءِ کان مون کي الرجي آهي.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
اهڙي گاڏي، جنهن ۾ ٻارن سان گڏ گهمي ڦري سگهجي. ڀلي سادڙي ڇو نه هجي.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
آئون پراين پئسن تي حج يا عمرو ڪرڻ ٿو چاهيان. اهو ڏسڻ لاء ته ماڻهو واقعي به ٻين کي حج يا عمرو ڪرائيندا آهن يا اهي ڳالهيون رڳو ڦهلايون ويون آهن.

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
جتي هجن خوش هجن.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
آئون سنگت لاء دعاگو آهيان، باقي سنگت کي مون بابت جيڪي چوڻو هجي، سو پاڻ چون.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
ماڻهو سادڙا ۽ سٻاجهڙا نه هئڻ گهرجن. انهن کي سڀني ذاتي توڙي سماجي مسئلن جو ادراڪ هئڻ گهرجي. باقي معامله فهم ۽ سماج توڙي انسان سان سچا هجن.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
”جو دم غافل، سو دم ڪافر“.
”ستا اٿي جاڳ، ننڊ نه ڪجي ايتري“.
”تتي ٿڌي ڪاه، ڪانهي ويل ويهڻ جي“.

Good Wishes