اعظم ڀٽي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.05.55 AMاعظم ڀٽي: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

اعظم ڀٽي! ها ٽنڊي وارو! ان ٽنڊي وارو، جنهن ٽنڊي جو، پاڻ کي ٽئين درجي جو شاعر چوندڙ، جهوني هجڻ جو اقرار ڪندڙ، ان ٽنڊي کي خانن جو ٽنڊو چوي ٿو. اسان جو لوڪ ماڻهو محمد خان جو ٽنڊو چوي ٿو. ان ٽنڊي ۾ معشوقن جو مانُ ٻُڌجي ٿو. ٻين حوالن سميت آغا جان آغا جي حوالي سان به، ان اهم ٽنڊي جي نالي سان سڃاتو ويندڙ، اهو ئي اعظم ڀٽي، جيڪو علمي، ادبي، سماجي تقريبن ۾ اسٽيج سيڪريٽري هوندو، نه هوندو ته اسپيڪر هوندو، نه هوندو ته ٻڌندڙ هوندو، نه هوندو ته مطلب ڪنهن مجبوري سبب نه هوندو. اهو ساڳيو اعظم ڀٽي پنهنجي فيس بوڪ انٽرويو ۾ پهتو آهي. پنهنجي پڙهڻ لاءِ سندس مختصر تعارف ۽ ويچار پهتو آهي، مون کي وڻيو آهي، اوهان پڙهي پنهنجو رايو لکندا، ته مون سان گڏ اعظم ڀٽي تائين به پهچندو. پهچندو ته اوهان جي مهرباني مڃبي.

1. اوھان جو نالو؟
اعظم ڀٽي.

2. ولديت ذات سميت؟
محمد اشرف ڀٽي.

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ هنڌ سميت)
جنم 6 جولاءِ 1977ع، پير محلا، لڳ ٽيليفون ايڪسچينج، ٽنڊو محمد خان.

4. تعليم؟
ايم. اي (پوليٽيڪل سائنس).

5. ڪرت (پيشو)؟
روينيو کاتي ۾ ملازمت.

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
لکڻ ۽ پڙهڻ.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟. اوهان جا ڪتاب؟
ٿوري شاعري، گهڻو نثر، مطلب ڪالم، مضمون، سوانحي خاڪا، مقالا، ڪجهه ڪهاڻيون. منهنجو مواد ڪجهه گڏيل مجموعن ۾ شايع ٿيو آهي. ”شاعري ڳالهائي ٿي“ مرتب: غلام مصطفي' سولنگي، نومبر 2015ع ۾، ”سخنور سنڌ ڌرتيءَ جا“ مرتب: احساس ميرل 2018ع ۾، ”گل ڇنو گرنار جو“ مرتب: ياسر قاضي، 2015ع ۾، ”ويساهن جو وچن“ ايوب کوسو، 2017ع ۾، ”تخليقڪارن سان ڪجهه پل“ مرتب: ڊاڪٽر مشتاق ڦۡل، آگسٽ 2017ع ۾، ان کان علاوه کوڙ سارن ڪتابن جا مهاڳ، رايا، تبصرا، ٻه اکر، تعارف وغيره به ته مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ به مواد شايع ٿيندو رهي ٿو.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
تاريخ جي موضوع کي.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
سير و تفريح کانسواءِ انسان اهو سُڪل وڻ آهي، جيڪو هميشه بي ثمر هوندو آهي.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
ڪچهري اسانجو ثقافتي جُزو آهي، جنهن سان محبت وڌي ٿي ۽ معلومات جا موتي ميڙجن ٿا.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ادبي اوسر ۽ سکيا لاءِ ادبي تقريبون اُتساهه جو وڏو سبب هونديون آهن.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
سماج کان ڪَٽيل ماڻهو ڇَسو آهي، سماجي ڪم رُوحاني سُڪون جو ذريعو ۽ تقريبون سماج جي ڀلائي لاءِ فائديمند ۽ جاڳرتا جو حصو آهن.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
ڪي تمام سُٺا، ڪي سُٺا، ته ڪي وِچٿرا.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
همدرديءَ، عاجزيءَ، نِوڙت ۽ اُتساهه ڏيارڻ ۽ وٺڻ وارا.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
رنگ ڳاڙهو ۽ خوُشبو گُلاب جي گُل جي.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
اڪثر طور گوڏي گاڏي ۽ عام طور موٽر سائيڪل.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
انسان خواهشن جو پُتلو آهي، هزارين خواهشون من جي مئڪدي ۾ بوتلن جيان سجائي هلي ٿو، پر منهنجي ٻُڌائڻ جهڙي خواهش اها آهي، ته ڪو تخليقي مجموعو منظرِعام تي آڻي سگهان شال!!

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
مائٽ شفقت جو ڇانورو آهي، جنهن ڇانوَ جي سلامتيءَ لاءِ هر وقت دُعاگُو رهندو آهيان.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
سنگت، ساٿي، دوست، زندگيءَ جو سرمايو آهن، ان سرمايي کي بچائڻ لاءِ درگُذر جو مادو ضروري آهي.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
دل ته چوي ٿي ته سڀ پڙهيل لکيل، ادب ۽ ذوق وارا هُجن، ان جي باوجود به اخلاق جي بُلندي بنيادي گهُرج هئڻ گهرجي.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
محبت کانسواءِ زندگيءَ اڌُوري ۽ آزاديءَ کانسواءِ زندگيءَ بي معنى آهي.

Good Wishes