مسافر هاليپوٽو ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.04.12 AMمسافر هاليپوٽو: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

وفائون به مسافر ٿينديون آهن! مون کي اها خبر مسافر هاليپوٽي جي شاعري جو پهريون مجموعو ”مسافر وفائون“ ڇپجڻ جي تيارين وقت پئي. هونئن نه ته مسافر هاليپوٽو ٽنڊي باگي وارن هاليپوٽن شاعرن جيترو مشهور ۽ مقبول آهي يا نه، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾ هي به ڇپبو رهيو آهي. مختلف شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ٿيندڙ ادبي تقريبن ۽ مشاعرن ۾ به اڪثر شريڪ ٿيندو رهيو آهي. هن جو ڳوٺ ماتلي کان ٽنڊي باگي جي ابتي ڏِس ڏانهن، ڦلڪارا ۽ گلاب لغاري جي وچ ڌاري آهي. شل نه ان طرف وڃڻو پوي. جيڪو ويندو، سو ياد ڪندو!

مسافر جون مُرڪون ۽ محبتون وفادار آهن. سندس ٻيو تعارف، منهنجي سوالن جا جواب لکي هن پاڻ لکيو آهي ۽ منهنجي ئي سوالن جا جواب لکندي، سندر ويچار به هن پاڻ لکي موڪليا آهن. اميد ته پڙهي، پنهنجي راءِ ڏيندا.

1. اوھان جو نالو؟
عبدالسلام، مسافر هاليپوٽو.

2. ولديت ذات سميت؟
حاجي رمضان هاليپوٽو.

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ ۽ ھنڌ سميت)؟
5. فيبروري 1978ع، ڳوٺ حاجي راهو هاليپوٽو، تعلقه ماتلي، ضلع بدين.

4. تعليم؟
مئٽرڪ

5. ڪرت (پيشو)؟
دڪانداري.

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
ڪتاب پڙھڻ.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
شاعريءَ جي سڀني صنفن تي طبع آزمائي ڪئي آ. ”مسافر وفائون“ تازو ڇپجي پڌرو ٿيو آهي. ڪهاڻيون لکيون اٿم، جن مان ڪتاب جيترو مواد مختلف رسالن ۾ ڇپيل آھي، ڪالم به لکيا اٿم.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
خاص ڪري تاريخ... باقي سڀ موضوع.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
سير تفريح ڀلو ڪم آھي.... هونئن به چوندا آھن ته گھڻي کاڌي کان گھڻو ڏٺو ڀلو...

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
سڪون....

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ڀلو عمل آھي. حق، انصاف سان، ترجيحي بنيادن سان هجڻ کپن...

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
خلوص سان ٿين، بي لوث ھجن. خالص انسانيت ناتي سان ته اهڙو ڀلو ڪو ٻيو عمل ئي ناهي.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
جيڪو جيترو لهڻي ٿو، ان کي اوترو مان ڏيندو آھيان.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
پنهنجي وس آھر نڀائيندو آھيان، اهو سوچي ته ”او جي او جاڻن سانون اپڻي توڙ نڀاوڻي هي“.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
گلابي..... گلاب...

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
ريل، باقي جا منزل تي پهچائي، سا اکين تي...

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
ڳوٺ ۾ اسڪول کولڻو اٿم، بس.

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
”رٺا ئي رهن پر هجن شل حياتي“.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
”جتي هجو سکيا هجو اسان جي آ دعا اها“...

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
سادا هجن پر سکيا هجن... دعا اهائي گھرندو آھيان ته ”عالم آسودو هجي....“

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
پيغام وڏا ماڻھو ڏيندا، نماڻو عرض آ... ”جيترو به ٿي سگھي برداشت ڪجي پيار ورهائجي“...

Good Wishes