نھال واڌواڻي ترتيب: مٺل جسڪاڻي

WhatsApp Image 2020 05 23 at 12.01.32 AMنھال واڌواڻي: مختصر تعارف ۽ ويچار

ترتيب: مٺل جسڪاڻي

نھال واڌواڻي سان ڪا به ڏيٺ ويٺ نه آهي، فيس بوڪ رابطو به نه آهي. ”فيس بوڪ انٽرويو“ سلسلي جو اعلان پڙهي، هيٺيون تعارف ۽ ويچار موڪليائين، ته سندس وارو اچڻ تي، اوهان سان ونڊ ڪجي ٿو. اميد ته پڙهي، پنهنجي قيمتي راءِ ڏيندا.

1. اوھان جو نالو؟
نھال واڌواڻي.

2. ولديت ذات سميت؟
رامچند مينگھواڙ.

3. رھائشي پتو (ڄمڻ جي تاريخ، هنڌ سميت).
جنم12 آڪٽوبر 1997ع، ڳوٺ باکريجي، اڇڙو ٿر، تلعقو کپرو، ضلعه سانگھڙ.

4. تعليم؟
M.A

5. ڪرت (پيشو)؟
آخوند (استاد).

6. ترجيحاتي مصروفيتون، وندر؟
ڪتاب پڙھڻ، سماجي خدمت ڪرڻ، ادبي گڏجاڻيون ڪرڻ، ادبي گڏجاڻين ۾ حصو وٺڻ.

7. ليکڪ آھيو ته شاعر، ڪھاڻيڪار، ناول نويس، مضمون نگار يا ڇا ڇا لکندا آھيو؟
ادب جو ادني شاگرد آھيان، شاعر، ڪھاڻيڪار، نثر نويس، مضمون به لکيا اٿم. ڪافي لکڻيون شايع ٿيون آھن، مختلف اخبارن ۽ رسالن ۾، ڪتاب ڪھاڻين جو ڇپائي جي مرحلي ۾ ۽ پکي پرواز ۾ گڏيل شاعري جو مجموعو کپرو جا شاعر آيل آھي جنھن ۾ منھنجي شاعري ۽ تعارف آھي.

8. مطالعي ۾ ڇا پڙھڻ کي اوليت ڏيو ٿا؟
بايوگرافي ۽ آٽو بايوگرافي (وڌيڪ پسند آھي)، تاريخ، شاعري، ادب جي ھر صنف جو ڪتاب پڙھندو آھيان.

9. سير سفر، اوھان جي نظر ۾؟
سير سفر تمام ضروري آھي. عملي ڪم آھي. ڪوشش ڪري گھمجي، تاريخي ماڳن مڪانن تي وڃجي. مھيني ۾ نه سھي، ٻي يا ٽي مھيني تاريخي جائن جو سير سفر ڪرڻ گھرجي.

10. ڪچھريون، اوھان جي نظر ۾؟
ڪچھريون علمي تاريخي سائنسي بنيادن تي ٻڌل ھجن جن ۾ ننڍڙا توڙي وڏڙا اچي ويھن ڀلين پنھنجو ماضي ٻڌائن ان ۾ سکڻ لاءِ ڪافي شيون ملن ٿيون. پر موجوده وقت ۾ ڪچھري کائڻ پيئڻ واريون ٿي ويون آھن. چار گڏجي ڪڪڙ يا مڇي کاڌي يا شراب تمباڪو نوشي ڪئي يا گڏجي ڳوٺ پاڙي وارن جو گلائون ڪيون اھڙين ڪچھرين ۾ حصو نه وٺجي، ٻارن کي گھر ۾ ڪچھري جو ماحول ٺاھي ادڙن، ادڙين ڀائرن ڀينرن وڏڙن وڏڙين کي گڏي ھڪ قسم جو ھلڪو ٺاھي ڄاڻ ڏجي ادب وه آداب سيکارجي.

11. ادبي تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
ادبي تقريبون تمام سٺي ڳالھ آھي ٿيڻ گھرجن، پر ادب سان گڏ سياست جيڪي ڪن ٿا اھو غلط آھي. ادبي گڏجاڻين رڳو شاعري نه پڙھي وڃي لطيفيات فلسفي تاريخ جي ڄاڻ ڏني وڃي ادبي ڪچھرين کي مذھبي ۽ سياسي رنگ نه ڏنو وڃي.

12. سماجي ڪم ۽ تقريبون، اوھان جي نظر ۾؟
بھتر آھن ۽ بھتر رکڻ گھرجن ڇو ته انسان جي شناخت اتان کان ٿئي ٿي.

13. اوھان جا عزيزن سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
بھتر آھن ۽ بھتر رکڻ گھرجن ڇو ته انسان جي شناخت اتان کان ٿئي ٿي.

14. اوھان جا سنگت ساٿ سان لڳ لاڳاپا ۽ رويا؟
سٺا آھن ڪوشش ڪري گھر ۾ نه آڻجي سنگت کي ھڪ مخصوص انداز سان درپيش اچجي پوءِ سنگت ۾ وڏا مسئلا ٿيندا آھن. موجوده وقت جا حالات اڻ ساريا ڪنھن کان ناھن. دوست ادبي آھن. ۽ عمر ۾ ننڍا ناھن سڀ وڏا آھن ۽ سماج جا نيڪ ۽ سٺا فرد آھن فخر آھي بھترين دوست محبوب رب عطا ڪيا آھن.

15. اوھان جي پسند جو رنگ ۽ خوشبو؟
رنگ اڇو خوشبو ڪردار جي سھڻي لڳندي آھي. جيڪا ھميشه رھندي آھي. باقي عام خوشبو ڪجھ پلن کان پوء ختم.

16. اوھان جي پسند جي سواري؟
ڪار.

17. اوھان جي اھڙي خواھش، جيڪا ٻڌائڻ پسند ڪريو؟
دنيا سڄي گھمڻ جي خواھش آھي. ڪيئن انسان رھن ٿا اتي جي ٻولي لباس تمندن تاريخ ھڪٻئي سان ورتاءُ، ٻي خواھش پوري ٿيڻ واي آھي. لائبريري جي جيڪا اڌ مڪمل ٿي وئي آھي. باقي اچي ٿوري رھي آھي.

18. مٽن مائٽن متعلق ڇا ٿا چاھيو؟
ماٽن مائٽن کي اھو چوندس اجايون فرسوده رسمن ۾ وقت ۽ پئسي جو زيان نه ڪن. وقت سان گڏ ھلن، سائنسي علم ڏانھن رجوع ڪن ٻارن کي سٺيون شيون ڏيکارن سٺن ماڻھن ادبين سائنسدانن سان ملائن ڪتابن ڏانھن لاڙو ڪرائن. اولاد جي شادي پسند تي ڪرائن اڻ ڏٺي لائيٽري واري شادي وڏا مسئلا پئي ڪري. زال لولھي لنگڙي انڌي منڊي ھڻ مغز ۾ ائين نه ڪن ٻارن کي سٺي تعليم ڏين ڄمندي انشورنس ڪرائن جيئن 20 سالن جي عمر ۾ کلي تي سڀ لڙھ لھي وڃن. مٽن مائٽن کي پنھنجا پراڻا خيال اولاد تي نه ٿاڦين.

19. سنگت ساٿ لاءِ ڇا ٿا چاھيو؟
سنگت ساٿ کي لاء اھو چاھيان ٿو محنت ڪن، وس آھر ٿين ڪنھنجي اڳيان ھٿ نه ٽنگين، جيڪڏھن خدا نه خواسته ڪنھن دوست سان مجبوري آھي. مدد ڪن. رڳو سنگت ساٿ سان نه ھلن ٻارن گھر کي به وقت ڏين.

20. عام ماڻھو ڪيئن ۽ ڪھڙا ھجڻ گهرجن؟
عام ماڻھو غلام پاڻ کي نه سمجھن عام يا خاص انسان جو تصور نه ڪن آئون بھترين ڪم ڪري سگھان ٿو. محنتي آھيان سٺا ڪم ڪندس نه ته عام ماڻھو شراب نشي ۾ پئسو وڃائن ٿا. ائين نه ڪرڻ گھرجي فقيرن تي گھڻو خرچ ڪن ٿا ۽ يقين به جن انھن کي وڌيڪ غريب ۽ پنڻ پري ڪري ڇڏيو آھي. عام انسان پنھنجي زندگي پنھنجي حال سارو بصر ڪري محل ڏسي جھوپڙي نه ڊاھي.

21. اوھان ڪو پيغام ڏيڻ چاھيو، ته ضرور لکو؟
سڀني سڄڻن کي ھي عرض ڪندس نياڻين ۽ پٽن کي برابر حق ڏيو تعليم ملڪيت توڙي شادي جي ڪرڻ تائين. سائنسي علم سکو الاد کي امير نه خوش ٿيڻ سيکاريو. ھڪٻئي جي مدد ڪريو پاڙيسرين جو خيال رکو. گندگي نه ڪريو ماحول گھر صاف سٿرو رکو گھرن ۾ وڻ ٻوٽا پوکيو جيڪڏھن ٿوري جاءِ آھي ته گھر لاءِ ڀاڄيون پاڻ پوکيو. سٺن ماڻھن سان واسطه رکو علمي ادبي ڪچھريون ڪريو. برداشت جي سگھ پيدا ڪريو. مذھب جو استعمال ڪري انسانيت جا ليڪا نه لتاڙيو. فلسلفو پڙھو. نيڪ ٿيو ڪوشش ڪري ڪجھ فلاحي ڪم ڪريو. ۽ معشاري ۾ سٺا اسڪول اسپتالون لائبريريون کوليو جيئن سڀاڻي توھانکي دنيا سٺي نالي سان ياد ڪري محبتون.

Good Wishes