محبتن جو شاعر غلام محمد “در” نعيم ملڪ


ڏاهپ ۽ ڏات جي ديوي انهي هما پکيءَ جهڙي آهي جيڪا جنهن جي مٿان گذري يا انهي تي ڇپر ٿئي ته قسمت جا قيمتي دروازا انهي جي مٿان کلي پوندا آهن، ڪيترا ماڻهو ته اهڙا ڀاڳوند هوندا آهن جن کي ڌڻي تعاليٰ ڄڻ هڪ خاص وقت تي ٺاهيو هجي، جنهن کي پنهنجي قدرت جي مڙني نعمتن سان مالا مال به ڪيو هجي.انهي مهان ۽ محب ۽ انمول ماڻهن مان هڪ نالو وڏي شاعر، ڀلوڙ انسان غلام محمد “در” منگي جو به آهي، ڇا ڪمال جي شخصيت هئي، تمام حسين، سهڻو مردانه وجاهت پنهنجي جاءِ تي پر حسن ۾ اهڙو سرس جو دل چاهي ته ويٺو کيس ڏسجي، سندس جواني جي دور ۾ هندستاني فلمن جو هيرو راجڪپور عروج تي هو، غلام محمد “در” به راجڪپور کان گهڻو متاثر هو، سندس انداز اٿڻ ويهڻ اهڙو ڄڻ جهڙو راجڪپور پر هڪ ڳالهه اها ته هو راج ڪپور کان سوين ڀيرا سهڻو هو. اهو قدرت جو ڪمال چئجي يا اتفاق ته غلام محمد “در” جهڙو سونهن ۾ سرس هو تهڙو بلند اخلاق، سڀاءُ ۽ انتهائي شانائتو ۽ شاندار ڪچهري جو ڪوڏيو هو، پنجاهه يا سٺ واري ڏهاڪي ۾ هر انهي ماڻهو کي لئه لست وارو سمجهيو ويندوهو جيڪو هڪ ته ڪچهري جو ڪوڏيو هجي ٻيو اوطاقي اهي ٻئي وصفون سندس سونهن جيان نمايان هيون، ڳوٺ پيارو خان آرائين تعلقو دادو، ضلعو دادو ڪچي ۽ پڪي جي اهڙي سنگم تي ۽ انتهائي زرخيز مٽي تي واقع آهي اهو به هڪ اتفاق آهي ته غلام محمد “در” جي ڳوٺ جي ويجهو استاد بخاري ۽ حاڪم علي شاهه جهڙا سندس هم عصر ۽ پاڙيسري هئا ته ٻئي طرف الهه نواز رڪڻائي، جگر رڪڻائي، عبدالرحمان شاهه، اختر لڪياري ويجها هئا ته ٻئي طرف پيرل پرديسي، وفا ناٿن شاهي، اڪرم ٻورڙائي ۽ درياهه جي ٻئي پاسي راشد مورائي جهڙا نه صرف سندس هم عصر هئا پر ويجها ۽ گهٽا دوست به هئا، جنهن جو هڪ سبب سندس تعليم کاتي ۾ استاد هئڻ هو، ٽيون سبب اهو ته هو ان وقت دادو تعلقي ۾ اسٽيج ڊرامن جو عروج هو جنهن ۾ استاد بخاري، الهنواز رڪڻائي، غلام محمد “در” فتح محمد پنهور، دادن ڀنڊ، عظيم کوکر، سرتاج آرٽ سرڪل جي نالي سان اسٽيج ڊرامه ڪندا هئا، انهن بلند پايه ڊرامن جون ڪهاڻيون استاد بخاري، حاڪم علي شاهه، سرتاج لڪياري ۽ غلام محمد “در” لکندا هئا، انهي دور ۾ پلي بيڪ سنگر جو رواج نه هو، هيرو، سائيڊ هيرو، هيروئن اسٽيج تي سڌو سنئون گانا ڳائيندا هئا ۽ اسٽيج تي پويان ساز وڄندا هئا، اها تمام گهٽ ماڻهن کي خبر آهي ته استاد بخاري، الهنواز رڪڻائي، غلام محمد “در” ۽ حاڪم علي شاهه بنيادي طور تي گلوڪار هئا بعد ۾ شاعر روشناس ٿيا.استاد بخاري سازندو به هو، ڍولڪ، طبلو۽ باجو وڄائيندو هو، اهڙي طرح غلام محمد “در” به ڍولڪ نواز هو، حاڪم علي شاهه به باجو ۽ ڍولڪ وڄائيندو هو، الهنواز رڪڻائي به ڍولڪ ۽ باجو وڄائيندو هو، اهو ئي سبب آهي ته جڏهن انهن دوستن گڏيل طور شاعري ۾ پير پاتو ته اهي هڪ ئي وقت علم عروض جا ماهر، ٻولي جا وينجهار ته سازندا ۽ موسيقار به هئا، انهي ڪري جڏهن توهان استاد بخاري، الهنواز رڪڻائي ۽ غلام محمد “در” جي شاعري پڙهندا ته اها موسيقي سان لبريز ملندي، اهو صرف ڪو حسن اتفاق نه آهي پر اها سندس سالن جي محنت ۽ سخت رياضت جو نتيجو هئي، استاد بخاري، الهنواز رڪڻائي، کاٻي ۽ ساڄي پاسي هئا جڏهن ته غلام محمد “در” جو ڳوٺ انهن جي ڳوٺن جي وچ تي هوندو هو، اڪثرٽئين شاعر موسيقار، گلوڪار ۽ سازندا دوست گڏجي ڪچهري ڪندا هئا ته ڪيترائي پهر گذري ويندا هئا.استاد بخاري بعد ۾ پروفيسر ٿي رٽائرڊ ٿيو پر غلام محمد “در” ۽ الهنواز رڪڻائي پرائمري استاد رهيا، استاد بخاري، غلام محمد “در” ۽ الهنواز رڪڻائي جو هڪ ٻيو سبب به روز ملڻ جو بهانو هو، اهو هو والي بال راند کيڏڻ، ٽئي ڄڻا والي بال راند جا ڀلوڙ رانديگر هئا، هڪ خوبي اها به وٽن هئي ته سڀ ڏاڍا خوشخط هئا، غلام محمد “در” جي خطاطي ۾ دادو ضلعي ۾ گهڻو مشهور هو.غلام محمد “در” جڏهن ڳائيندو هو ته سندس آواز پري پري تائين ويندو هو ۽ پري ويٺل به آساني سان ٻڌي سگهندو هو، اها به ڳالهه هتي چوڻ چاهيندس ته استاد بخاري، حاڪم علي شاهه، غلام محمد “در” منگي ۽ الهنوازرڪڻائي بهترين گلوڪار هئڻ باوجود ڪڏهن به گلوڪاري وارو ڌنڌو اختيار نه ڪيو.انهي سڀني خوبين جي باوجود استاد بخاري، غلام محمد “در” منگي ۽ الهنواز رڪڻائي جي شهرت جو سبب صرف ۽ صرف شاعري ئي ٿي، اڄ به ٽنهي دوستن کي سنڌ شاعر طور سڃاڻي ٿي. غلام محمد “در” بحيثيت شاعر علم عروض جو پختو شاعر هو، سندس شاعري جي شروعات 1960ع ڌاري ٿي، استاد بخاري ۽ الهنواز رڪڻائي هڪ ٻئي جي شاعري جي اصلاح پاڻ ئي ڪندا هئا، سندس شاعري ۾ ڪو نمايان استاد نه هو پراستاد بخاري جي مشوري تي غلام محمد “در” منگي شاعري جي اصلاح ان وقت جي وڏي شاعر محسن ڪڪڙائي کان حاصل ڪئي، محسن ڪڪڙائي اسٽيج جو بادشاهه شاعر هو، جڏهن اسٽيج تي شعر پڙهندو هو ته محفل کي جهومائي ڇڏيندو هو، اها ساڳئي اسٽيج جي شهنشاهه هئڻ واري حيثيت غلام محمد “در” منگي ۾ به هئي پر هن جي نمايه خاصيت اها هئي ته هو پنهنجو شعر ترنم سان پڙهندو هو ته محفل کي جهومائي ڇڏيندو هو، ان وقت وڏا وڏا مشاعرا ٿيندا هئا، هڪڙا بزم طالب الموليٰ جا پيربخش ميربحر ۾ ٻيا دادو شهر ۾ ۽ ٽيون خيرپور ناٿن شاهه ۾، انهي چوڻ ۾ ڪو وڌاءُ نه آهي ته غلام محمد “در” جي هم عصر شاعرن وارو دور دادو ضلعي ۾ شاعري جو سونهري دورليکيو وڃي ٿو.غلام محمد “در” منگي جي پيدائش 4 اپريل 1947ع ڳوٺ پيارو خان آرائين ۾ محمد صالح منگي جي گهر ۾ ٿي. غلام محمد در جي شاعري جو پهريون مجموعو “عشق آدرش” 1975ع ۾ شايع ٿيو، وقت ۽ حالتن سبب باقي مواد وڏي تعداد ۾ اڻ ڇپيل حالت ۾ موجود آهي، غلام محمد “در” جي دوستن جو حلقو گهڻو وسيح هو جن ۾ حافظ احسن چنه، احمد خان مدهوش، پيرل پرديسي سيتائي، سومرو سودائي، احمد مجتبيٰ غالب ملڪاڻي، محمد عثمان ميمڻ، ماستر شجاع سخيراڻي، منظور سخيراڻي، غلامون ميراثي، مائي هدايت ميراسڻ، غلام قادر کهرو، عبدالله اثر چانڊيو، امام الدين ضامن، احمد خان آصف مصراڻي، ميرل جويو، آثم ناٿن شاهي سميت وسيح تعداد ۾ هو، اولاد جي پڙهائي خاطر ڳوٺ پيارو خان آرائين مان لڏي 1978ع ۾ دادو لڏي آيو پر ڪجهه عرصي کانپوءِ حيدرآباد لڏي آيو، عمر جي آخري وقت ۾ حڪمت جو ڌنڌو اختيار ڪيائين، ڊاڪٽر قادر مگسي سان ويجهڙائپ هئڻ ڪري انهي جي پارٽي لاءِ به گهڻو ڪم ڪيائين، هي نهايت پيارو خوش خلق ۽ خوش شڪل انسان 65 سالن جي ڄمار ۾ مئي 2012ع ۾ حيدرآباد ۾ وفات ڪري ويو.

Good Wishes