شاعر، ليکڪ ۽ صحافي عبدالقيوم "خمر" جکراڻي

سوانح
(پنھنجو تعارف پنھنجي زباني)
منھنجو نالو عبدالقيوم ، منھنجي والد صاحب جو نالو صوفي غلام مصطفيٰ "آثم" ۽ ذات جکراڻي آھي،
مان 2 آگسٽ 1963ع ۾ جیڪب آباد ۾ پیدا ٿيس، جڏھن پڙھڻ جھڙو ٿيس تہ بابا مون کي پاڻ سان گڏ پنھنجي اسڪول گورنمينٽ پرائمري اسڪول غلام محمد بروھي نمبر (1) پڙھائڻ لاء وٺي ویندو ھو ڇو تہ بابا سائین (صوفي غلام مصطفيٰ) پرائيمري استاد ھو ۽ ايئن ئي منھنجي ابتدائي تعليم جو آغاز ٿيو، اھو اڻويھ سؤ ستر جو دؤر ھو، اسڪول ڳوٺ کان 2/3 ڪلو ميٽر پري ھو،
سادگي جو دؤر ھو سواريون عام جام نہ ھيون انڪري اسين اسڪول پنڌ ايندا ويندا ھئاسين، بابا سائين اسڪول وڃڻ ۽ اچڻ دؤران بہ اسان کي رستي سان پڙھائيندو ويندو ھو، ۽ صبح جو قرآن پاڪ جو سبق بہ بابا سائين گھر ۾ پڙھائيندو، پڙھڻ ۾ غلطي جي صورت ۾ سخت سزا ملندي ھئي،
اڻويھ سؤ پنجھتر عیسوی ۾ پنجون درجو پاس ڪري ويجھڙائي جي انگريزي اسڪول گورنمينٽ ھاء اسڪول محمدپور اوڍو ۾ انگریزي پڙھڻ لاء بابا مونکي داخل ڪرايو، جتي استاد عزیز اللہ "عزیز" بروھي‎ ‎۽ استاد عبدالرحمان جتوئي جھڙا اديب استاد ملي ويا ، جن جي صحبت ۾ سنڌي رسالن پڙھڻ جو شوق پيدا ٿيو، انھن ڏينھن ۾ ٻاراڻو ماھوار رسالو "گل ڦل" حيدرآباد مان ۽ "گلڙا" رسالو شڪارپور مان شايع ٿيندو ھو ، جن جي مطالعي سان مون کي بہ رسالن ۾ لکڻ جو شوق پيدا ٿيو سو مون بہ لکڻ جي شروعات ڪئي ، اٹویھ سؤ اسی عیسوی ۾ سنڌاطلاعات کاتي طرفان شايع ٿيندڙ  ماھوار رسالي پیغام ڪراچي ۾ پھريون دفعو منھنجي شاعري شایع ٿي،جنھن تي بيحد خوشي ٿي، ان کان پوء ويتر شوق وڌندو ويو ۽ مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ منھنجو مواد شايع ٿيندو رھيو،‏ ماھوار نئين زندگي ماھوار السنڌ اسلام آباد، اخبار تعليم ،عبرت مئگزين،روزاني سوڀ، روزاني جيجل سميت ڪيترن ئي اخبارن ۽ رسالن ۾ منھنجو مواد شايع ٿي چڪو آھي،
اڻويھ سؤ اسي عيسوي ۾ مئٽرڪ ڪرڻ بعد بہ تعليم جاري رکندي ڊگري ڪاليج جيڪب آباد‎ ‎مان ايم اي اسلامي ڪلچر فرسٽ ڊويزن ۾ پاس ڪيم. 
2‏ اپريل اڻويھ سؤ ٽياسي عيسوي ۾ 350 روپيا ماھوار پگھار سان مسجداسڪول ٽيچر جي نوڪري ملي وئي، بعد ۾ بي ایڊ ۽ ايم ایڊ جا ڪورس ڪري ايچ ايس ٽي جو حقدار بڻیس مگر بدقسمتي سان راشي آفيسرن جي نا اھلي سبب گھڻي عرصي بعد آخرڪار پندرنھن فيبروری 2018ع ۾ مس مس پرائمريء مان ایڇ ایس ٽي طور منھنجو پروموشن ٿيو ۽ گورنمينٽ ھائر سيڪنڊري اسڪول محمدپور اوڍو ۾ مونکي ايڇ ايس ٽي ڪري رکيو ويو، ۽  ھن وقت بہ پنھنجي ڊيوٽي جا فرائض ساڳئي اسڪول ۾ سرانجام ڈيئي رھيو آھيان، پھرين آگسٽ 2019 کان پي ڊي ايف تي "روزانہ المصطفيٰ نالي سان جيڪب آباد مان پنھنجي اخبار جاري ڪيم جنھن جو چيف ايڊيٽر مان پاڻ آھيان،
جيئن تہ ننڍپڻ کان ھن وقت تائين منھنجي رھائش تعلقي ڳڙھي خيري جي ڳوٺ محمدپور اوڍو ڀرسان گوٺ فيض آباد جکراڻي ۾ آھي. مونکي اولاد ۾ 7 پٽ ۽ 5  نياڻيون آھن. پٽن جا نالا تاج محمد(ڊگري ڪاليج جيڪب آباد ۾ نائب قاصد) اقبال احمد، سراج احمد اويس احمد، عزيز احمد، انيس احمد (صحافي) ۽ محمد جنيد آھن.

منھنجو موبائيل نمبر

03002235133
Email : This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Good Wishes