اياز علي لغاري

Ayazمنھنجو جنم تعلقي کپري، ضلعي سانگھڙ جي ھڪ نھايت ئي پسمانده علائقي پنيري ۾، ھڪ خانداني سرڙئي ھاري جي گھر ۾ ٿيو. ھاري ۽ مزدور ھوندي به منھنجي والد صاحب (استاد لغاري) کي لکڻ پڙھڻ، ڪتابن گڏ ڪرڻ ۽ شاعري ڪرڻ جو شوق ھوندو ھو. اڳتي ھلي منھنجو والد صاحب پرائمري استاد ٿيو ته مون به پنھنجي پرائمري تعليم بابا سائين وٽان شروع ڪئي. مئٽرڪ گورنمنٽ ھاءِ اسڪول مولوي خير محمد (سانگھڙ) مان ۽ انٽر گورنمنٽ ڊگري ڪاليج کپري مان ڪئي. کپري جو علائقو پٺتي پيل ھجڻ سبب سٺي تعليم جو رجحان نه ھجڻ جي برابر آھي، جنھن جي ڪري سائنس وغيره جي تعليم جو موقعو نه ملي سگھيو. انٽر ڪرڻ کان پوءِ کپري مان انگريزي ٽائپنگ جو ڪورس ڪيم، جنھن بعد گھر وارن جي مالي سھائتا لاءِ ڪجھ وقت کپري شھر ۾ اخبارون به وڪڻندو ھئس. ماڻھو مھڻا ڏيندا ھئا، ته تون پڙھيل لکيل آھين ۽ ھي مزدوري ڇو ٿو ڪرين؟ پر آئون انھن ڳالھين جي پرواھ نه ڪندي اخبارون وڪڻندو رھيس، ته ان دوران ھڪ وڪيل سان ملاقات ٿي، ان کي پنھنجي آفيس ۾ ڪنھن ملازم جي ضرورت ھئي، ان مونکي پنج سو رپيا مھيني جي پگھار تي پنھنجي آفيس جو اسسٽنٽ رکي ڇڏيو. ايئن اتي انگريزي ۽ آفيسن جو ڪم ڪافي سکيس. غربت ۽ پسماندگي سبب انٽر پاس ڪرڻ کانپوءِ منزل صرف ۽ صرف سرڪاري نوڪري ھئي، اھڙي ريت سن 2000ع ۾ پاڪستان ائٽامڪ انرجي ڪميشن، ٽنڊي ڄام ۾ ڪلارڪي جي نوڪري آئي، اتي درخواست موڪليم، ٽيسٽ ۽ انٽرويو ۾ پھريون نمبر کڻي اتي ڀرتي ٿي ويس. زندگيءَ جا چوڏھن سال اھا نوڪري ڪيم. والد صاحب جي ادبي ذوق جي ناتي سان، ان دوران سنڌي ادب ۾ ايم اي فرسٽ ڪلاس ٿرڊ پوزيشن ۾ سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيم. جنھن بعد ايم اي اڪانومڪس ۽ ايم اي انٽرنيشنل رليشنس جون ڊگريون به سنڌ يونيورسٽي مان حاصل ڪيم. بي ايڊ، شاھ عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ڪيم ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد مان ايم ايڊ ڪري رھيو آھيان.

چوڏھن سال انگريزي ماحول واري اداري ۾ ڪم ڪندي، والد صاحب کان ورثي ۾ مليل سنڌي ادب ۽ ٻولي دل مان نه نڪتي. ان نوڪري دوران، اداري ۾ غريبن جي ھڏڏوکي جي حيثيت سان غريب ۽ ننڍي ملازمن ۾ ڏاڍي عزت ڪمايم، پر ھميشه آفيسرن ۽ انتظاميا جي عتاب ھيٺ رھيس. اھا ڏک واري صورتحال برداشت نه ڪندي، ھيڏانھن ھوڏانھن ھٿ پير ھڻڻ جو سوچيم، اھڙي ريت آءِ بي اي پبلڪ اسڪول سکر ۾ سنڌي ليڪچرار جي نوڪري آئي، ته اتي اميدوار جي حيثيت سان حاضر ٿيس ۽ ڪامياب ٿيس. ايئن 2014ع کان اتي سنڌي جي استاد جي طور ڪم ڪرڻ لڳس. اڳ ۾ ئي ٻڌائي چڪو آھيان ته سنڌي ادب ۽ ٻولي والد صاحب کان ورثي ۾ مليل ھئي، ان ڪري منھنجي اندر ۾ موجود سنڌي جو استاد جاڳي پيو ۽ پھرئين ئي سال اسڪول ۾ بھترين ڪارڪردگي جي عيوض بيسٽ ٽيچر ايوارڊ حاصل ڪيم.

اسڪول ۾ سنڌي ٻولي جي پروجيڪٽ تي ڪم ڪندي، ٻارھين درجي جي سنڌي ڪتاب جي لغت تيار ڪرڻ تي انجمن ترقي پسند مصنفين پاران مڃتا ايوارڊ به حاصل ڪري چڪو آھيان.

آءِ بي اي پبلڪ اسڪول سکر، سکر آءِ بي اي يونيورسٽي جي زير انتظام ھجڻ جي ڪري مونکي ان يونيورسٽي ۾ ڪم ڪرڻ جو به موقعو مليو. لڳاتار ٽن سالن تائين سکر آءِ بي يونيورسٽي جي اسٽينڊرڊائزڊ اچيومنٽ ٽيسٽ پروجيڪٽ ۾ سنڌي ٻولي جو ماھر مقرر ٿيندو رھيو آھيان. ٽن سالن تائين آغا خان يونيورسٽي امتحاني بورڊ ۾ سنڌي جو ممتحن مقرر ٿيندو رھيو آھيان. آغا خان يونيورسٽي امتحاني بورڊ جي مڊل اسڪول پروگرام ۾ سنڌي ٻولي جو اڳواڻ به رھي چڪو آھيان.

ٻن سالن لاءِ دي سٽيزن فائونڊيشن جي سنڌي استادن جي ڪارڪردگي جي جائزي لاءِ پڻ ڪم ڪري چڪو آھيان.

ھن وقت آءِ بي اي پبلڪ اسڪول سکر ۾ بحيثيت سنڌي ليڪچرار ۽ سنڌي شعبي جي اڳواڻ طور ڪم ڪري رھيو آھيان، ان کان علاوه سکر آءِ بي يونيورسٽي ۾ ۽ آءِ بي اي پبلڪ اسڪول سکر ۾ سنڌي جي استادن کي سکيا ڏيڻ خاطر ماسٽر ٽرينر به مقرر ٿيل آھيان. آءِ بي اي ڪميونٽي ڪاليجز جي سنڌي شعبن جي مٿان سنڌي جي ماھر جي حيثيت ۾ پڻ پنھنجون ذميواريون سر انجام ڏئي رھيو آھيان.

سنڌي اخبارن ۾ منھنجا لکيل آرٽيڪل پڻ شايع ٿيندا رھن ٿا.

Good Wishes