وفا ناٿن شاهي

وفا ناٿن شاهي
ليکڪ: مختيار علي چانڊيو
facebook 1578799664331وفا ناٿن شاهي عرف مشتاق علي ولد خيرات علي قريشي 15 مئي 1943 تي هندستاني پنجاب جي ننڊڙي ڳوٺ ڪڪڙاوالا  پنڊيالا ۾ جنم ورتو جتان 1947 ۾ پنهنجي ڪٽنب سان گڏ لڏپلاڻ ڪري اچي خيرپور ناٿن شاهه ڀرسان ڳوٺ گوزو ۾ رهائش اختيار ڪئي، وفا ناٿن شاهي جو والد خيرات علي قريشي هيو ته اڻپڙهيل پر گرمکي ڄاڻندو هيو ۽ ٺيٺ پنجابي ۾ ” هير وارث شاهه“ ۽ ”سدي رام جي سهڻي“ وارا داستان ڪچهرين ۾ ويهي دوستن کي ٻڌائي خوب داد حاصل ڪندو هيو، وفا ناٿن شاهي کي گهر اندر اهڙو ماحول مليو جو هو لوڪ ادب جا قصا ۽ ڪهاڻيون ٻڌيون ۽ ان ڪري ئي گهڻو ڪجهه سکڻ لاء مليو ۽ اهو ئي سبب هيو جو وفا ننڊپڻ کان ئي شعرو شاعري کي ويجهو ايندو ويو، ۽ موسيقي سان لڳاء به کيس والد کان ورثي ۾ مليو وفا ناٿن شاهي کي ”وفا“ جو تخلص پنهنجي استاد نامياري شاعر نشتر ناٿن شاهي کان مليو، ۽ پوء هي مشتاق علي قريشي مان ڦري وفا ناٿن شاهي ٿي ويو ۽ ان ئي نالي سان سنڌ توڙي هنڌ ۾ مقبوليت ماڻي، وفا ناٿن شاهي بيت وايون نظم پڻ لکيا پر هن کي غزل جو بادشاهه سڏيو وڃي ٿو، توڙي جو وفا ناٿن شاهي جي نه مادري زبان سنڌي هئي نه ئي سنڌ جي مٽي مان جنم ورتو هيو، پر سنڌ ڌرتي سان سندس اهڙي جند جڙي وئي جو هو سنڌ ۾ لڳندڙ جان کي جلائيندڙ جهولن کي به جنت جي آب حوا کان وڌيڪ سمجهي ٿو، ۽ چوي ٿو “سنڌ جي آب حوا، جنت الفردوس ڇا” وفا جو سنڌ ڌرتي سان اهو عشق جو اهڙو نرالو انداز آهي جنهن جو مثال نه ٿو ملي اها سنڌ جي عشق جي ڪفيت ئي آهي جو سندس شاعري مان ڌرتي جي مٽي جي خوشبو اچي ٿي ۽ سنڌ جي ماڻهن جي خلاف جيڪا به سازش ٿي ته وفا ناٿن شاهي سنڌ جي حلالي پٽن جيان هر اول دست جو سپاهي رهيو ۽ هن قلم ذريعي انهن سازشن کي للڪاريو سندس شعرو شاعري ۾ بغاوت جا نعرا آهن ۽ بغاوت جا گيت آهن، هن جيڪو لکيو آخر تائين ان تي ثابت قدم رهيو، ۽ چوي ٿو ته:
“نمڪ حرام نڪي بي ضمير آهيون دوست،
خلوص دل سان پيا سنڌ سان نڀايون دوست”
وفا ناٿن شاهي جتي رهيو جتي ننڊو ٿي وڏو ٿيو انهن ئي مسئلن ئي معاملن ۾ اک کولي جتي پورهيت پيڙهجي رهيو هو، ۽ ماڻهن کي مذهبي معاملن ۾ منجهائي هڪ ٻئي جي ڄنڊا پٽ ڪري رهيا هئا، نه تعليم نه علم نه ئي تربيت هر طرف بک بدحالي ۾ ماڻهون ڳري سڙي رهيا هئا ۽ سياسي ڀوتار عوام سان ڪوڙا واعدا ڪري انهن کي سک سلامتي روزگار ۽ بنيادي صحولتون ڏيڻ بجاء انهن جو رت چوسي پنهنجا گهر ڀري رهيا هئا ۽ هر طرف پورهيت ۽ غريب ماڻهن جو آهون دانهون هجن اتي وفا ناٿن شاهي تڙپي چوي ٿو ” ڳوڙهو ڳوڙهو ماڻهون جو، ڪوڏي ڪوڏي کان سستو“ رات ڏٺو مون سپني ۾، سنڌ جي هٿ ۾ ڪشتو“ هو سنڌ جي ماڻهن ۾ غربت ۽ غلامي جي چڪي ۾ پيسجندو ڏسي دانهون ٿو ڪري ۽ ڪاٿي ڪاٿي مايوس ٿي وڃي ٿو، ڪنهن وٽ دانهن کڻي وڃون ڪير ٻڌڻ وارو ناهي ڪير به دانهن ورجائڻ وارو ناهي ۽ چوي ٿو ته:
“نه دودو نه هوشو نه هيمون،
وفا ڪنهن کي اوکي ۾ سڏيون”
يا ٻئي هنڌ چوي ٿو ته
“اجهو اٽو لٽو، رڳو اٿو ڏٺو،
يا موت سان وهو، يا زندگي کٽو”
هي عوام دوست انسان دوست ۽ انقلابي شاعر هجڻ جي حيثيت سان حڪمرانن جا ڪوڙا نعرا ٻڌي ٻڌي اهڙي نا برابري تي ماڻهن کي تحرڪ ۾ آڻڻ جي صلاح ڏئي ٿو، جڏهن هر طرف آنهون دانهون ۽ ناانصافي ڏسي هو ماڻهن کي بغاوت تي اڪسائي ٿو ۽ چوي ٿو اهڙن ڪوڙن نعرن کي ڇڏي اڳتي وڌن ۽ قومي آجياپي لاء پاڻ پتوڙن،  وفا ناٿن شاهي پنهنجي مفلسي ۽ غربت تي پڻ خوبصورت انداز ۾ لکيو آهي، هن جا اهڙا خوبصورت خيال جو ماڻهو پڙهڻ ۽ ٻڌڻ سان دنگ رهجي وڃي ۽ دماغ مان ٺڪاء نڪري وڃن ٿا، سندس هن سٽن ۾ جيڪو ڪجهه لکيو ويو آهي ڄڻ ته سنڌ جي ننڊي وڏي جي ڪهاڻي سمايل آهي.
“نه ڪوئي آسرو، نه سرپرست ڪو، نه ڪوئي ڌڻي، 
اسان جو ڀاڳ ڄڻ يتيم ٻار آهي دوستو”
وفا پيار عشق ۽ سونهن پرست شاعر هو جنهن جي شاعري ۾ زبردست خوبصورت تشبيهون ڏنيون ويو آهن وفا پيار بابت چئي ٿو. ”ڪوئي ته فرض جواني ادا ڪري ڇڏيون اچو ته سونهن کي پوڃي خدا ڪري ڇڏيون، اچو ته حسن جو دشواريون ڪيون آسان اچو ته پيار جا پرچم کڙا ڪري ڇڏيون“ هو غزل جي حوالي سان اسان جي جديد سنڌي شاعري جو بيباڪ شاعر هيو جنهن بهترين نظم غزل جوڙي انهن ۾ اهڙي ته جان ۽ جوش پيدا ڪيو جو پڙهڻ واري جي روح ۾ جمبش پيدا ٿي وڃي هڪ هنڌ وفا لکي ٿو ته ” ڀيليو ڇو ٿا گاهه ته ناهين نرم سهي بي ساهه ته ناهيان، ڇو ٿا موکي ڦاسي چاڙهيو، ايڏو حــق اگاهه ته ناهيان،منهنجو مذهب پيار محبت ڏسجو مان گهمراهه ته ناهيان، نيٺ خطا ٿي ويندي مونکان آدم هان الله ته ناهيان، وفا پنهنجي شاعري ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو جڏهن به دل ڪو درد مند آواز ڏنو ته ان کي پنهنجي قلم سياهه مس سان قيد ڪري اڇي پني ته پنهنجي سوچ سونهن عبرت عبارت جا عڪس اڏي ڇڏيائين جيڪي جڏهن به ڪنهن شاعري جو ڪتاب کوليو ته سندس حيرت ۽ عبرت منجهان خيالي دنيا ۾ گم ٿي ويا، هڪ هنڌ چوي ٿو ته:
”گل ٽڙيا ته مونکي ياد آئين،
ڀونر مڙيا ته مونکي ياد آئين،
روزانو امڪان اخبار جي ٿورن سان

Good Wishes