ڊاڪٽر فهميده حسين

ڊاڪٽر فهميده حسيننامور ليکڪا، اسڪالر ۽ محقق ڊاڪٽر فهميده حسين 5 جولاءِ 1948ع تي ٽنڊي ڄام ضلعي حيدرآباد ۾ پنهنجي وقت جي مثالي استاد محمد يعقوب ميمڻ جي گهر ۾ جنم ورتو. پرائمري تعليم حيدرآباد جي مسلم گرلس اسڪول مان؛ سيڪنڊري ڪجهه عرصو ميران اسڪول مان پڙهي ۽ پوءِ ماڊل اسڪول حيدرآباد ۾ داخل ٿي، جتان 1964 ۾ امتيازي نمبرن سان مئٽرڪ پاس ڪيائين. 1968ع ڌاري ڊي جي سائنس ڪاليج ڪراچيءَ مان بي. ايس سي ڪري، 1970ع ۾ ايم. اي (انگريزي) سنڌ يونيورسٽيءَ مان ڪيائين ۽ پوءِ اتان ئي 1972ع ۾ سنڌي ادب ۾ ايم. اي، ڪيائين.  هن 1981ع ۾ ايل. ايل. بي ۽ 1990ع ۾ هندي ٻوليءَ ۾ ڊپلوما به ڪئي. ڊاڪٽر صاحبه ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ‘ عنوان هيٺ 1992ع ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي. ڊاڪٽر اياز قادري (مرحوم) سندس پي. ايڇ. ڊي گائيڊ رهيو. ڊاڪٽر فهميده حسين کي ادب ۽ علم سان چاهه ننڍپڻ کان پنهنجي خاندان مان ئي حاصل ٿيو، سندس والد محمد يعقوب ’نياز‘ نه رڳو سٺو شاعر، پر هڪ عالم شخص ۽ ترقي پسند سوچ جو مالڪ هو، جنهن ڪلاسيڪي فارسي شاعر حافظ جي شاعري ’ڪلام حافظ‘ جي نالي سان ترجمو ڪئي هئي ۽ سنڌي لغت بورڊ ۾ به هڪ عرصي تائين ڪم ڪيو هو. کيس عربي، فارسي، سنسڪرت هنديءَ ٻوليءَ تي به عبور هو. ڊاڪٽر صاحبه جو وڏو ڀاءُ سراج ميمڻ به سنڌي زبان جو وڏو اسڪالر، ڪهاڻيڪار ۽ لسانيات جو ماهر هيو. سندس ٻيا ڀائر ڀيڻون به سنڌي ادب سان وابسته رهيا جن ۾ عبدالحق عظيم ڪهاڻيڪار ۽ ايڊيٽر ’بادل‘، جميله ’تبسم‘ ڪهاڻيڪار ۽ انيس ميمڻ شاعر ۽ ايڊيٽر رسالو ’سگهڙين سٿ‘ شامل آهن. اهڙي علمي ادبي ماحول ۾ سندس پرورش ٿي. ڊاڪٽر فهميده حسين عملي زندگيءَ جي شروعات ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي نيوز ٽرانسليٽر جي نوڪريءَ سان ڪئي. ان بعد 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ جي انسٽيٽيوٽ آف ايجوڪيشن ۾ ليڪچرار مقرر ٿي. ڪجهه وقت اتي پڙهائڻ بعد جڏهن 1974ع ۾ سندس شادي جناب عبدالحسين سرائيءَ سان ٿي ته کيس ڪراچيءَ وڃي رهڻو پيو جتي 1978ع ۾ هوءَ سنڌي شعبي، ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچرار مقرر ٿي، اتي ترقي ڪندي 1988ع کان 1995ع تائين اسسٽنٽ پروفيسر؛ 1995ع کان 1997ع تائين پروفيسر؛ بعد ۾ سنڌي شعبي جي چيئرپرسن مقرر ٿي. ان بعد ڪراچي يونيورسٽيءَ ۾ قائم ’شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر جي ڊائريڪٽر طور ڏهه سال خدمتون سرانجام ڏنائين ۽ لطيفيات جي حوالي سان جديد تقاضائن موجب ڪيترائي ڪتاب ڇپايائين. ٽماهي تحقيقي جنرل ’ڪلاچي‘ سندس ادارت ۾ جاري ٿيو. ڪيترن نوجوانن ريسرچ جي ميدان ۾ سندس رهبريءَ هيٺ ايم. فل ۽ پي. ايڇ. ڊي ڪئي آهي. ان کان پوءِ کيس سنڌ حڪومت طرفان مئي 2008ع ۾ سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن طور مقرر ڪيو ويو، جتي پڻ هن ڏينهن رات محنت ۽ سنڌي ٻولي ۽ ادب جي خدمت واري جذبي سان 13 مارچ 2015ع تائين فرض نڀايا. ڊاڪٽر فهميده حسين لکڻ جي شروعات ننڍپڻ کان ڪئي، ٻاراڻيون آکاڻيون لکيائين، پوءِ ڊي. جي ڪاليج جي مخزن ۾ لکڻيون شايع ڪرايائين، جڏهن ’بادل‘ رسالو شروع ٿيو ته باقاعده ان ۾ لکڻ لڳي ۽ 1968ع کان 1972ع تائين ان وقت جي انهيءَ مشهور ادبي رسالي جي عورتن واري حصي جي ايڊيٽر رهي. سندس افسانا، شاعري (تسنيم يعقوب جي نالي سان) مضمون مختلف اخبارن ۽ مخزنن ۾ ڇپجندا رهيا. ان بعد 12 سال روزاني ’هلال پاڪستان‘ جي عورتن واري صفحي جي ايڊيٽر رهي. ڪجهه عرصو ”سوجهرو“ رسالي جي ايڊيٽنگ به ڪيائين. نوي جي شروعاتي سالن ۾ روزاني اخبار ’جاڳو’ ۾ ۽ ان کان پوءِ ڳچ عرصو ’عوامي آواز‘ ۾ سندس ڪالم ’منهنجون سوچون‘ نالي سان ڇپيا. شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل ’ڪلاچي‘ جي ڏهن سالن تائين ايڊيٽر رهي، گڏوگڏ سندس مقالا ۽ تحقيقي مضمون به ڇپجندا رهيا. هن ڪلاچيءَ جا لڳ ڀڳ 40 شمارا جاري ڪيا. جڏهن ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي تحقيقي جرنل ’سنڌي ٻولي‘ جي ادارت سان گڏ اٿارٽيءَ جي اهم رٿا ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي چيف ايڊيٽر طور ٽيم جي رهنمائي ۽ نگراني ڪندي رهي آهي ، سنڌ جي هن پهرين سنڌي جامع انسائيڪلوپيڊيا جا 9 جلد سندس نگرانيءَ ۾ شايع ٿيا. انسائيڪلوپيڊيا کي ساڃاهه وند طبقي ۾ گهڻي پذيرائي ملي آهي. ڊسمبر 2010ع ۾ انهيءَ انسائيڪلوپيڊيا جي ٻن جلدن جو مهورت سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ۽ وقتي گورنر نثار کهڙي هٿان ٿيو. سن 1972 کان 1979ع تائين ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تان ’سنڌي اردو بول چال‘ نالي سنڌي سکيا جو پروگرام ڪيائين. ان کان پوءِ 2009ع کان ريڊيو پاڪستان حيدرآباد تان ’آئيي سنڌي سيکين‘ نالي پڻ سکيا جو پروگرام ڪيائين. ڪجهه عرصو پي ٽي وي تي ادبي ٽاڪ شوز ۽ خواتين جي پروگرامن جي ڪمپيئرنگ به ڪيائين. ڊاڪٽر فهميده حسين جا هن وقت تائين ڪيترائي ڪتاب ڇپجي چڪا آهن، جن جو تفصيل هن ريت آهي: (1) هوائن جي آڌار (سفر نامو) 1983ع، (2) پير حسام الدين راشدي (سوانح) 1990ع، (3) شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ (پي. ايڇ. ڊي ٿيسز) ڀٽ شاهه ثقافتي مرڪز 1993ع، (4) ادبي تنقيد ۽ تاريخ (ادبي تنقيد، فن ۽ تاريخ) 1996ع، (5) شاهه لطيف ڪي شاعري مين عورت ڪا روپ) (اردو) 1996ع، (6) برصغير جي ٻولين جو لسانياتي جائزو (جارج گريئرسن جي ڪتاب ’Linguistic Survey of India‘ جي اٺين جلد جو ترجمو) 2000ع، ٻيو ڇاپو 2011ع.(7) Image of Woman in the Poetry of Shah Latif- 2002، انگريزي ترجمو ڊاڪٽر امجد سراج(8) هڪ حوا ڪئين ڪهاڻيون (ڪهاڻين جو مجموعو) 2003ع، (9) دنيا جون شاعر عورتون (دنيا جي شاعر عورتن جي شاعريءَ جو سنڌي ترجمو) 2006ع، (10) شاهه عبداللطيف ڀٽائي (زندگي، شاعري ۽ فلسفو: اردو) 2008ع. ترتيب ڏنل ڪتاب: (1) Translation of Verses of Shah jo Risalo (2006)، (2) سنڌ، ماضي، حال ۽ مستقبل (2006ع)، (3) Sindh- Past, Present & Future 2006، (4) Dictionary of Classical Poets of Sindhi (1989)، (5) مزاحمتي ادب (شريڪ ايڊيٽر طور) 1998ع، (6) Shah & Sindh (1998)، (7) Poetry of Women During Last 50 Years in Sindh (1997). ڊاڪٽر فهميده حسين کي سندس علمي ادبي خدمتن جي اعتراف ۾ ڪيترائي اوارڊ ۽ ميڊل مليا آهن، جن ۾: (1) حڪومت سنڌ طرفان تحقيقي ڪم تي ’جوش مليح آباد اوارڊ‘ (2009ع)؛ (2) تعليمي خدمتن تي سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن پاران گولڊ ميڊل (2008ع)؛ (3) حڪومت پاڪستان طرفان صدارتي اوارڊ ’پرائيڊ آف پرفارمنس‘ (2004ع)؛ (4) اڪادمي ادبيات طرفان بهترين ڪتاب جو اوارڊ (2004ع)؛ (5) حڪومت سنڌ طرفان شاهه لطيف بابت تحقيقي ۽ اشاعتي ڪم جي مڃتا طؤر ’شاهه لطيف اوارڊ‘ (2003ع)؛ (6) ’سگا‘ طرفان بهترين تحقيق جو اوارڊ (1995ع)، (7) اڪادمي ادبيات پاران سال جي بهترين ڪتاب تي ’هجرا اوارڊ 1414‘ (1994ع)؛ (8) شاهه لطيف ۽ وومين اسٽڊيز تي بهترين تحقيق جو اوارڊ (1994ع)، (9) سهيوڳ فائونڊيشن، بمبئي طرفان بهترين سنڌي ليکڪ جو ’سهيوڳ اوارڊ‘، (10) 1999ع کان 2000ع تائين بهترين سماجي ڪارڪن ۽ عورتن جي ترقيءَ بابت جاکوڙ تي ’سگا اوارڊ‘.کانسواءِ کيس مڃتا طور مختلف تنظيمن ۽ ادارن طرفان اوارڊ، شيلڊون ۽ ميڊل ڏنا ويا. ڊاڪٽر فهميده حسين سنڌ جي ليکڪائن ۾ سڀ کان وڌيڪ ۽ مختلف صنفن ۾ لاڳيتو لکندڙ ۽ تحقيقي ڪم ڪندڙ واحد عورت آهي جنهن کي مختلف اشاعتي مواد توڙي تحقيقي لکڻين ۽ لغتن جي ايڊيٽنگ جو 25 سالن جو تجربو حاصل آهي، هوءَ هڪ ئي وقت ليکڪه، شاعره، محقق، لسانياتي ماهر ۽ سماجي ڪارڪن به رهي آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ سان گڏ ڪيترن ٻين ادارن جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبر پڻ رهي آهي

Good Wishes