شهباز دراني


شوبز جي آسمان جو روشن سج شهباز دراني
 زاهد ڪاڪا
ويا سي وينجھار، ھيرو لعل ونڌين جي،
تنين سندا پويان، شيھي لھن نه سار،
ڪٽين ڪٽ لھار، ھاڻي انھين ڀيڻين.
سنڌ جي زرخيز مٽيءَ مان هر دور۾  ماڻڪ موتين جنم پئي ورتو آهي. جن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ پنهنجي قابليت آهر ڌرتيءَ جو ڳاٽ اوچو پئي ڪيو آهي. ڪيترن وڏن نالن کي تاريخ  پنهنجي پيرن هيٺان دفن ڪري ڇڏيندي آهي. پر ڪي مٿير مڙس، دلير دودا، سوڍا سرويچ، شهزور ۽ شهباز اهڙا به هوندا آهن جن جو نالو تاريخ ميسارڻ کان قاصر آهي. نيوسعيدآباد علمي ادبي سياسي سماجي مذهبي ثقافتي طور شاهڪار  تاريخي خطو آهي. انهيءَ خطي جي مڻيادار مانجھين مان شهباز دراني به هڪ هو. جنهن جو ڳاڻيٽو انهن اتساهيندڙ تاريخي ڪردارن ۾ ٿئي ٿو جن پنهنجي ڏات جا ڏيئا ٻاري نه رڳي پنهنجي شهر جو پر صوبي ۽ ملڪ جو نالو پرڏيهه تائين روشن ڪيو. 31 ڊسمبر 1935 تي حافظ محمد خان جي گهر ۾ جنم وٺندڙ خدابخش خان 25 سالن جي ڦوهه جواني ۾ رنگ محل سنڌي فلم شوبز جي دنيا ۾ قدم رکيو. قدآور مڙس سدا ملوڪ سهڻو جوان روبدار آواز غضب جو اعتماد  محدود عرصي ۾ اردو سنڌي پشتو انگريزي فلمن ڊرامن ۾وڏي مقبوليت ماڻيندي شهباز دراني طور سيٽ تي ڇانئجي ويو. پر سنڌي ڊرامي راڻيءَ جي ڪهاڻي کيس شهرت جي بلندين تائين پهچائي مقبوليت جا ريڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا. انگريزن فلم جناح ۾ خان عبدالغفار خان جو ڪردار به کيس سونپيو ويو ته ٽريفڪ انگريزي فلم پڻ سندس اداڪاري جي جوهرن واري گراف ۾ بيٺل آهي. سوين سنڌي اردو پشتو ڊرامن ۾ نه رڳي هن مختلف ۽ منفرد ڪردار ادا ڪيا پر هن پنهنجي فني قابليت ۽ تجربي جي آڌار تي ڊرامن جي حسن ۾ واڌارو ڪيو. هو آبپاشي کاتي ۾ سب انجنيئر کان ايس ڊي او ۽ آخر ۾ ايڪسيئن طور ريٽائرڊ ٿيو پر پاڻي معاملن جي پڻ جوڳي ڄاڻ رکندڙ هو. تاريخ مذهب شاعري سان به سندس چڱو خاصو لڳاءُ هو. پروين شاڪر سندس پسنديده شاعره هئي. دراني صاحب اڪثر پروگرامن ۾ پروين شاڪر جو اهو غزل ٻڌائيندو هو ته
زندگی ملی ذرا سی تھی
پہر بھی اس میں کمی ذرا سی تھی
وہ روز آتا گیا پاس میرے
پھر بھی دوری ذرا سی تھی
چاند جاگ جاگ اٹھا
رات ابھی بیتی ذرا سی تھی.
  سندس واتان ٻڌڻ بعد اهو غزل منهنجي سيني ۾ سمائجي ويو. ساڻس ڪيتريون ئي ملاقاتون ۽ ڪچهريون رهيون. ذاتي طور خوش طبع محبوب مزاج جو مالڪ هو. سندس ساروڻيون ڪنهن ٻئي ڀيري تفصيل سان رکندس. دراني صاحب پنهنجي اولاد کي معياري تعليم ڏياري ويو اڄ سندس اولاد ڪراچي ۽ اسلام آباد جي اهم ادارن ۾ وڏن عهدن تي ويٺل آهي ته اهو شهباز دراني پاران کين ڏياريل تعليم جو ئي ڪمال آهي. شهباز دراني شوبز جي دنيا جو روشن سج هو جنهن جي چوڌاري ٻيا شوبز جا گرهه ۽ اپ گرھ گردش ڪندا رهيا. ڪيترائي سندس پاران مليل اداڪاري جي جوهرن جي روشني سان اسٽيج تي چمڪڻ سکيا. پر افسوس جو اڄ سندس ورسي ٻي جي موقعي تي اسرار لغاري اسد قريشي رفيق عيساڻي منظور مراد سميت شوبز جي وڏن نالن سندس قبر تي اچي حاضري ڀرڻ جي تڪليف به نه ڪئي. هي عظيم هر فن مولا فنڪار 21 آڪٽوبر 2017 تي دارالفنا ڇڏي دارالبقا جو سفر شروع ڪري وڃي. ابدي آرامي ٿيو. کيس باباءِ شوبز يا فن جي يونيورسٽي چوڻ وارا ته ڪافي هئا پر ناصر بنيري, عقيل قريشي ،اڪبر خان ئي چيچ وڍائي شهيدن ۾ نالو لکائڻ وانگي ورسي ۾ شرڪت ڪئي.. ڀٽائي آرٽس ڪائونسل مختلف آرٽس ڪائونسلز جو هو تاحيات سرپرست رهيو سندس جهان ڇڏڻ کانپوءِ فنڪارن به کيس وساري ڇڏيو. سرڪاري سطح تي پڻ ڪا تقريب نه ٿي سگهي. سندس اولاد تي فرض ٿئي ٿو ته هر سال دراني صاحب جي ورسي وڏي پئماني تي ملهائي وڃي سندس فن فڪر تي روشني وجهي نئين نسل کي سندس خدمتن کان روشناس ڪرايو وڃي. فنڪارن، ليکڪن، سندس دوستن کي اپيل آهي ته شهباز دراني جي شخصيت ۽ فن بابت پنهنجا تفصيلي تاثرات مون ڏي اي ميل، واٽس اپ يا ڪمينٽس ۾ ته جيئن سندس خدمتن تي ڪو ڪتاب ترتيب ڏجي.. خان وڏي کان پوءِ پڙانگ هائوس ويران  اتي اهي محبتن جا ميلا رونقون نه رهيون آهن. نه ڪي سندس زوردار ٽهڪ جلالي آواز.. 
اڄ نه اوطاقن ۾ طالب تنوارين
آديسي اٿي ويا مڙهيون مون مارين
جي جيءَ کي جيارين سي لاهوتي لڏي ويا.. 

Good Wishes