سنڌي ادبي سنگت ڳوٺ سڌار سنگت گوزو پاران مجلس مذاڪرو منعقد ڪيو ويو (روزاني آفتاب 1986/12/09)

ميهڙ ( علي شير مڱڻهار ت – ر) ڳوٺ سڌار سنگت گوزو ۽ شاهه لطيف ادبي سنگت گوزو ضلعو دادو پاران گذريل ڏينهن ڳوٺ گوزو ۾ ڳوٺ سڌار ڪچهري ۽ پرائمري تعليم تي مجلس مذاڪرو زير صدارت غفار صديقي چيف ڪوآرڊينيٽر مسجد اسڪولس پروگرام سنڌ جي ٿي گذريو. تقريب جو خاص مهمان ايس ڊي او ميهڙ نذر محمد ڪلهوڙو صاحب هو. تقريب کي غفار صديقي، ايس ڊي او ميهڙ پروفيسر قلندر شاهه لڪياري چيئرمين انگلش ڊپارٽمينٽ پروفيسر غلام حيدر بلوچ سوشل ورڪس سنڌ يونيورسٽي خان محمد پنهور، عبدالجبار لاکير هيڊ ماستر هاءِ اسڪول خيرپور ناٿن شاهه هيڊ ماستر هاءِ اسڪول گوزو، ڳوٺ سڌار سنگتن جو نمائندي ماهر تعليم پ ٽ الف جي نمائنده استادن ۽ شاگردن خطاب ڪيو. تعليم جي سڌاري واڌري لاءِ رٿون، تجويزون ۽ رايا مشورا ڏنا ويا. جڏهن ته ڳوٺ سڌار سنگت گوزو جي سرپرست ۽ ممتاز سوشل ورڪر حاجي جان محمد ڪوريجو سپاسنامو پيش ڪيو. آجيان واري تقريب غلام مصطفيٰ عباسي، وائيس چيئرمين سنڌ ڳوٺ سڌار سنگت ڪئي. شڪرئي جي تقرير غلام رسول خان ڪوريجو صدر ڳوٺ سڌار سنگت گوزو ڪئي.  آخر ۾ ايس ڊي او صاحب ڳوٺ سڌار پارڪ جو ٻوٽو پوکي افتتاح ڪيو. غفار صديقي، قلندر شاهه لڪياري، غلام حيدر بلوچ پڻ هئا.

بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس اڄ کان شروع ٿيندي، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ افتتاحي اجلاس جي صدارت ڪندو (روزاني عبرت 1988/02/02)

حيدرآباد ( هه ع) سنڌ يونيورسٽي جي سنڌي شعبي پاران ٽن ڏينهن واري بين الاقوامي سنڌي ادبي ڪانفرنس سڀاڻي 2 فئبروري کان سنڌ يونيورسٽي نيو ڪئمپس ڄامشورو ۾ شروع ٿي رهيو آهي. مشهور محقق ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ صبح جو 10 بجي ڪانفرنس جي افتتاحي اجلاس جي صدارت ڪندو. جڏهن ته چيئرمين سنڌي ادبي بورڊ غلام مصطفيٰ قاسمي صبح جو ساڍي 11 بجي ڪتابن ۽ تصويرن ۽ پراڻن نسخن جي نمائش افتتاح ڪندو.  بعد ۾ ٻنپهرن جو اڍائي بجي سراج الحق ميمڻ، لسانيت پهرين سيشن جي صدارت ڪندو. ٻئي ڏينهن صبح جو ساڍي 9 بجي ڊاڪٽر احمد حسن تاريخ ۽ ثقافت متعلق ٻئي سيشن جي صدارت ڪندو. جڏهن ته غلام رباني آگرو ٻنپهرن جو اڍائي بجي تخليقي ادب متعلق ٽئين سيشن جي صدارت ڪندو. 4 فيبروري تي صبح جو ساڍي 9 بجي پروفيسر علي نواز جتوئي، شاهه عبداللطيف ڀٽائي متعلق چوٿين سيشن جي صدارت ڪندو. ٻنپهرن جو اڍائي بجي اختتامي سيشن جي صدارت ڊاڪٽر غلام علي الانا، وائيس چانسلر علامه اقبال اوپن يونيورسٽي ڪندو. رات جو ساڍي 8 بجي سنڌ يونيورسٽي جو وائيس چانسلر مظهرالحق صديقي محفل موسيقي ۾ خاص مهمان هوندو.

پير علي محمد راشدي مرحوم جي ڪتاب جو مهورت

جڳ مشهور سنڌي دانشور پير علي محمد راشدي مرحوم جي چونڊ تاريخي، سياسي، ادبي ۽ سماجي ڪالمن جي ڪتاب رند ۽ پنڌ جو مهورت خميس ڏينهن 2 جون، 1988ع تي شام جو پنجين وڳي هوٽل فٽاز حيدرآباد ۾ ٿيندو، جنهن ۾ سنڌ جا مشهور عالم، صحافي ۽ اديب مصنف جي فن ۽ شخصيت تي ڳالهائيندا. اوهان کي هن علمي گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ سڪ ڀريو سڏ ڏجي ٿو.

ڪوٽڙي ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/04)

ڪوٽڙي(پ ر) ڀٽائي ادب سنگت ڪوٽڙيءَ طرفان ادبي گڏجاڻي ۽ غزل جي صنف تي ليڪچر پروگرام، ڀٽائي لئبريري ۾ ٿي گذريو. تفصيل موجب ڪوٽڙي ۽ تر جي اديبن، شاعرن، فنڪارن ۽ سگهڙن جي گڏيل رضامنديءَ سان قائم ڪيل ڀٽائي ادبي سنگت جي سلسليوار ادبي رهاڻ زير صدارت نوجوان شاعر راز گهرياڻي جي ٿي، جنهن ۾ ڪونڌر سنڌي (نظم)، سرور نواز ٻگهيو (چئوسٽا) پڙهيا. جنهن تي مٿين کان علاوه دلدار جانوري، اسلم آزاد، الطاف امبر، سورش سومرو، اختيار هيسباڻي، محمد علي عباسي، اي ايم ٻگهيو ۽ ٻين لکڻين تي اصلاحي رايا ڏنا. بعد ۾ سرور نواز ٻگهئي غزل جي صنف تي مفصل ليڪچر ڏنو. هن اجلاس ۾ بدين جي مشهور شاعر ڀون سنڌي جي والده جي اوچتي وفات تي ڏک جي اظهار ڪندي، سندس پونيئرن سان تعزيت ڪئي وئي. آخر ۾ فيصلو ڪيو ويو ته هر هفتي ادبي تنقيدي ڪلاس کانپوءِ هر ساٿي واري واري سان مختلف صنفن تي ليڪچر ڏيندو.

هاڪڙو ادبي سنگت جي گڏجاڻي، (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/07)

عمرڪوٽ (پ ر) هاڪڙو ادبي سنگت جي يارهين گڏجاڻي خادم ساند خليل الله جي صدارت هيٺ ٿي. هن موقعي تي جن دوستن پنهنجون تخليقون پيش ڪيون، تن ۾ غلام نبي غمدل شاهاڻي غزل، عثمان ميمڻ آزاد افسانو، تبسم عليشاهه غزل، احمد ميمڻ عاجز غزل، ولي وفا درس غزل، اڪبر علي مڱريو مضمون مرحوم عالم اهه درويش سفت انسان، ڀورڏان چارڻ وائي ڳائي ٻڌائي. سائل چيلهائي نظم ۽ غزل، خادم ساند غزل پيش ڪيا ۽ صدارتي تقرير ڪئي. آخر ۾ سموري سنڌ جي علم ادب سان واسطو رکندڙ دوستن ۽ بزرگن کي اپيل ڪئي وئي ته هاڪڙو ادبي لائبريري لاءِ ڪتاب جيڪي پهچي سگهن، سو ڏين ۽ ادب جي واڌاري لاءِ خدمت جو موقعو ڏين.

ڀٽائي جاگيرداري دور ۾ عورت ۾ خوداعتمادي پيدا ڪئي، سدائين سنڌين مٿان ڌاريون ٻوليون مڙهيون ويون آهن: تاج جويو (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/07)

سجاول (هدايت کٽي- ن هه) ڀٽائي جنهن دور ۾ جنم ورتو ، سنڌ جي انهي دور ۽ موجوده دور ۾ ڪوبه فرق ڪونهي. اهڙو اظهار سنڌي ادبي سنگت جي مرڪزي جنرل سيڪريٽري تاج جوئي جاتي شهر ۾ ادبي سنگت پاران سڏايل سالياني ادبي ڪنوينشن ۽ جشن لطيف جي موقعي تي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ڀٽائي سنڌ جي درباري حڪمران جي زبان تي احتجاج ڪيو هو، اڄ به اسان جي مادري زبان قومي ٻوليءَ جي حيثيتڌاري زبان کي مليل آهي. هن چيو ته سنڌي ڪنهن به زبان جي خلاف نه آهن، مٿن ڌاريون ٻوليون مڙهيون وينديون آهن، جنهن عمل سان اسان شروع کان انڪاري آهيون. جيئن لطيف انڪاري هو. هن چيو ته ڀٽائي ڪڏهن به حاڪمن اڳيان نه جهڪيو، ڀٽائي ان وقت حڪمران کي ڄام سڏڻ کان انڪار ڪيو، جڏهن ڄام ماروئڙن کي سڏيو. هن چيو ته ڀٽائي جي وڏي عظمت اها آهي ته هن جاگيرداري دور ۾ عورت ۾ خوداعتمادي پيدا ڪئي، پر اڄ نياڻين جون لڄون به محفوظ نه آهن. هن چيو ته پنهنجي اقتصادي وسيلن، ٻولي ۽ ثقافت کي بچائڻ لاءِ سنڌين کي اڳتي وڌڻ گهرجي ۽ وجود جي بقا جو مسئلو سمجهي آدمشماري جي مرحلي ۾ ڀرپور حصو وٺڻ گهرجي. ان موقعي تي عبدالمجيد ميمڻ، غلام مصطفيٰ عباسي، لياقت خواجه، زين العابدين قريشي ۽ محمد رمضان ميمڻ به خطاب ڪيو.

سنڌي ادبي بورڊ ۾ بي قاعدگين بابت ڪچو چٺو تيار ٿيندو، سنڌي ادبي بورڊ بچايو ڪميٽي جي گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو (روزاني هلال پاڪستان 1992/01/22)

حيدرآباد (هلال بيورو) سنڌي ادبي بورڊ بچايو ڪميٽي جي اهم گڏجاڻي ڪالهه حيدرآباد ۾ ڪميٽي جي ڪنوينر تاج جويو جي صدارت ۾ ٿي. گڏجاڻي ۾ ڪميٽي جي ڪم تي اطمينان جو اظهار ڪندي سنڌ جي اديبن ۽ شاعرن جي ان عمل کي ساراهيو ويو. جيڪو سنڌي ادبي سنگت پاران مهراڻ رسالي جي ايڊيٽر نفيس احمد شيخ جي بحاليءَ تائين رسالي کي مواد نه موڪلڻ ۽ موڪليل مواد واپس وٺڻ واري اپيل جي موٽ م پيدا ٿيو آهي. گڏجاڻيءَ ۾ فيصلو ڪيو ويو ته سنڌي ادبي بورڊ جي محنتي ۽ باصلاحيت ملازمن سان ٿيل زيادتين، بورڊ جي ٽن سالن ۾ ٿيل بي قاعدگين، سنڌ جي نمائنده اديبن کي بورڊ آف گورنرس تان هٽائڻ، غير معروف ماڻهن کي ٿاڦڻ، جديد سنڌي تخيليق ادب کي نظرانداز ڪرڻ ۽ ٻين قومي مفادن وارن نقطن بابت ڪچو چٺو تيار ڪري صدر، وزيراعظم ۽ ٻين اعليٰ اختياري وارن توڙي سينيٽرن، اسيمبلي ميمبرن ۽ اخبارن ڏانهن اماڻيو ويندو. ان سلسلي ۾ ڪميٽي جو ڪنوينر جلدي حيدرآباد ۽ ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪري اديبن ۽ عوام کي حقيقتن کان آگاهه ڪندو.

جنهن محبتي ميڙيا، نجم عباسي جي ڪتاب ”منهنجون بهترين ڪهاڻيون“ جي مهورت ۽ ورڪشا، پاران سنڌي ادبي سنگت نواب شاهه، خانواهڻ ۽ دوڙ ، (روزاني هلال پاڪستان1992/1/24)

رپورٽ: ذوالفقار ناصر ساريو

پنهنجن ۽ پراون احساسن، جذبن، ڏکن، سکن، ڀوڳنائن کي ڪهاڻين ۽ گيتن جو روپ ڏيندڙ اديب کي جڏهن زندگي جي سفر ۾ گڏ ڏسندو  آهيان ته ان ويل سچ ته زندگي جو مقصد ۽ مفهوم آساني سان سمجهي ويندو آهيان. اديب به انسان هوندو آهي، پر عامانسان نه، اهو انسان جيڪو خوابن سان گڏ تعميرن جي جستجو ۾ هوندو آهي. خوشبو ۽ وڻڪار لاءِ بهارن جي ڳولا ۾ هوندو آهي. هميشه سندس اڱڻ تي پيار ۽ امن جا جهنڊا جهلندا نظر ايندا آهن ۽ بدلي ۾ کيس ڀوڳنائن جو طويل سفر ڀوڳڻو پوندو آهي، پر پوءِ به اڻ ٿڪ.....مسلسل ڳولائو...... پنهنجي مقصد لاءِ ڌرتي جي خوشحالي لاءِ، نئين سال جي شروع ٿيڻ سان ادبي رهاڻ رچائڻ جو سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ائين جيئن بهار جي اچڻ کان اڳ واڙين ۾ ڪونڊين ۾ نئين مٽيءَ ۽ ٻج ڇٽڻ شروع ڪيو آهي. ٻه ينهن اڳ 8 جنوري تي اياز لطيف پليجو سان نيشنل سينٽر ۾ رهاڻ هئي ته وري 10جنوري تي نواب شاهه ۾ سائين نجم عباسي جي ڪتاب جي مهورت ۽ ورڪشاپ ڪوٺايل هو. 10 جنوري جمعي جو ڏينهن هيو ۽ ادب جي پانڌيئڙن جو اسٽيشن حيدرآباد تي گڏ ٿيڻ جو پروگرام هيو. مان به ان ڏينهن تيار ٿي پهچي ويس. مون کان اڳ ئي ميڊم ممتاز ڀٽو، آپا نذير ناز، غلام حسين زنگريز، يوسف سنڌي، جمن سوهو، جاويد سحر، طارق، عبدالمجيد سومرو، عبدالڪريم سومرو گاڏي جي انتظار ۾هئا. کيڪار ٿي ۽ پوءِ گڏجي انتظار ڪرڻ لڳاسين. گاڏي پهتي، انتظار ختم ٿيو ته وري ٻي مصيب جڳهه ڪونه. بس پوءِ ائين ئي نواب شاهه تائين بيٺي بيٺي سفر ڪاٽيوسين. خير سان وقت ڪٽجي ويو، نواب شاهه پهچي ويو. گيٽ تي ئي سائين غلام نبي ناشاد ۽ امان الله عباسي اسان جي ڀليڪار لاءِ بيٺو هيو. ڀليڪار ٿي. سفرجي ٿڪاوٽ ختم ٿي ۽ پوءِ ساڻ ڪري اچي هال ۾ پهچايائين. کوڙ سارن ساٿين ڀليڪار ڪئي. هال ۾  جهيڻي آواز سان علڻ فقير جي آواز ۾ لطيفي لات هلي رهي هئي ۽ ماحول کي پيارو بڻائي رهي هئي.

ساس شاخ رڪن ٻرڙو جي افتتاحي تقريب ٿي گذري، (روزاني پاڪ 1998/10/13)

حيدرآباد (پ ر) سنڌ ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي افتتاحي تقريب گذريل رات 10 آڪٽوبر آچر رات هاءِ اسڪول رڪن ٻرڙو ۾ شاعر سائل لاکو جي صدارت ۾ٿي. جڏهن ته مهمان خاص ساس جهول جو اڳوڻو سيڪريٽري معصوم سانگھڙائي هيو. ساس جهول جي سيڪريٽري نوجوان شاعر نور چاڪراڻي ۽ شهر جي چڱي مڙس رڪن خان ٻرڙو کي اعزازي مهمان طور ويهاريو ويو. مهمانن کي ساس ٻرڙو جي سنڌ ڪائونسل جي نمائندي معشوق لغاري آيل مهمانن کي ڀليڪار ڪئي. اسٽيج سيڪريٽري مسڻ لغاري هيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي ساس رڪن ٻرڙو جي جنرل سيڪريٽري چيو ته اسان جي ننڍي خواهش ۽ ڪوشش آهي ته هي شهر جيئن هنر ۽ واپار جو  مرڪز آهي ،اهڙي طرح علم ۽ ادب جو مثالي شهر سڏجي. ان کانپوءِ مقامي شاعر ولي محمد وساڻ مهمانن جا ٿورا مڃيا.ان موقعي تي جاني ابڙو، محمد رمضان خاصخيلي، عامر وساڻ، محمد رحيم ملوکاڻي، پريتم جهولائي، حسين بخش، نبي بخش نروار، محمد رفيق ٻگهيو ۽ ٻين شاعري پڙهي داد حاصل ڪئي. ان موقعي تي شاعر سائل لاکو پڻ فن جو مظاهرو ڪيو . ان کانپوءِ طنز ۽ مزاح ۾ شفيع محمد مڱريو ۽ رمضان خاصخيلي پنهنجي فن جو مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي راڳ جي محفل ۾ استاد بچل خان، تاج محمد، صوفي راڳي ساماڻو، فقير خاصخيلي، ماهي فقير ۽ ٻين فن جو مظاهرو ڪيو.سنڌ ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙا جي سيڪريٽري جمشيد لغاري ۽ ٻين معشوق لغاري، مسڻ لغاري، نبي بخش نروار، جمشيد لغاري، محمد رفيق ٻگهيو، جاني ابڙو، صوڀوخان، ماهي فقير، حسين بخش ۽ ٻين سنڌ جي قومي شاعر حليم باغي جي ناني ۽ وٺي هرهر جنم وربوجي خالق سنڌ جي قومي ڪلاڪار ۽ شاعر جمن دربدر جي والد صاحب جي اوچتي وفات تي ڏک جو اظهار ڪندي جمن دربدر ۽ حليم باغي سان تعزيت جو اظهار ڪيو آهي.

انڌيرن ۾ ڏيئا کڻي ڏات جا،اچو رات غم جي کُٽايون اچو!

جيئن ته سنڌي ادبي سنگت چانڊڪا ڪاليج هميشه خوشگوار ادبي ماحول پئدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، اِنهيءَ سِلسلي جي ڪڙي طور هڪ ليڪچر جو بندوبست ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ ناميارو اديب ۽ قومي شاعر مقصود گُل قاضي غزل تي ليڪچر ڏيندو. اوهان کي ادب دوست سمجهي شرڪت جي دعوت ڏجي ٿي. ليڪچر پروگرام اربع ڏينهن 14 آڪٽوبر 1998ع تي صبح 9 وڳي ٿيندو.اهڙي ڪوٺ س ا س چانڊڪا جي سيڪريٽري ساگر جيلاني ڏني وئي.

ڪتاب ڪميٽي جي ميٽنگ ملتوي ۽ معذرت جو اظهار، (1998/10/30)

سنڌي ادبي سنگت خدا آباد شاخ جي سيڪريٽري علي اعجاز ڀٽي ڊاڪٽرگل حيات انسٽيٽيوٽ جي اهم ڪردار ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ کي سنگت طرفان باضابطا خط لکي آگاهه ڪيو تهڪتاب ڪميٽي جي1998/11/08 تي رٿيل گڏجاڻي ڪجهه مجبورين جي ڪري ملتوي ڪئي وئي، جيڪا هاڻ 1998/11/14 تي ٿيندي. خط ۾ اميد ظاهر ڪئي وئي ته گڏجاڻي جي ملتوي ٿيڻ تي دل ۾ نه ڪيو ويندو.

س ا س خدآباد شاخ پاران شڪيل پٺاڻ جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار، (روزاني الک 8 آڪٽوبر 1998)

حيدرآباد (پ ر) سنڌي ادبي سنگت خدا آباد شاخ جي سيڪريٽري اعجاز علي ڀٽي ۽ ٻين ميمبرن هڪ بيان ۾ انساني حقن لاءِ جاکوڙيندڙ شڪيل پٺاڻ جي وفات تي گهري ڏک ۽ رنج جو اظهار ڪندي چيو آهي ته انساني حقن جي حاصلات لاءِ سندس ڪيل خدمتون وسارڻ کان وڏيون آهن.

سنڌي ادبي سنگت شاهه رڪن ٻرڙا جي گڏجاڻي، ڪهاڻيون، مضمون ۽ شاعري پيش ڪئي وئي

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙا جي دستوري گڏجاڻي جناب معشوق لغاري جي صدارت هيٺ ٿي گذري جنهن ۾جناب معشوق لغاري، حسن لغاري، جمشيد، ماهي فقير، جاني ابڙو، سوڀو ٻرڙاڻي، ربڏنو  خاصخيلي، حسين بخش ”حرفي“ ۽ ٻين دوستن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي دوران حڪيم محمد سعيد جي وحشيانه قتل جي ڏک ۾ هڪ منٽ جي خاموشي اختيار ڪئي وئي. ان کان علاوه محترمه جمشيد پنهنجو يادن جي جهروڪن مان کنيل مضمون “موت نه ماريائون، ڏور ڏئي ويا ڏک جي” عنوان هيٺ پيش ڪيو، انهيءَ کي دوستن ساراهيو. سوڀو ٻرڙائي پنهنجي “انڌو عقيدو” نالي ڪهاڻي پيش ڪئي. انهي جي دوستن ساراهه ڪئي. حسين بخش “صوفي” پنهنجو غزل پيش ڪيو انهن کي دوستن ساراهيو. هن هڪ استاد بخاري جو جو گيت پڻ پيش ڪيو.  حسن لغاري “فن جي ضرورت” جي عنوان سان ڊاڪٽر نقوي جو لکيل اردو مان سنڌي ۾ ترجمو پيش ڪيو. جنهن ۾ فن جي پهلوئن تي گهرائي سان جائزو ورتل هيو. جنهن کي سموري سنگت تمام گهڻو ساراهيو. معشوق لغاري پنهنجو نثر شاعراڻو پش ڪيو، جڏهن ته جاني ابڙو، صوفي، جمشيد ۽ ٻين تنقيد ۾ حصو ورتو. ايندڙ گڏجاڻي پهرين نومبر 98ع تي ٿيندي.

س ا س طرفان ديوالي جي موقعي تي رچنا رچائي ويندي، (21 آڪٽوبر 1998)

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو طرفان ديوالي جي بخت ڀرئي ڏڻ جي خوشين ۾ ڀاڱي ڀائيوار ٿيڻ ۽ ديوالي جون خوشيون گڏجي ونڊڻ لاءِ هڪ ننڍڙي رچنا رچائي وئي آهي. جنهن ۾ شرڪت لاءِ اوهان سڄڻن کي خوب جي ڪوٺ ڏجي ٿي. اسانکي اوهان جي اچڻ جو اوسيئڙو رهندو. اوسيئڙي ۾ سنڌدي ادبي سنگت شاخ ن ٻرڙا سنڌ جو سيڪريٽري.

21هين آڪٽوبر 1998

اڄ 21هين آڪٽوبر 1998ع تي ساس رڪن ٻرڙو جي طرفان هڪ ننڍڙي مگر پر وقار تقريب ڏيوالي جي شڀ ڏڻ پنهنجي هندو ڀائرن سان گڏجي ملهايو هن ديوالي “ملن پارٽي” ۾ شهر جي معزز ماڻهن، ڀڳتن ۽ صوفي مت جي پوئلڪن ڀرپور نموني سان شرڪت ڪري سيڪيولر (مذهبي برابري” جو ثبوت ڏنو. آخر ۾ مٺائي تقسيم ڪئي وئي ۽ آيل مهمانن کي چانهه پياري ويئي.

ساس رڪن ٻرڙا جي رنگ برنگي تقريب، (روزاني مهراڻ 22 آڪٽوبر 1998ع حيدرآباد)

رپورٽ: بخش علي هنڱورو

سنڌي ادبي سنگت سان رڪن ٻرڙو هڪ رنگ برنگي افتتاحي تقريب آخر رات هاءِ اسڪول رڪن ٻرڙو ۾ سنڌي بزرگ انقلابي ۽ انوکي شاعر سائل لاکو جي زير صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ مهمان خاص ساس جهول جو اڳوڻو سيڪريٽري ۽ معصوم جذبن جو شاعر معصوم سانگهڙائي هيو. ان کان علاوه اعزازي مهمانن ۾ رڪن ٻرڙو جو قوميءَ حساس جذبن جو قومي شاعرشاد لغاري ۽ ساس جهول جو اڳوڻو سيڪريٽري نوجوان شاعر نور چاڪراڻي ۽ شهر جي چڱي مڙس رڪن خان ٻرڙو کي پڻ اعزازي مهمان طور ويهاريو ويو. پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي، تلاوت نوجوان ادبي دوست رب ڏنو خاصخيلي ڪئي. آيل مهمانن کي ڀليڪار ساس شاخ رڪن ٻرڙو جي سنڌ ڪائونسل جي نمائندي معشوق لغاري ڪئي، جڏهن ته ساس رڪن ٻرڙو جي سيڪريٽري جمشيد لغاري ساس رڪن ٻرڙو شاخ کولڻ جي مقصد ۽ پس منظر تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي چيو ته رڪن ٻرڙو شهر پنهنجي پسگردائي ۾ جيترو واپار، هنر ۽ ڏيتي ليتي ۾ ٻه قدم اڳتي آهي ته اوترو ئي وري تعليم جي لحاظ سان پوئتي پيل آهي.هن هيڏي ساري شهر مان صرف چئن پنجن نوجوانن گريجوئيشن ڪئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته هتي سنڌي ادبي سنگت جي شاخ کولڻ جو مقصد اهو آهي ته هتان جو نوجوان لڏو جيڪو رات ڏينهن هوٽلن تي ڊش ۽ وي سي آر تي پنهنجو قيمتي وقت ۽ پئسو زيان ڪري رهيو آهي. انهن کي علم، ادب، ثقافت، ڪلچر ۽ پنهنجي سنڌ جي تاريخ ڏانهن متوجهه ۽ راغب ڪرڻو آهي. اسان جي هڪ ننڍڙي ڪوشش ۽ خواهش آهي ته هي شهر جيئن واپار ۽ هنر جو مرڪز آهي ائين ئي علم ۽ ادب جو پڻ هڪ مثالي شهر سڏجي. هن هتي جي نوجوانن کي مخاطب ٿيندي وڌيڪ چيو ته اوهان وٽ زندگي گذارڻ جو هڪ عظيم مقصد هجي ۽ ان مقصد کي ماڻڻ لاءِ اوهان وٽ پنهنجا اصول هجن. مولانا ابوالڪلام آزاد جو قول آهي ته “اصول مقصد لاءِ هوندا آهن نه ڪي مقصد اصولن لاءِ” اوهان جا مقرر ڪيل اصول جيڪڏهن مقصد ماڻڻ ۾ ناڪام ويا آهن ته انهن کي ڇڏي ڏيو، ڇو ته هميشه عظيم ۽ اعليٰ شيءَ جي ڀيٽ ۾ گهٽ شيءَ ڇڏڻي پوندي آهي. ان کان پوءِ رڪن ٻرڙو جي مقامي سگهڙ شاعر ولي محمد وساڻ پنهنجي شهر ۾ آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا، ماهي فقير سندس والد ٽوهه فقير “ٽيڙي” جا شعر پڙهيا. جاني ابڙو، محمد رمضان خاصخيلي، عامر وساڻ، رحيم ملوکاڻي، پريتم جهولائي، حسين بخش “حرفي”نبي بخش نروار، محمد رفيق ٻگهيو ۽ ٻين شاعرن پنهنجي شاعري پڙهي ڪري محفل کان داد حاصل ڪيو. ان کان علاوه اعزازي مهمان محترم رڪن ٻرڙو پنهنجي شاعري پڙهڻ سان گڏ سمورن آيل مهمانن جا ٿورا مڃيا ۽ ساس رڪن ٻرڙا جي دوستن جي ڪاوشن کي ساراهيو ۽ ههڙي محفل رچائڻ تي کين مبارڪون ڏنيون، ٻئي اعزازي مهمان سائين شاد لغاري پنهنجا تازا شعر پڙهي محفل کان خوب داد حاصل ڪيو.خاص مهمان معصوم سانگهڙائي پنهنجي معصوم جذبن واري شاعري پڙهي محفل ۾ نئون رنگ رچايو. مشاعري جي نشست جي صدر سائل لاکو پنهنجا قومي شعر ٻڌايا. هن شعر جي هڪ بند ۾ پنهنجي جذبن جو اظهار هن طرح ڪيو ”ڏينهن ڏکن جا گذري ويندا، سح سکن جا اڀري ايندا، واءُ وصل جو وريو هاڻي، سانگيئڙا سڀ سڌري ويندا “ان کان پوءِ طنز مزاح ۾ محترم شفيع محمد مڱريو ۽ محمد رمضان خاصخيلي پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو. ان کان راڳ رنگ جي محفل راڳ جي پارکو ڊاڪٽر اڪبر لغاري جي صدارت هيٺ ٿي. جنهن ۾ استاد بچل خان، تاج محمد “بجلي” صوفي راڳي ساماڻو فقير خاصخيلي، گڏڻ ٻگهيو، ماهي فقير ۽ ٻين پنهنجي فن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو، حسب دستور آخر ۾ استاد بچل خان سر راڻي سان محفل احتتام تي پهچايو. اهڙي نموني هن رنگ برنگي محفل جي پڄاڻي رات چار وڳي ٿي. (اسٽيج سيڪريٽري جا فرائض محترم حسن لغاري سرانجام ڏنا)

سرنسريا پاند- اُتر لڳا آءُ پرين، مون تو ڪارڻ ڪانڌ- سهسين سُکائو ڪيون، (1998)

سنڌ جو آفاقي شاعر شاهه عبداللطيف ڀٽائي جنهن کي اسان، اوهان ۽ دنيا جا ڏاها وڏي ۾ وڏو شاعر مڃون ٿا،انهي امن جي پيغمبر ۽ آدرشي شخصيت کي لفظن جي ڀيٽا ڏيڻ لاءِ اسان پنهنجي شهر جهول ۾ 24 آڪٽوبر ڇنڇر ڏينهن شام 7 وڳي گورنمينٽ مين سنڌي پرائمري اسڪول جي چمڪندڙ فرش تي جشن لطيف ملهائي رهيا آهيون جنهن ۾ تقريرون، مشاعرو، سوالن جوابن جو سلسلو، ٽيبلو ۽ ٻالڪ فنڪار پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندا، انهي سڄي مانڊاڻ جي صدارت، موتين امُلهه شخصيت محترم معصوم سانگهڙائي ڪندا، ۽ خاص مهمان محترم سُندر سنڌي، مرڪزي صدر ٻالڪ ادبي فورم هوندا ۽ اسانجي شهر جون رُوح روان ۽ سماج سڌارڪ شخصيتون محترم سائين الهورايو اُداسي بهڻ، محترم حاجي علي بخش چنڙ، محترم مير عرفان عالم ٽالپور ۽ محترم لال چند صاحب (ڪوهسار ڪاٽن فيڪٽري) اعزازي مهمان هوندا. اوهان ايندو نه؟  اوهان جو اوسيئڙو ڪنداسين. اها نينڍ ٻالڪ ادبي فورم جهول ضلع سانگهڙ طرفان اماڻي ويئي.

س.ا.س رڪن ٻرڙا طرفان حڪيم محمد سعيد جي قتل جي ننڍا، (روزاني عبرت 24 آڪٽوبر 1998ع)

رڪن ٻرڙا (ن-ع) سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي سيڪريٽري جمشيد ۽  ٻين ميمبرن محمد رفيق ٻگهيو جاني ابڙو، فقير محمد خاصخيلي. سلطان خاصخيلي، سوڀو ٻرڙائي، حسن لغاري ۽ ٻين حڪيم محمد سعيد ۽ سندس گارڊ جي وحشياڻي قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي قاتلن کي فوري طور تي ڦاهي ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي. جڏهن ته پونئيرنسان تعزيت جو اظهار ڪندي موصوف جي بخشش جي دعا ڪئي آهي.سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي دستوري گڏجاڻي ٿي گذري جنهن ۾ جمشيد يادن جي جهروڪن مان موت نه ماريائون ڏور ڏئي ويا ڏک جي“، سوڀو ٻرڙائي ڪهاڻي “انڌو عقيدو” حسن بخش “حرفي” جنرل مرتضيٰ خاصخيلي ڪافي ، گيگ گل محمد قلي خان ۽ حسن لغاري ترجمو ڪيل فن جي ضرورت مضمون ۽ معشوق لغاري شاعراڻي نثر ۾ جاني ابڙو، ماهي فقير ۽ ٻين حصو ورتو.

ساس رڪن ٻرڙا طرفان ڏياري ملن پارٽي ٿي گذري، ( روزاني مهراڻ 27 آڪٽوبر 1998ع)

رڪن ٻرڙا (ن-م) سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو طرفان ڏياري ملن پارٽي ٿي گذري، جنهن ۾  رڪن ٻرڙا جي غير مسلم رهواسين ۽ ساس ورڪرن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي. ساس جي سيڪريٽري جمشيد لغاري خطاب ڪندي چيو ته اسان وٽ ڪو به مذهبي متڀيد نه آهي، اسان وٽ سڀ کان اُتم رتبو انسان جو آهي. اشوڪ مل، ڀاون مل، صوڀو ٻرڙاڻي، حسن لغاري، ماهي فقير، محمد رفيق جاني ابڙو، حسين بخش صوفي ۽ علي نواز هنڱورو شرڪت ڪئي.

حڪيم سعيد وحشيانه قتل جي مذمت، (98-10-29)

رڪن ٻرڙا (ن-م) سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙا جي سيڪريٽري جمشيد لغاري ۽ ٻين ميمبرن معشوق علي لغاري، مسڻ لغاري، محمد رفيق ٻگهيو، فقير محمد خاصخيلي، جان ابڙو، صوڀو ٻرڙائي، ناشاد مڱريو، غلام قادر خاصخيلي ۽ ٻين حڪيم محمد سعيد ۽ سندس گارڊ جي وحشيانه قتل جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي ۽ قاتلن کي هڪدم ڦاهي چاڙهڻ جي گهر ڪندي وارثن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي ۽ دعا ڪئي ته شال رب پاڪ مرحومن کي جنت الفردوس ۾ جاءِ عطا فرمائي آمين.

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي گڏجاڻي ٿي گذري، (روزاني الک 29 آڪٽوبر 1998ع)

سنڌي ادبي سنگ شاخ رڪن ٻرڙا جي دستوري گڏجاڻي معشوق علي لغاري جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ خميسو يادن جي جهروڪن مان موت نه ماريائون ڏور ڏئي ويا ڏک جي، حسين بخش صوفي غزل، حسن لغاري مضمون فن جي ضرورت ترجمو ڪيل، مرتضيٰ خاصخيلي ڪافي ۽ گيت، سوڀو ٻرڙائي ڪهاڻي “انڌو عقيدو“ جڏهن ته  معشوق لغاري شاعراڻو نثر پيش ڪيو.  بعد ۾ خميسو لغاري، حسن لغاري، جاني ابڙو ۽ ٻين حصو ورتو.

 

سنڌي ادبي سنگت ۾ مرڪزي چونڊن لاءِ ووٽر لِسٽ، نامزدگي فارم ۽ چونڊ- شيڊول جي پڌرائي، (30 آڪٽو بر 1998)

اسان کي ان ڳالهه جي گهڻي خوشي آهي ته، سنڌ سنگت جي موجوده قيادت، آئيني ۽ جمهوري طريقي سان مليل تنظيمي ذميدارين کي، ٻن سالن واري عرصي ۾ بهتر نموني نڀائيندي، نئين قيادت جي چوند عمل تي اچي پهتي آهي. ننڍين وڏين ڪاميابين جو ذڪر “ڪارڪردگي رپورٽ” ۾ ڪنداسين، هتي رڳو اُن هڪ ڪاميابيءَ جو ذڪر ڪرڻ ضروري ٿو سمجهجي، جيڪا اسان کان وڌيڪ، اوهان جي ڪاميابي آهي اُها آهي، پنجهاهه سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو، سنڌ سنگت جي مرڪزي آفيس جي قيام لاءِ، پلاٽ حاصل ڪرڻ جي ڪاميابي، جنهن تي اسان کي سدائين دلي خوشيءَ ۽ فخر محسوس ٿيندو ۽  آس آهي ته، اسان کان پوءِ ايندڙ قيادت، اسان جهڙي نه هجي، اسان کان گهڻو بهتر هجي، جنهن جون ڪوششون اڃا به ڪاميابين جا دَر کولينديون وڃن، لازمي  آهي ته ان لاءِ اوهان کي انتهائي خبرداريءَ، سوچَ سمجهه ۽ صرف سنگت جي مفادن کي نظر ۾ رکي، ايندڙ مرڪزي چونڊن ۾ پنهنجو هاڪاري ڪردار ادا ڪرڻو پوندو.سنڌ سنگت جي ايندڙ مرڪزي چونڊن لاءِ مقرر چونڊ- ڪاميٽيءَ جي فيصلي موجب، چونڊن لاءِ شيڊول جي پڌرائي ڪئي وئي آهي، جنهن جو تفصيل، ڪالهوڪي اجلاس خيرپور ۾ ٿيل فيصلن جو ۽ چونڊ- ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻيءَ ۾ ٿيل فيصلن جو تفصيل هيٺينءَ ريت آهي، اُميد ڪجي ٿي ته، اوهان پاران انهن فيصلن جي هر طرح سان پوئواري ڪئي ويندي.

  1. چونڊ- ڪاميٽيءَ جي چيئرمين جناب وليرام ولڀ صاحب جي ذاتي درخواست تي، مرڪزي چونڊن جي اڳ مقرر ڪيل تاريخ 6 ڊسمبر کي تبديل ڪري 13 ڊسمبر 1998ع ڪيو ويو آهي، ان تاريخ تي چونڊون حيدرآباد ۾ ٿينديون، هنڌ جو اعلان اخبارن ذريعي ڪيو ويندو.
  2. چونڊ- ڪاميٽي، آئين موجب با اختيار هوندي.
  3. ڪنهن به اميدوار جي، ٻئي اميدوار خلاف خطن، اخباري بيانن، پمفليٽن يا پوسٽرن رستي ڪيل منفي پروپيگنڊه کيس چونڊن لاءِ نااهل قرار ڏياريندي.
  4. ڪنهن به ميمبر/ اُميدوار ڏانهن شاخ يا مرڪز جي بقايا يا واسطيدار شاخ ڏانهن به ڪنهن قسم جي مرڪزي بقايا (نامزدگي فارم في، سالياني الحاق في، خصوصي فنڊ) کيس نا اهل قرار ڏياريندي، اهڙو اُميدوار نه چونڊن ۾ بيهي سگهندو، نه ئي اُن شاخ پاران ووٽ ڏئي سگهندو.
  5. آئين موجب شاخ جو سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر، مرڪزي چونڊن ۾ ووٽ ڏئي سگهندو، جنهن لاءِ کيس چونڊ-ڪاميٽيءَ آڏو، مرڪزي بي باقيءَ جي رسيد ۽ مرڪز پاران چونڊ وقت جاري ٿيندڙ سڃاڻپ ڪارڊ پيش ڪرڻو پوندو، جنهن لاءِ سمورين شاخن جي سيڪريٽرين ۽ ڪائونسلرن کي پنهنجا ٻه ٻه فوٽو هڪدم سيڪريٽري جنرل ڏانهن ڏياري موڪلڻ گهرجن.

چونڊن جو  شيڊول

  1. فارمن جمع ڪرائڻ جي تاريخ 10 نومبر کان 2 نومبر 1998ع تائين
  2. فارمن جي جانچ پڙتال 20 نومبر کان 22 نومبر 1998ع تائين
  3. بحال ٿيل فارمن جي اخبارن ذريعي پڌرائي 23 نومبر 1998ع تائين
  4. اعتراض داخل ڪرڻ جي آخري تاريخ 24 نومبر کان 27 نومبر 1998ع تائين
  5. اعتراضن تي چونڊ- اڪاميٽيءَ جي تفصيلي جي پڌرائي 1 ڊسمبر 1998ع
  6. هٿ کڻڻ جي آخري تاريخ 6 ڊسمبر 1998ع
  7. اميدوارن جي آخري لسٽ جي اخباري پڌرائي 8 ڊسمبر 1998ع
  8. چونڊ 13 ڊسمبر 1998ع

هن خط سان گڏ، اوهان کي شاخن جي ووٽر، لسٽ ۽ نامزدگي فارم جو نمونو (۽ ڪ-ڪ- اجلاس خيرپور جي رپورٽ) پڻ موڪلجي ٿي. مقرر في ادا ڪري سنڌ سنگت جو ڪو به ميمبر هيٺ ڄاڻايل مرڪزي عهدن تي بيهي سگهي ٿو، جنهن لاءِ آئيني ۽ ڪ-ڪ- اجلاس خيرپور ۾ ٿيل فيصلن جي پوئواري لازمي ڪرڻي آهي.

  • مرڪزي عهدا
  1. سيڪريٽري جنرل 2. جوائنٽ سيڪريٽري 3. خزانچي 4. آڊيٽر
  • ضلعي رابطا سيڪريٽري
  1. ڪراچي ضلعو 2. ٺٽو ضلعو 3. حيدرآباد ضلعو 4. بدين ضلعو 5. ڀرپارڪر ضلعو 6. سانگهڙ ضلعو 7. نواب شاهه ضلعو 8. نوشهرو فيروز ضلعو 9. دادو ضلعو 10. لاڙڪاڻو ضلعو 11. شڪارپور ضلعو 12. جيڪب آباد 13.. خيرپور ضلعو 14.. سکر ضلعو 15. گهوٽڪي 16. رابطا سيڪريٽري (خواتين شاخون)
  • نوٽ: خواتين شاخن جي رابطا سيڪريٽري لاءِ رڳو، ڪراچيءَ ۽ سکر جي خواتين شاخن جون ميمبر اُميدوار بيهي سگهنديون ۽ کين ووٽ به ٻنهي شاخن جون سيڪريٽري ۽ ڪائونسلر ئي ڏئي سگهنديون، جڏهن ته هوُ چئن مرڪزي عهدن لاءِ پڻ ووٽ جو حق استعمال ڪري سگهنديون)

چونڊَ- ڪاميٽيءَ سان سڌي ۽ سهولت واري رابطي خاطر، ڪاميٽيءَ جي چيئرمين ۽ ميمبرن جون ائڊريسون ۽ رابطي جو وقت پڻ ڄاڻائجي ٿو.

جناب ولي رام لڀ صاحب (چيئرمين) B-44، شريف اسڪوائر، حسين آباد، حيدرآبا سنڌ.

فون: 861331/022 وقت: پنجين کان ستين وڳي شام تائين

جناب زيب سنڌي صاحب(ميمبر)100/8-Bعبدالله ٽائون هائوسز، قاسم آباد حيدرآباد سنڌ

فون: 650144/0221 وقت: شام جو ڇهين کان نائين وڳي تائين.

جناب عبدالرسول عباسي صاحب (ميمبر) زرعي يونيورسٽي ڪالوني، ٽپال گهر ٽنڊو ڄام، ضلعو حيدرآباد سنڌ

فون: وقت شام جو پنجين کان نائين وڳي تائين

سنڌ سنگت ڪائونسل اجلاس ايجنڊا اوهان کي، شيڊول مطابق رواني ڪئي ويندي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي ماهوار رپورٽ،( نومبر 1998)

 سيڪريٽري- بشير منگي

98-11-7 ڇنڇر تي سنگت جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي محترمه ممتاز مهر جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ محترم ممتاز مهر “سنڌي ادب جو مستقبل” جي عنوان تي ليڪچر ڏنو.98-11-12 ڇنڇر تي سنگت جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي محترم جمال ناصر شر جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ محترم جاويد سنڌو- نثري نظم، ڊاڪٽر خادم منگي- آزاد نظم تنقيد لاءِ پيش ڪيو.98-11-14 ڇنڇر تي سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽي جو اجلاس محترم مهر خادم جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. جنهن ۾ محترمه خواجا ذوالفقار- محترم انور ميمڻ- محترم بشير منگي- محترم مهر خادم- محترم ممتاز بخاري ۽ محترم جاويد سنڌو شرڪت ڪئي ۽ بحث ۾ حصو ورتو- هن اجلاس ۾ هڪ اسم تي غور ڪيو ويو، جيڪو محترم فتاح ملڪ جي ميمبرشپ جي بحالي بابت هو- جنهن بابت اڪثريت راءِ سان محترم فتاح ملڪ جي ميمبرشپ کي بحال ڪيو ويو.98-11-7 ڇنڇر تي سنگت جي ڪاروباري ڪميٽي جو اجلاس محترم انور ميمڻ جي صدارت هيٺ ٿي گذريو. جنهن ۾ محترم مهرخادم- محترم ممتاز بخاري- محمد انور ميمڻ- محترم بشير منگي ۽ محترم خواجا ذوالفقار شرڪت ڪئي ۽ حصو بحث ۾ حصو ورتو- هن اجلاس ۾ ٻن اسمن تي غور ڪيو ويو، جنهن ۾ اروڙ تي رٿيل مشاعري جي منظوري ۽ محترم فتاح ملڪ اعزازي ميمبر- سيڪريٽري جنرل واري عهدي تي سندس فارم تي تجويز ۽ تائيد بابت هو- اجلاس ۾ متعقد طور ۽ اڪثريت  راءِ سان اروڙ تي مشاعري جي منظوري ڏني- ۽ فتاح ملڪ صاحب بابت فيصلو ڏنو ته سنگت جي مرڪزي چونڊن ۾ سيڪريٽري جنرل جي عهدي تي فارم ڀرائڻ لاءِ آئيني طور سنگت شاخ سکر ۾ ميمبرشپ حاصل ڪرڻي پوندي، ان حوالي سان جناب فتاح ملڪ صاحب شاخ سکر جي سيڪريٽري کي ميمبرشپ جي بحالي لاءِ درخواست ڏيندو، جنهن تي سندس ميمبرشپ جي بحالي جو فيصلو ايندڙ ڪاروباري ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيو ويندو.98-11-21 ڇنڇر تي سنگت جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي محترم ضياءِ ڀٽي جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ محترم سميع پارس- بيت- محترم بشير منگي گيت پيش ڪيا. 98-11 محترم جاويد سنڌو- نثري نظم تنقيد لاءِ پيش ڪيو گڏجاڻي جي آخر ۾ هڪ گڏيل قرار داد ذريعي سنڌ ۾ فوج کي 245- آرٽيڪل تحت ڏنل اختيار ختم ڪري سنڌ اسيمبلي کي بحال ڪيو وڃي، سان سنڌ ۾ فوجي عدالتن جي قيام جي مخالفت ۽ مذمت ڪئي وئي.هڪ ٻي قرار داد ۾ روهڙي سيمينٽ فيڪٽري کي بند ڪري مقامي ماڻهن کي بيروزگار ڪرڻ جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي وئي.1998-11-22 آچر ڏينهن سنگت پاران سنڌ جي اڳوڻي گادي واري هنڌ اروڙ جو سير ڪيو ويو، شاهه شڪر گنج جي مزار، حافظ عارف ڀٽي جي مزار- محمد بن قاسم جي مسجد، اروڙ ڳوٺ، ڪالڪا ديوي جو مندر سميت مختلف تاريخي جڳهن جو سير ڪيو، آخر ۾ نيهن جبل جي دامن به رشيد ڀٽي يادگار مشاعرو ڪرايو ويو.هن مشاعري جي صدارت شاعر ادل سومري ڪئي جڏهن ته خاص مهمان ممتاز مهر اعزازي مهمان- احمد خان بلوچ- اختر درگاهي، حضور بخش راهي جن هتان مشاعري ۾ جن شاعرن شعر پڙهيا تن ۾ بشير منگي، ساگر محمد حسين مهر،  سميع پارس، حماد ٻرڙو وهاب ٻرڙو، مصور مهر، جاويد سنڌو پنهل پياسي، سجاد ميراڻي، وفا بلو، بيخود بلوچ، ممتاز صحرائي، ابرار ساگر شاهه، قلب سومرو، نثار رڪ، مشتاق ڀٽي، سرفراز صدف، رشيد سومرو، شڪور شائق سومرو، امراقبال، سارنگ مرکنڊ، ڊاڪٽر خادم منگي، مهر خادم، خواجا ذوالفقار، گوهر سنڌي شامل آهن.

سنڌي ادبي سنگت شاخ جي دستوري گڏجاني، غزل ۽ گيتن جي ورکا

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي دستوري گڏجاڻيجناب ناشاد مڱريو جي صدارت هيٺ گذري، جنهن ۾ جناب جمشيد، جناب جاني ابڙو، جناب سوڀو ٻرڙائي، جناب مسڻ لغاري، جناب مرتضيٰ خاصخيلي، جناب نبي بخش نروار، جناب معشوق لغاري، مرتضيٰ خاصخيلي شرڪت ڪئي ۽ شاهه سائين جا بيت پيش ڪيا، جاني ابڙو پڻ لطيف سائين جا بيت پيش ڪيا، جمشيديادن جي جهروڪي مان بي مقام بچپنو ۽ منهنجو ننڍپڻو پيش ڪيو،  جنهن کي دوستن خواب ساراهيو، سائين مسڻ لغارياسان عاشق مست ملنگ “دوست علي ٻٻر پنهنجو شاعر ۽ پنهنجي “تخليق”  آزاد نظم ٽيڙو ۽ بيتن جي صورت ۾ پيش ڪئي. سندس شاعر ۽ مزاحمت شاعري کي سموري سنگت سان ساراهيو ۽ پڻ مستفيدٿيا. ناشاد منڱريو صدارتي راءِ دوستي جي محنت داد لائق آهي دوستن جون لکڻيون ڏسي خوشي ٿي آهي.جڏهن ته تنقيد معشوق لغاري سوڀو ٻرڙائي جاني ابڙو ۽ ٻين حصو ورتو.

بهاول خان ڀنڊ جي وفات تي تعزيت جو اظهار، (روزاني الک 6 نومبر 1998ع)

خدا آباد (ت-ر) سنڌي ادبي سنگت خدا آباد شاخ جي سيڪريٽري اعجاز علي ڀٽي، محمد ملوڪ پنهور، محمد ابراهيم ڀنڊ، مختيار احمد پنهور، نعيم ملڪ ۽ ٻين ميمبرن پنهنجي گڏيل بيان ۾ خداآباد جي جهوني سماجي ڪارڪنن بهاول خان ڀنڊ جي وفات تي گهري ڏک جو اظهار ڪيو آهي.

ڪتاب ڪاميٽي جي گڏجاڻي جي رپورٽ

سنڌي ادبي سنگت خدا آباد شاخ جي ”ڪتاب ڪاميٽي“ جي گڏجاڻي تاريخ 98-11-14 بروز ڇنڇر بمقام گورنمينٽ طالب الموليٰ هاءِ اسڪول دادو ۾ بوقت 4:30 بجه منعقد ٿي. جنهن جي صدارت جناب غلام النبي قريشي صاحب جن ڪئي. گڏجاڻي ۾ محترم غلام النبي قريشي، محترمه نظير احمد ڀنڊ، محترمه نظير احمد ڀنڊ، محترمه مختيار احمد پنهور، ڊاڪٽر لياقت علي مگسي، محترم محمد ابراهيم ڀنڊ، اعجاز علي ڀٽي شرڪت ڪئي. محترمه مختيار احمد پنهور تلاوت ڪلام پاڪ ڪئي.محترمه نطير احمد ڀنڊ شاهه سائين جا بيت پڙهيا.

فالو اپ

گذريل گڏجاڻي ۾ ڪيل فيصلن موجب:سيد حاڪم علي شاهه بخاري صاحب، ڊاڪٽر لياقت علي مگسي صاحب، محترمه نظير احمد ڀنڊ صاحب تاريخي مواد ۽ نوادرات جي سلسلي ۾ محترمه تاج محمد صحرائي صاحب جن سان مليا. بقول ڊاڪٽر لياقت مگسي محمد محتاج صحرائي صاحب جن کان سڪاگم ٿي ويا آهن ۽ تاريخي مواد لاءِ به ڪامثبت موٽ نه ملي آهي.سيڪريٽري س. ا. س خداآباد شاخ، ڪامريڊ سوڀو گيانچنداڻي، محترم شوڪت شورو، محترم عبدالقادر جوڻيجو، ميڊم مهتاب اڪبر راشدي، چيئرپرسن شعبه آثار قديمه، شاهه عبداللطيف يونيورسٽي ۽ محترم محمد ابراهيم جويو طرفان برانچ ڏانهن موڪليل خط پڙهي ٻڌايا ويا. جن تي اطمينان ڪيو ويو.

فيصله

شعبه آثار قديمه، شاهه عبداليف يونيورسٽي ڏانهن بيهر خط موڪليو ۽ جيآثار قديمه جي ڊائريڪٽر جنرل ڏانهن به کوٽائي جي سلسلي ۾ خط لکيو وڃي.خدا آباد جي آسپاسي موجود دڙن جي کوٽائي لاءِ هڪ وفد جناب ڊپٽي ڪمشنر صاحب ضلع دادو، سان ملاقات ڪري، ڊاڪٽر احمد حسين داني ۽ محترمه مختياراحمد کي ڌار ڌار خط لکيا وڃن.

سنڌي ادبي سنگت سنڌ رجسٽرڊ

محترم محمد عثمان ميڻ صاحب جن کان خدا آباد بابت سنجراڻي صاحب جو لکيل مواد حاص ڪيو وڃي.ڊاڪٽر محمد لائق زرداري صاحب ۽ محترم غلام محمد لالو صاحب جن جو مصروفيتن سبب رهيل ڪم ڊاڪٽر لياقت علي مگسي محترمه الهنواز رڪڻائي، محترم نظير احمد ڀنڊ جي حوالي ڪيو ويو.ڪلهوڙا دور سان وابسته سڪن لاءِ محترم عبدالله خان سابق ايم. اين. اي ٽنڊو آدم کي خط ذريعي گذارش ڪئي وڃي.ايندڙ گڏجاڻي عيدالفطر کان بعد ۾ منعقد ڪئي ويندي، گڏجاڻي خير خوبي سان 6 بجه شام جو اختتام پذير ٿي.

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي ويهڪ، (15 نومبر 1998)

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي دستوري ويهڪ جناب جاني ابڙو صاحب جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ محترم جاني ابڙو صاحب، محترم جمشيد صاحب، محترم معشوق لغاري، محترم سوڀو ٻرڙائي، محترم حسڻ لغاري، محترم فقير محمد خاصخيلي، محترم مرتضيٰ خاصخيلي، محترم ناشاد منڱريو، محترم عباس لغاري، محترم ماهي فقير شرڪت ڪئي.جمشيد پنهنجو آزاد نظم پيش ڪيو جنهن کي دوستن ساراهيو، ۽ معشوق لغاري پنهنجو شاعراڻو نثر ،تعليم ۽ ترقي پيش ڪيو. دوستن کي انهيءَ نظر تي وڌائڻ لاءِ هدايت ڪئي.فقير محمد شاهه صاحب جا بيت پيش ڪيا، سائين مسڻ ڪارل مارڪس جي پهرين لکڻي به عنوان پيشي جو انتخاب ترجمو پڙهيو، جيڪو سنگت تمام گهڻو پسند ڪيو. سوڀو ٻرڙائي لطيف سائين جي وائي ترنم ۾ پيش ڪئي، جاني ابڙو وشال جو غزل پيش ڪيو.صدارتي راءِ ڏيندي جاني ابڙو چيو ته دوستن کي گهرجي ته ڪجهه وقت نه ڪجهه هرڀيري کي اچن ۽ وقت جي پابندي جو خاص خيال رکن دوست هتي وارا گهٽ ناهن، انهن ۾ ڪافي خوبيون آهن. انهن کي اجاگر ڪن پنهنجي پاڻ سان نا انصافي ڪن ايندڙ گڏجاڻي 98-11-29 تي ٿيندي.

رشيد ڀٽي يادگار مشاعرو، (22 نومبر 1998)

ادب ۽ شاعري بي دماغي عياشيءَ ۽ ذهني اوسر نه سمجهڻ کپي شاعري رڳو هڪ سينه جي زلفن،چپن ۽ ڳاڙهن ڳٽن جو ذڪر نه پر ساري سنسار کي حَسين ۽ خوبصورت بنائڻو آهي.سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر پاران ”رشيد ڀٽي يادگار مشاعرو“ سنڌ جي اڳوڻي گادي واري هنڌ اروڙ ۾ قديمي نينهن جبل جي جهولي ۾ هيٺ ڏنل سٽاءُ موجب رٿيو ويو آهي. ان موقعي تي اروڙ جي تاريخي ماڳن جو سير پڻ ڪرايو ويندو ۽ آخر ۾ راڳ رنگ جي محفل ٿيندي. اوهان کي هن پروگرام ۾ دل جي گهرائي سان ڪوٺ ڏجي ٿي.

سنڌي ادبي سنگت پاران شهنائي نواز آچر فقير جي لاڏاڻي تي ڏکجو اظهار، (روزاني آفتاب 29 نومبر 1998ع)

شهداد پور (ن- آ) سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي سيڪريٽري جمشيد لغاري، معشوق لغاري، مسڻ لغاري، حسين بخش صوفي، جاني ابڙو، سوڀو خان ٻرڙائي، محمد رفيق ٻگهيو ۽ ماهي فقير شهنائي فواد استاد محمد آچر فقير مڱڻهار جي وفات تي ڏک ۽ تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته استاد محمد آچر فقير جهڙا فنڪار صدين کان پوءِ جنم وٺندا آهن، هن وڌيڪ چيو ته استاد آچر سنڌ جو سدا ملوڪ شهنائي نواز هيو، هن جي وڃڻ صرف سندس پٽ سوڳوار ٿيا آهن پر سڄي سنڌ ۾ سوڳوار آهي.

سنڌي اد بي سنگت خداآباد شاخ طرفان شاهه رحه جي فڪر بابت ليڪچر پروگرام جو بندو بست ڪيو ويو، (1998/11/29)

سنڌي ادبي سنگت خدا آباد شاخ طرفان تاريخ 98-11-29 بروز آچر بوقت 10 بجه بمقام گورنمينٽ هائير سيڪنڊري اسڪول خدا آباد ۾ عنوان تي شاهه رحه جو فڪر ليڪچر پروگرام جوبندوبست ڪيو ويو. محترم نظير احمد ڀنڊ صاحب ليڪچرڪار طور شرڪت ڪئي، پروگرام ۾ هيٺ ڄاڻايل ساٿين شرڪت ڪئي. ان کان اڳ ڪ-ڪ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ محترم محمد ابراهيم پنهور، محترم نظير احمد ڀند، محترم اعجاز علي ڀٽي، محترم الهه بچايو پنهور، محترم محمد ابراهيم ڀنڊ، محترم ابراهيم پنهور، محترم محمد علي جتوئي، محترم محمد خان برماڻي، محترم حنيف برماڻي، محترم بشير احمد قريشي شرڪت ڪئي. ايجنڊا ۾ گذريل ڪارروائي بحال ڪرڻ، سنڌي ادبي سنگت پاران مرڪزي چونڊن تي ويچارڻ، س.ا. س خدا آباد شاخ جي لاءِ سال 1999ع لاءِ چونڊون منعقد ڪرڻ بابت، ڪوبه اسم وقتي صدر صاحب جي اجازت سان پيش ڪرڻ شامل هو. گڏجاڻي جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿي ۽ ان کانپوءِ شاهه سائين جا شعر پڙهيا ويا، س.ا. س خدا آباد شاخ جي سيڪريٽري گذريل ڪارروائي پڙهي ٻڌائي جيڪا متفقه طور تي منظور ڪئي ويئي.

سنڌي ادبي سنگت شاهه رڪن ٻرڙو جي گڏجاڻي، لطيفي شعر تي شرڪت ڪندڙن جو ڀرپور داد (29 نومبر 1998)

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي دستوري گڏجاڻي محترم رياض حسين لغاري جي صدارت ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ محترم جناب ابڙو، محترم مرتضيٰ خاصخيلي، محترم غلام عباس لغاري، محترم جمشيد لغاري شرڪت ڪئي. محترم جاني ابڙو شاعر سُر سارنگ جو شعر پڙهيو، جيڪو سنگت تمام گهڻو ساراهيو ۽ محترم عباس لغاري لطيف سائين جو شعر پڙهي سنگت کان خوب داد حاصل ڪيو. محترم مرتضيٰ خاصخيلي مولانا رحيم بخش قمر جي ياد ۾ امير خيرپوري جو شعر پڙهي سنگت کان خوب داد حاصل ڪيو.جمشيد لغاري پنهنجو آزاد نظم پڙهيو.آخر ۾ وقتي صدر محترم رياض حسين لغاري ادب ۽ سنڌي ادبي سنگت تي هڪ ليڪچر ڏنو ۽ رڪن ٻرڙا شاخ جي هن ننڍڙي ڪوشش کي ساراهيو، ايندڙ گڏجاڻي 98-12-16 تي رکي وئي.

  • زنگيءَ جو سازُ ساڳيو ٿو وڄي

سالَ گُذري ٿا وڃن

۽ اکين جي ديسَ مان

خوابَ اُڏري ٿا وڃن.

سالُ جو هاڻي اچي ٿو

شالَ سو آڻي اوهان لاٰءِ

محبتون، روشنيون ۽ خوشيون

سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي ماهوار رپورٽ: سيڪريٽري  بشير منگي  (ڊسمبر 1998)

01/12/98 ڇنڇر تي سنگت جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي ڊاڪٽر خادم منگي جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ محترم شفيع محمد سومري نظم ۽ محترم شبير منگي عزل تنقيد لاءِ پيش ڪيو. 01/12/98 تي سنگت جي هفتيوار دستوري گڏجاڻي محترم نعيم شيخ جي صدارت هيٺ ٿي گذري، جنهن ۾ محترم شبير منگي، رائي ۽ محترم شاهنواز سومري نظم تنقيد لاءِ پيش ڪيو.

سنڌي ادبي سنگت شاخ سکر جي ماهوار رپورٽ 13- ڊسمبر 1999ع تائين: سيڪريٽري بشير منگي (13/12/1999)

02/01/1999 ڇنڇر تي سنگت جي هفتيوار دستوري/ الودائي گڏجاڻي محترم عبدالغني مهر جي صدارت هيٺ ٿي گذري، هن گڏجاڻي ۾ اسم جي تنقيد کانسواءِ سال 98ع جي سنگت جي ڪارڪردگي جي جائزو ورتو ويو، جنهن تي محترم مهر خادم، محترم شيخ ارشاد، محترم قدير انصاري، محترم خواجا ذوالفقار، محترم شوڪت خواجائي ۽ محترم خواجا ذوالفقار خيالن جو اظهار ڪيو، جڏهن ته سنگت جي سيڪريٽري بشير منگي سال 98ع جي سنگت شاخ سکرجي ڪارڪردگي تي خيالن جو اظهار ڪيو، ۽ دوستن جا ٿورا مڃيا. هن گڏجاڻي ۾ شيخ ارشاد هائيڪا تنقيد لاءِ پيش ڪيا. 03/01/1999 آچر تي سنگت پاران سنڌ جي سدا حيات ۽ سرموڙ شاعر شيخ اياز جي پهرين ورسي ملهائي وئي، هن ورسي واري پروگرام جي صدارت محترم  تاج جويو ڪئي، جڏهن ته خاص مهمان اياز گل ۽ اعزازي مهمان اختر درگاهي هئا. ميزبان جي حيثيت ۾ بشير منگي ۽ ڪمپيئر محترم ڊاڪٽر خادم منگي مٿي اسٽيج تي ويٺا. هن پروگرام ۾ محترم خواجا ذوالفقار محترم زاهد منگي عباسي، محترم شيخ ارشاد، محترم بشير بيدار ڀٽو، محترم زاهد منگي، محترم گيانچند وڪيل، محترم غلام رسول سهتو، محترم ادل سومرو ۽ محترم خالد بروهي خيالن جو اظهار ڪيو. 09/01/1999 ڇنڇر تي سنگت جي سالياني چونڊ محترم وفا بُلي رابطا سيڪريٽري ضلعو سکر ۽ محترم انور ميمڻ ميمبر چونڊ ڪاميٽي جي نگراني ۾ ٿي گذري، جنهن ۾ سيڪريٽري محترم جاويد سنڌو، خرانچي ڊاڪٽر خادم منگي، آڊيٽر بچل شيخ، ڪائونسلر محترم عبدالغني مهر، ميمبر ڪاروباري ڪميٽي لاءِ محترم بشير منگي، محترم مهر خادم منگي، محترم اسد عباسي ۽ محترم شوڪت خواجائي، چونڊ جي آيا، چونڊ گڏجاڻي ۾ 28 ميمبرن مان 20 ميمبرن پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪيو، چونڊ گڏجاڻي کي نئين چونڊجي آيل سيڪريٽري محترم خواجا ذوالفقار، سابق سيڪريٽري بشير منگي ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽري محترم وفا بُلي خطاب ڪيو.

سنڌ سنگت ڪائونسل جو اجلاس (06/12/1998)

سنڌي ادبي سنگت سنڌ جي سيڪريٽري جنرل اياز گل طرفان هڪ ادارتي خط ذريعي سنگت جي سيڪريٽري، ڪائونسل ۽ ضلعي رابطا سيڪيٽري کي اطلاع ڏنو ويو ته سنڌي ادبي سنگت جي سنڌ ڪائونسل جو اجلاس 13 ڊسمبر 1998 (آچر ڏينهن) تي صبح جو يارهين وڳي ٿيندو، اجلاس کانپوءِ سنڌ سنگت جون مرڪزي چونڊون پڻ ٿينديون، جنهن ۾ شاخن جا سيڪريٽري، ۽ ڪائونسلر پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪندا. اجلاس جي ايجنڊا ۾ گذريل  اجلاس جي ڪارورائي/رپورٽ جي منظوري، سيڪريٽري جنرل جي رپورٽ ۽ ان جي منظوري، مرڪزي خزانچي پاران مالي رپورٽ ۽ انجي منظوري، عام ۽ تعزيتي ٺهرائن جي منظوري، شامل ڪيا ويا، ان کانسواءِ وقتي صدر جي اجازت سان ٻيا اسم به ايجنڊا ۾ شامل ڪري سگهبا.

خاص ڌيان لاءِ؛

ڪنهن مجبوريءَ سبب ٿيندڙ جڳهه جي تبديليءَ جو اعلان اخبارن ذريعي ڪيو ويندو.  چونڊن وقت، مرڪزي خزانچي/سيڪريٽري جنرل کان بي باقيءَ جو سرٽيفڪيٽ وٺڻ لازمي آهي، جنهن لاءِ شاخن کي نامزدگي فارم في سالياني الحق في ۽ خصوصي فنڊ جون بقايائون هر صورت ۾ ادا ڪرڻيون پونديون. شاخن جي سيڪريٽري/ڪائونسلرن کي هدايت ڪجي ٿي اڳ ۾ ادا ڪيل رقم جي (سيڪريٽري جنرل، مرڪزي خزانچي يا ضلعي رابطا سيڪريٽري پاران جاري ڪيل) رسيد/رسيدون پاڻ سان ضرور کڻي اچن. شاخن کي وفد فيءَ طور 100 رپيا ادا ڪرڻا آهن.

سنڌي ادبي سنگت جي سنڌ سنگت ڪائونسل جي اجلاس جي رپورٽ، (25 جولاءِ 1998)

سنگت ڪائونسل جو اجلاس 7 ڊسمبر 1997ع تي آچر ڏينهن منجهند جو هڪ وڳي شهيد قائمخاني واپڊا هال سکر ۾ مختيار ملڪ ڪائونسل سنڌي ادبي سنگت شاخ خيرپور سنڌ جي صدارت هيٺ ٿيو. جنهن جي ايجنڊا ۾ سنڌي ڪائونسل جي اجلاس جي ڪارروائي/رپورٽ جي منظوري، سيڪريٽري جنرل جي سالياني رپورٽ/سالياني مالياتي رپورٽ جي منظوري، مرڪزي عهديدارن جي گڏجاڻي ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري، آئيني مونجهارن/مسئلن لاءِ تجويزون ۽ انهن جي منظوري، غير سرگرم شاخن جو الحاق رد/معطل ڪرڻ بابت فيصلا، عام ۽ تعزيتي ٺهرائن جي منظوري شامل هئا. ان کانسواءِ وقتي صدر جي اجازت سان ٻيا اسم به ايجنڊا ۾ شامل ٿيا. اجلاس ۾ سيڪريٽري جنرل اياز گل، مرڪزي خزانچي غلام نبي ناشاد، مرڪزي آڊيٽر معشوق ڌاريجو، ڪائونسل جهرڪ نبي بخش پريمي، سيڪريٽري سانگهڙ استاد نظاماڻي، سيڪريٽري ڪنڊياري عبدالعزيز ساگر شر، سڪريٽري ڀائي خان ٽالپر رمضان شورو، سيڪريٽري خانواهڻ عبدالحفيظ ميمڻ، سيڪريٽري محرابپور نواز ڀٽي، سيڪريٽري پير جو ڳوٺ عبدالله شاد جلباڻي، ڪائونسلر جوهي احمد خان مدهوش، سيڪريٽري خيرپور ناٿن شاهه فياض بلوچ،  سيڪريٽري شهدادڪوٽ جمال دايو، سيڪريٽري نئون ديرو امتياز احمد ڪلهوڙو، سيڪريٽري ڏوڪري شهمير سومرو، سيڪريٽري نصير آباد ممتاز لوهار، سيڪريٽري رُڪ ساگر محمد حسين مهر، ڪائونسل مديجي مهدي شاهه، ڪائونسل رستم شري شاد سومرو، ڪائونسل مرزاپور شائق سومرو، سيڪريٽري ميرپور ٻرڙو گل عباسي، سيڪريٽري خيرپور اختر ٽانوري، ڪائونسل پير جو ڳوٺ ذوالفقار جوڳي، سيڪريٽري نور واهه ذوالفقار جوڳي، ڪائونسلر سکر ادل سومرو، ڪائونسلر پنو عاقل گل گهنڃو، ڪائونسلر جروار پريم پتافي،  سيڪريٽري جهرڪ شنڪر، سيڪريٽري پنگريو مهراج وجئه ڪمار، سيڪريٽري جهول غلام حيدر خاصخيلي، ڪائونسلر جهول نور چاڪراڻي، ڪائونسلر ڪنڊياري غلام رضا ڏاهري، ڪائونسلر جهڏو آرزو ڏيٿو، سيڪريٽري هالاڻي جبار ملاح، سيڪريٽري ڪنڊيارو فقير محراب علي ملاح، سيڪريٽري مورو سڪندر علي ڪورائي، ڪائونسلر مورو بهادر بهڻ، ڪائونسلر محرابپور جانب خاصخيلي، ڪائونسلر شاهپور جهانيان مٺل جسڪاڻي، سيڪريٽري مٺياڻي غلام حسين گل ڀٽي، سيڪريٽري جوهي خليل عارف سومرو، سيڪريٽري راڌڻ صادق سولنگي، سيڪريٽري دادو عبدالنبي آزاد جوڻيجو، سيڪريٽري پنجو ديرو انور آزاد لاڙڪ، ڪائونسلر پنجوديرو ابرار ساگر شاهه، سيڪريٽري رتوديرو مقصود گل، ڪائونسلر رتوديرو مختيار گهمرو، سيڪريٽري قمبر رياضت ٻرڙو، ڪائونسلر قمبر ڀائو دُر محمد ٻرڙو، سيڪريٽري وارهه سارنگ مرکنڊ، نئاندو چانڊڪا ڪاليج ساگر جيلاني، سيڪريٽري شڪارپور آفتاب سومرو، ڪائونسلر شڪارپور ممتاز منگي، ڪائونسلر رُڪ تبسم گل حسن مهر، سيڪريٽري مدئجي عاشق شيخ، سيڪريٽري عبدو غلام محمد غازي، سيڪريٽري رستم گوهر سنڌي، سيڪريٽري ڊکڻ خاموش ککراڻي، ڪائونسلر ڊکڻ عالم جکرو، سيڪريٽيي دودو ڳوٺ منصور مهر، سيڪريٽري جيڪب آباد الطاف پيچوهو، ڪائونسلر ميرپور ٻرڙو حماد ٻرڙو، سيڪريٽري ٺل نفيس سومرو، ڪائونسلر خيرپور مختيار ملڪ،  سيڪريٽري پير جو ڳوٺ عميق مهر، سڪريٽري پريالوءِ رفيق ڪنڌر، ڪائونسلر پريالوءِ سجاد ميراڻي، سيڪريٽري بوزدار وڏا شيراز جيلاني، سيڪريٽري سکر بشير منگي، سيڪريٽري روهڙي اختر درگاهي، سيڪريٽري پنو عاقل صفر ڪلهوڙو، سيڪريٽري گهوٽڪي عبدالحي ڀٽو ۽ ڪائونسل گهوٽڪي سڪندر مگسي شرڪت ڪئي. ضلعي رابطا سيڪريٽرين ۾ عابد مظهرڪراچي، صوبدار قاسمي اوٺو ٿرپارڪر، سارنگ شاهه حيدرآباد، اصغر سجاڳ سنڌي جيڪب آباد، ابراهيم کرل خيرپور، ڊاڪٽر قربان جهتيال دادو، اسد سولنگي نوشهروفيروز، ڪامل امداد جتوئي لاڙڪاڻو، امر لغاري سانگهڙ، مشتاق ڪلهوڙ گهوٽڪي  ۽ ناصر چاچڙ  سکر مان شريڪ ٿيا.

اجلاس دوران مبصرن ۾ ممتاز بخاري،  نعيم شيخ، بيخود بلوچ، مهر خادم، قدير انصاري، وفاق قمبراڻي، خالد فاروقي، مخدوم شمس، مشتاق بخاري، پنهل پياسي، عبدالفتاح فائق، نعمت سومرو، امر اقبال، آفتاب مهر، سائل ڀيو، مهر حفيظ راهي، زيد رشيد مهر، اعجاز قادر مهر، ملزم سومرو، چنو غلام مصطفيٰ، فياض احمد ميمڻ، آفتاب جويو، سلطان بخاري، حاڪم گل مهر، امتياز جتوئي، نياز لاشاري، امجد علي چنو، غلام حسين جويو، حاجي خورشيد ابڙو، نصير احمد نصير، فدا حسين گيلاني، شفيق سومرو، عبدالفتاح مهر، عدنان سميع ميمڻ، نواز ڪنڀر، خواجه ذوالفقار ۽ غلام علي ڀٽو، عمر سومرو شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران سنڌ سنگت جي سيڪريٽري جنرل 8 نومبر 1996  تي مسلم ڪاليج حيدرآباد ۾ ٿيل سنگت جي سالياني سنڌ ڪائونسل جي اجلاس جي رپورٽ پيش ڪئي، لکت ۾ شاخن ۽ واسطيدار عهديدارن ڏانهن اڳواٽ موڪليل رپورٽ گڏيل طور منظور ڪئي ويئي. ان کانسواءِ سنگت جي سيڪريٽري جنرل 9 نومبر 1996 کان 6 ڊسمبر 1997ع تائين جي تفصيلي ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪئي، جنهن جون مکيه ڳالهيون هيٺين ريت آهن.

مرڪزي عهديدارن جون گذريل سال ۾ ڇهه گڏجاڻيون، 9 نومبر 1996 تي حيدرآباد، 12 ڊسمبر 1996ع تي سکر، 18 فيبروري 1997ع تي نواب شاهه، 18 جون 1997ع تي سکر، 9 آگسٽ 1997ع تي حيدرآباد ۽ 16 نومبر 1997ع تي سکر ۾ ٿي گذريون آهن.  مرڪزي ڪاروباري ڪميٽي جا  2 اجلاس 6 اپريل 1997 تي نواب شاهه ۽ 01 آگسٽ 1997ع تي ٺٽي ۾ ٿي گذريا آهن. ضلعي رابطا سيڪريٽرين جو هڪ اجلاس 28 فيبروري 1997ع تي سکر ۾ ڪوٺايو ويو آهي. مرڪزي قيادت جي ڪوششن سان شيخ سلطان ٽرسٽ ڪراچي پاران75 هزار رپيا مالي سهائتا طور حاصل ڪيا ويا آهن، جيڪي مرڪزي آفيس قائم ڪرڻ لاءِ رکيا ويا آهن. ان مالي سهائتا ۾ سهڪار ڪرڻ لاءِ سائين علي احمد بروهي، محترم انعام شيخ ۽ محترم عبدالغفار تبسم جا ٿورائتا آهيون. ناميار ي اديب محترم هدايت بلوچ پاران مرڪزي آفيس لاءِ فيڪس مشين جي سوکڙي ٿورن سان وصول ڪئي وئي آهي، ۽ ٻين سرندي وارن سان مالي سهائتا لاءِ ملاقاتون ڪيون ويون آهن، جنهن جا نتيجا هوريان هوريان ظاهر ٿي رهيا آهن. مرڪز پاران وڌايل ۽ سڌاريل آئين ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته تنظيمي حوالي سان سموري اسٽيشنري، فائيل، ليٽر پيڊ، لفافا، ميمبر شپ فارم ۽ پاڪيٽ سائيز ڪلينڊر ڇپايا ويا آهن، مرڪزي اجلاسن ۾ شريڪ عهديدارن کي فائيل، بال پين ۽ اڇا ڪاغذ مهيا ڪرڻ جي روايت رکي ويئي آهي. سنگت پبليڪيشن جي سلسلي ۾  محترم وسيم سومرو جي ڪوششن سان پهريون پرچو ڇپائي پڌرو ڪيو ويو آهي. مرڪز پاران ٻه ماهي نيوز ليٽر جا ٽي پرچا پڌرا ڪيا ويا آهن. سنڌ ڪائونسل ۽ ڪاروباري ڪميٽي جي اجلاسن ۾ ڪارروائي رپورٽ ڇپائي، شاخن  ۽ واسطيدار عهديدارن کي موڪلي وئي آهي. سنڌي ۾ ڇپايل ڪتابن تي  ايوارڊ ڏيڻ جو سلسلو ٻيهرشروع ڪيو ويو آهي. پنجاهه سال پورا ٿيڻ تي 28 ڊسمبر 1997ع تي مرڪز پاران “سنگت گولڊن جوبلي ڪانفرنس 1997ع” حيدرآباد ۾ ڪوٺائي پئي وڃي، جيڪو هڪ شاندار پروگرام هوندو. جڏهن ته شاخن پاران ان سلسلي ۾ سڄو سال پروگرام ٿيندا رهيا آهن. سيڪريٽري جنرل گذريل سال دوران سکر، گهوٽڪي، شڪارپور، جيڪب آباد، لاڙڪاڻي، دادو، نوشهروفيروز، نوابشاهه، خيرپور، حيدرآباد، ٺٽي، ٿرپارڪر ۽ ڪراچي ضلعن جو دورو ڪيو آهي ۽ انهن ضلعن ۾ شاخن پاران ٿيندڙ مختلف پروگرامن ۾ شرڪت ڪئي آهي. مٿين ضلعن جي رابطا سيڪريٽرين ۽ سيڪريٽرين سان روبرو ملي، کين سنگت جي ڪم ڪار بابت هدايتون ڏنيون آهن، جنهن جو تفصيل نيوز ليٽرن ۾ موجود آهي. مرڪزي جوائنٽ سيڪريٽري محترم وسيم سومري، مرڪزي خزانچي محترم غلام نبي ناشاد ۽ مرڪزي آڊيٽر محترم معشوق ڌاريجي پڻ مختلف ضلعن ۾ شاخن جا دورا ڪيا آهن. سندن سرگرمين جو تفصيل پڻ نيوز ليٽرن ۾ ڏنو ويو آهي. سيڪريٽري جنرل پاران گذريل سال دوران شاخن، ادبي ۽ سماجي ادارن، اخبارن ۽ اديبن ڏانهن 1292 خط موڪليا ويا آهن. سنڌ جي نالي وارن اديبن، اخبارن، رسالن ۽ مختلف علمي، ادبي، سماجي ۽ ثقافتي ادارن ڏانهن پڻ نيوز ليٽر پابندي سان موڪليا ويا آهن. سنڌ جي اديبن ڏانهن خير سگاليءَ جي جذبي طور مارچ 1997ع کان اڄ تائين سندن جنم ڏينهن تي، سنگت پاران لڳ ڀڳ ٽي سئو واڌاين جا ڪارڊ موڪليا ويا آهن ۽ اهو سلسلو جاري آهي، جنهن کي اديبن پاران گهڻو ساراهيو ويو آهي. سنگت آفيس فنڊ لاءِ مالي سهائتا طور محترم انعام شيخ (خيرپور) کان 2 هزار رپيا ۽ محترم ايم بي سومري (خيرپور) ۽ سندن ساٿين پاران پنج سئو رپيا ٿورن سان وصول ڪيا ويا آهن. محترم تاجل بيوس پاران سندن ڇپيل ۽ ڇپجندڙ ڪتابن جي آمدني جو اڌ، سنگت کي ڏيڻ واري سلسلي ۾، ڪتابن جو وڪرو جاري آهي ۽ چئن هزارن کن جا ڪتاب وڪرو ڪيا ويا آهن. ڪ – ڪ – اجلاس جي فيصلي موجب، ٽنڊو محمد خان، تنڊو قيصر، جيڪب آباد، پير جو ڳوٺ، عمرڪوٽ، بوزدار وڏا، مرزاپور، نصيرآباد، شهدادڪوٽ، مٺي، محرابپور، ڀان سيد آباد، خدا آباد شاخن کي پاڻ مرادو الحاق رد ٿيڻ جا نوٽيس موڪليا ويا آهن. ٽندو قيصر، ڀان سيد آباد ۽ خدا آباد شاخن ڪنهن به قسم جو رابطو نه ڪيو آهي. باقي شاخن خط/فون رستي رابطو ڪيو آهي. مٺياڻي، عبدو، جهوڪ، ٺٽو، لاکا ۽ ڪراچي شاخن کي مرڪز سان رابطي ۾ اچڻ لاءِ نوٽيس ڏنا ويا آهن، جن مان جهوڪ رابطو نه ڪيو آهي. ضلعي رابطا سيڪريٽرين مان شاهين سنڌي (شڪارپور) رابطو نه ڪيو آهي. جڏهن ته شبير سيال (نواب شاهه) ڪنهن به مرڪزي اجلاس ۾ نه آيو آهي. سارنگ شاهه _(حيدرآباد) نوٽيس تي جواب ۾ فون تي رابطو ڪيو آهي.

مرڪزي خزانچي محترم غلام نبي ناشاد 9 نومبر 1996ع کان 6 ڊسمبر 1997ع تائين جي مالياتي رپورٽ پيش ڪندي ٻڌايو ته، سال ۾ الحاق في، نامزدگي فارم في، رجسٽريسن في، خصوصي امداد مان ڪل آمدني 26240 رپيا ٿي آهي، جڏهن ته اسٽيشنري، فوٽو اسٽيٽ، ڪمپوزنگ، ٽپال خرچ، اخبار، اجلاسن جي خرچ سميت ڪُل 20920 رپيا خرچ ٿيو آهي. سنگت جي گڏيل بينڪ اڪائونٽ ۾ 50/75529 رپيا بچت طور موجود آهن. 1996ع جي الحاق في، تلهار، کپرو ۽ ور ادا نه ڪئي آهي. جڏهن ته ٺُل، ميرپور ٻرڙو، چيلهار، نئون ڪوٽ، قمبر، سڪرنڊ، قائد عوام يونيورسٽي، جهڏو، لاڙڪاڻو، پيروسڻ، چڪ، رُڪ، ڇتو مادراڻي، خواتين ڪراچي، ميرپور بٺورو، مدئجي، پنجو ديرو، گهوٽڪي، وارهه، محرابپور، سکر، ٺري ميرواهه، ٽنڊو محمد خان، جيڪب آباد، پير جو ڳوٺ ۽ عبدو شاخ سال 1997ع جون فيون ادا نه ڪيون آهن. 1997ع جون نامزدگي فيون صرف 57 شاخن ڏنيون آهن. شاخن ڏانهن هڪ حساب ڪتاب بابت پروفارما موڪليو ويو آهي، جيڪو کين هڪدم ڀري موڪلڻ گهرجي ۽  مرڪزي بقايائون پڻ بنا دير ادا ڪرڻ گهرجن. ماليات جو هي تفصيل 1997ع تائين آهي، اڄوڪي اجلاس ۾ مليل بقايائون هن تفصيل ۾ شامل ناهن.

اجلاس هلندي سيڪريٽري جنرل جي درخواست تي سنگت گولڊن جوبلي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ ايندڙ خرچن کي پورو ڪرڻ لاءِ عارضي طور تي سيڪريٽري جنرل کي بئنڪ مان پئسا ڪڍائي خرچ ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي. اجلاس ۾ گولڊن جوبلي ڪانفرنس جي سلسلي ۾ ايندڙ خرچ کي پورو ڪرڻ لاءِ شاخن کي رضاڪاراڻي طور مالي سهائتا ڏيڻ لاءِ چيو ويو، جنهن جي نتيجي ۾ جيڪب آباد (ٻه هزار)، خيرپور (هڪ هزار) شڪارپور (هڪ هزار)، محرابپور (پنج سئو) چانڊڪا ڪاليج (ٻه سئو) پير جو ڳوٺ (پنج سئو) ٺل (ٻه سئو) شهدادڪوٽ (پنج سئو) پريالوءِ (ٻه سئو) لطيف يونيورسٽي (ٻه سئو) ڊکڻ (ٻه سئو) دادو (ٻه سئو) مٺياڻي (ٽي سئو) سکر (ٻه سئو) جهرڪ (ٻه سئو) جهڏو (پنج سئو) دودو ڳوٺ (ٻه سئو) ميرپور ٻرڙو (پنج سئو) نئون ڪوٽ (پنج سئو) بوزدار وڏا (ٻه سئو) ٺري ميرواهه (پنج سئو) ڪراچي شاخون (هڪ هزار) سارنگ شاهه (هڪ هزار) جلباڻي (ٻه سئو) عبدو (ٻه سئو) گهوٽڪي (ست سئو) مدئجي (هڪ سئو پنجويهه) رستم (هڪ سئو پنجاهه) رپيا ۽  محترم ادل سومرو (ٻه هزار) ۽ جهرڪ شاخ (ٻه سئو) سنگت آفيس فنڊ ۾ ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي.  سيڪريٽري جنرل پيش ڪيل ڪارڪردگي رپورٽ ۽ مرڪزي خزانچي جي مالياتي رپورٽ تي اجلاس ۾ شريڪ دوستن اطمينان جو اظهار ڪندي گڏيل راءِ سان ان جي منظوري ڏني.

مرڪزي عهديدارن جي گڏجاڻي ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري

سيڪريٽري جنرل مرڪزي عهديدارن جي مختلف گڏجاڻين ۾ ڪيل فيصلا پڙهي ٻڌايا، جن کي اجلاس ۾ شريڪ دوستن يڪراءِ منظور ڪيو. فيصلون جو وچور هيٺين ريت آهي.

پنجاهه سال پورا ٿيڻ تي مرڪز پاران “سنگت گولڊن جوبلي ڪانفرنس 1997” حيدرآباد ۾ ملهائي ويندي. ان موقعي تي سنگت جي سمورن سيڪريٽري جنرلن کي ايوارڊ ۽ ٻين مرڪزي عهديدارن کي مڃتا سرٽيفڪيٽ ڏنا ويندا. ڪانفرنس جي موقعي تي ناميارن سنڌي اديبن ۽ سنڌي ادب سان لاڳاپيل ٻين ٻولين جي اديبن کي “سنگت جي تاريخ ۽ ڪردار” ۽ “سنڌي ادب جا پنجاهه سال”  جي عنوان سان مقالا لکڻ جي دعوت ڏني ويندي. ڪانفرنس ۾  شريڪ ٿيندڙ سمورن ڊيليگيٽس کي ڪانرنس جي موقعي تي خصوصي طور تي شايع ٿيندڙ سووينيئر، فائيل، ليٽر پيڊ، بال پين، لفافا، ۽ ڄاٻي – ڇلو پڻ سوکڙي طور ڏنو ويندو. ڪانفرنس جي خرچ جي پورائي لاءِ شاخن ۽ ٻين گهڻ گهُرن کان مالا سهائتا حاصل ڪئي ويندي. هلندڙ سال دوران ڪنهن به نئين شاخ کي ڪچو توڙي پڪو الحاق نه ڏنو ويندو ۽ غيرسرگرم شاخن جي الحاق رد ڪرڻ جي سفارش ڪئي ويندي.

آئيني مونجهارن/مسئلن لاءِ تجويزون ۽ انهن جي منظوري

اجلاس ۾ آئين ۾ موجود مونجهارن بابت آيل سفارشن ۽ عملي طور پيش ايندڙ مشڪلن جي روشني ۾ بحث کانپوءِ هيٺيان فيصلا ڪيا ويا، جيڪي اڄ کانپوءِ آئين جو حصو هوندا.

جيڪڏهن ڪو ميمبر ڇهن مهينن تائين في نه ڏيڻ سان گڏ ڇهن مهينن تائين بنان ڪنهن اطلاع جي  گڏجاڻين ۾ شريڪ نه ٿيندو، يا ٻنهي مان ڪا به  هڪ ڪوتاهي ڪندو ته سندس ميمبرشپ خارج ڪئي ويندي. بنان نوٽيس جي سندس ميمبرشپ خارج ڪرڻ جو اختيار شاخ جي ڪاروباري ڪميٽي کي هوندو. سنگت جو ميمبر يا عهديدار ڪنهن ٻي تنظيم جي ميمبر توڙي عهديدار سگهندو، پر ڪنهن سياسي تنظيم جو عهديدار نه ٿي سگهندو. شاخن جون ساليانيون چونڊون هر صورت ۾ ڊسمبر ۽ جنوري مهينن ۾  ڪرايون وينديون. شاخن جي سالياني چونڊ ڪرائڻ جو اختيار ان ضلعي جي رابطا  سيڪريٽري کي هوندو، سندس يا مرڪز جي اجازت کانسواءِ ڪرايل چونڊن کي تسليم نه ڪيو ويندو. رابطا سيڪريٽري نه هجڻ جي صورت ۾ مرڪز يا  سندس پاران مقرر ڪيل نمائندو ئي چونڊون ڪرائڻ لاءِ بااختيار هوندو. مرڪز توڙي شاخن ۾ نئين چونڊيل باڊيءَ کي اڳوڻي باڊي سمورو  ريڪارڊ هڪ مهيني اندر منتقل ڪرڻ لاءِ پابند هوندي.

غير سرگرم شاخن جو الحاق رد/معطل ڪرڻ بابت فيصلا

سيڪريٽري جنرل مرڪز وٽ موجود ريڪارڊ ۽ ضلعي رابطا سيڪريٽرين جي موڪليل رپورٽ جي روشني ۾ غير سرگرم شاخن جي الحاق رد/معطل ڪرڻ بابت سفارشون اجلاس آڏو پيش ڪيون، جنهن تي گڏيل راءِ سان مسلسل غيرسرگرم رهندڙ/مرڪز سان رابطي ۾ نه ايندڙ شاخن، ٽنڊو قيصر، چوهڙ جمالي، جهوڪ، ٻنون، ٽنڊو غلام علي، ڀليڏنو ڪاڪا ۽ سنڌ يونيورسٽي هاسٽلز جو الحاق رد ڪي وويو. جڏهن ته ڪراچي جي ضلعي رابطا سيڪريٽري محترم عابد مظهر جي درخواست تي الحاق رد ڪرڻ بجاءِ ڪراچي شاخ جي تحريري طور تي ٻن مهينن اندر مرڪز سان رابطي ۾ اچڻ جو نوٽيس ڏنو ويو، رابطي ۾ نه اچڻ جي صورت ۾ سندن الحاق رد ٿي ويندو. سنگت جي ٽن شاخن ڪنڊياري (سانگهڙ) ڳڙهي ياسين (شڪارپور) کي پڪو الحاق ڏنو ويو. ضلعي عمرڪوٽ جي شاخن ڍورو نارو ۽ عمرڪوٽ کي ٻن مهينن اندر رابطي ۾ نه اچڻ جي صورت ۾ پاڻمرادو الحاق رد ٿيڻ جو نوٽيس ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو. لڳاتار مرڪز سان رابطي ۾ نه اچڻ ۽ غيرسرگرم رهڻ تي ضلعي شڪارپور جي رابطا سيڪريٽري شاهين سنڌي ۽ ڪنهن به مرڪزي اجلاس ۾ شريڪ نه ٿيڻ سبب ضلعي نواب شاهه جي رابطا سيڪريٽري شبير سيال کي سندن عهدي تان هٽائي، سندن جاءِ تي ترتيبوار غلام محمد غازي ۽ بخش باغيءَ کي عارصي ضلعي رابطا سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو. ضلعي رابطا سيڪريٽري حيدرآباد، محترم سارنگ شاهه اجلاس آڏو گهربل وضاحت پيش ڪئي، جنهن تي اطمينان جو اظهار ڪيو ويو.

عام ۽ تعزيتي ٺهرائن جي منظوري

اجلاس پاران مقرر ڪيل ٽه رڪني ڪميٽي، جيڪا محترم ادل سومرو، محترم مقصود گل ۽ محترم اختر ٽانوريءَ تي مشتمل هئي، دوستن کان پهتل گڏيل ۽ تعزيتي ٺهرائن کي ترتيب ڏئي پيش ڪيو، جنهن کي اجلاس ۾ شريڪ دوستن يڪراءَ سان منظور ڪيو.

تعزيتي ٺهراءَ

سنڌ ڪائونسل جي اجلاس ويجهڙائي ۾ وڇڙي ويل ناليوارن ليکڪن، فنڪارن ۽ سندن عزيزن اديب ۽ صحافي عبدالرحمان نقاش، شاعر ۽ موسيقيءَ جي ڄاڻو سيد منظور نقوي، عالمي شهرت يافتا سماج سُڌارڪ مدر ٽريسا، ليڊي ڊائينا، ناليواري موسيقار نصرت فتح علي خان، شاعر مرتضيٰ اعظم عباسي، نامياري راڳي عبدالحميد عباسي، تنوير عباسيءَ جي ڀاءُ، ڪوثر ٻرڙي جي پٽ، غلام حسين رنگريز جي پٽ، عنايت بلوچ جي نياڻي ۽ سنگت جي ساٿين حافظ واحد بخش دائودپوٽي جي ڀاءُ، صدر جمال دايو جي چاچي، مهر حفيظ راهيءَ جي چاچي، ابراهيم کرل جي ناني، عبداللطيف عباسي جي والده، نياز لاشاري جي چاچي، اقبال ساجد جي والد، انعام آزاد لاڙڪ جي چاچي، ابرار ساگر شاهه جي ناني ،ڪاظم بڙدي جي چاچي، غفور گل جي پٽ، گوهر سنڌي جي ڀاڻيجي، غني غمدل جي ڏاڏي، فدا سمي جي چاچي، شيراز جيلاني جي مامي، غلام حسين جي پُٽ، امتياز ڪلهوڙي جي پُڦيءَ ۽ عبدالجبار مريءَ جي دکدائڪ وڇوڙي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي سندن پونيئرن سان تعزيت ڪئي.

گڏيل ٺهراءَ

سنڌي ادبي سنگت جو هي اجلاس، سنڌ جي صوبائي ۽ ملڪ جي وفاقي اسيمبلي ۽ سينيٽ ۾، سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻوليءَ جو درجو ڏيڻ جي گهُر ڪري ٿو، هو ملڪ جي ٻين ٻولين کي پڻ اهو درجو ڏيڻ جي حمايت ڪري ٿو. جيڪڏهن سنڌي ٻوليءَ کي اها تاريخي اهميت نه ڏني ويئي ته ٻوليءَ واري جدوجهد جي سلسلي ۾ قانوني جنگ وڙهڻ خاطر ڪورٽن ۾ ڪيس داخل ڪيا ويندا. سنڌ ۾ ڌارين جي داخلا کي روڪڻ جو بندوبست ڪيو وڃي. سنڌ جي زرعي معيشت ۾ سڌارن ۽ واڌارن لاءِ خاص پيڪيج جو اعلان ڪندي ۽ آبادگارن جي سمورن سُورن جو پُورائو ڪندي، ڪڻڪ، ڪپهه ۽ ڪمند جا اگهه آبادگارن جي مطالبي پٽاندڙ مقرر ڪيا وڃن. سنڌي ادبي سنگت جون شاخون، اخبارون ۽ ٻيا ادارا لکپڙهه ۾ “ساس” لکڻ بدران سنگت لاءِ “س- ا-س ” لکن. ڪاروڪاري رسم کي قتل جو ڏوهه سمجهي سزا ڏني وڃي. نوجوان شاعر خليل عارف سومري جو سرڪاري خرچ تي علاج ڪرايو وڃي. دنيا جي ڊگهي انسان عالم چنا جو ترت پرڏيهه ۾ علاج ڪرايو وڃي.

صدارتي تقرير

سنڌ ڪائونسل اجلاس جي صدر محترم مختيار ملڪ پنهنجي صدارتي تقرير ۾ چيو: “اڄڪلهه ادبي دنيا ۾ ڪجهه اهڙيون ڳالهيون اچي ويون آهن، جيڪي سهڻ جهڙيون ناهن، اسان جي مانائتن اديبن کي غيرضروري تنقيد جو نشانو بڻائي لوئيو وڃي ٿو. اهڙن روين تي اسان کي اديب هجڻ تي بلڪل به فخر محسوس نه ٿيندو. اسان اڻڄاڻائيءَ ۾ تڪڙ ڪري جيڪا راءِ ڏيون ٿا، سا تمام غلط آهي ۽ اها غلطفهمين کي جنم ڏئي ٿي، اسان کي هاڪاري رويا اختيار ڪري، سينيئر اديبن جو احترام ڪرڻ گهرجي، آءُ سنگت جي لڳاتار جاکوڙي ڪردار کي ساراهڻ کانسواءِ رهي نٿو سگهان.”

 اياز گل (سيڪريٽري سنڌي ادبي سنگت سنڌ)

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي گڏجاڻيءَ ۾ پڪي الحاق لاءِ درخواست ڏيڻ جي منظوري، (19/10/1998 12/08/1998)

سنڌي ادبي سنگت شاخ رڪن ٻرڙو جي ڪاروباري ڪميٽي جي گڏجاڻي 27 سيپٽمبر 98ع تي ٿي گذري، جنهن ۾  شاخ جي ٻين ڪاروباري معاملن وغيره جي حساب ڪتاب کان علاوه مرڪز کي شاخ جي پڪي الحاق لاءِ درخواست ڏيڻ جي پڻ يڪراءِ منظوري ڏني وئي. ڪ-ڪ جي فيصلي موجب ڪنهن به مناسب وقت تي مرڪزي سيڪريٽري جنرل کي پڪي الحاق جي منظوري لاءِ درخواست ڏئي سگهجي ٿي. درخواست ڏيڻ جو اختيار شاخ کي سيڪريٽري کي ڏنو ويو. اجلاس ۾  جمشيد لغاري، مسڻ لغاري، سوڀو ٻرڙائي، جاني ابڙو ۽ حسين بخش حرفي شريڪ ٿيا.

ليڪچر پروگرام

سنڌي ادبي سنگت خدا آباد شاخ طرفان اڄ تاريخ 11/12/1998 بروز جمع بوقت 2.00 بجه بمقام سگا آفيس خدا آباد ۾ شاهه سائين جي سُر سامونڊي تي ليڪچر پروگرام منعقد ڪيو ويو. سائين الهنواز رڪڻائي صاحب ليڪچرڪار طور شريڪ ٿيا. پروگرام جي صدارت محترم محمد ابراهيم پنهور صاحب جن ڪئي. سائين نظير احمد ڀنڊ اعزازي مهمان طور شريڪ ٿيا، ان کانسواءِ پروگرام ۾ الهنواز “نواز” رڪڻائي دادو، ابراهيم پنهور، اعجاز علي ڀٽي، نياز حسين سيال، غلام مصطفيٰ چانڊيو، ممتاز علي ميراڻي، پيربخش جلباڻي، مظهرڪلهوڙو، محمد يوسف ميمڻ، فضل ربي 5.5 بيورو آف ڪريڪيو) ڄامشورو 98-12-11 محمد ظفر اقبال، حاجي محمد صديق پنهور، محمد ابراهيم ڀنڊ، الهه بچايو پنهور، عبدالغفار ميمڻ، مختيار احمد پنهور ۽ محمد علي جتوئي شريڪ ٿيا. پروگرام جي شروعات تلاوت ڪلام سان ٿي ۽ محترم الهه بچايو پنهور تلاوت ڪلام پاڪ ڪئي. محترم محمد ابراهيم ڀنڊ شاهه سائين جا بيت پڙهيا ۽ معزز مهمانن کي بيج لڳايا ويا. س-ا-س جي سيڪريٽري اعجاز علي ڀٽي آجياڻي تقرير ڪئي ۽ معزز مهمان ۽ ليڪچرڪار محترم الهنواز رڪڻائي صاحب جو تعارف پيش ڪيو. ليڪچرڪار محترم الهنواز رڪڻائي صاحب چيو ته هن وقت اسانجي نسل مان شاهه سائين جي شاعري جي دلچسپي گهٽجي رهي آهي. اسان جا نوجوان شاهه سائين جي بيتن جي معنيٰ ۽ تشريح ته ڪونه ٿا سمجهن، بلڪه کين شعر به صحيح نموني پڙهڻ ڪونه ٿو اچي. ان لاءِ اسان سوچيو آهي ته شاهه سائين جو پيغام عام ڪرڻ لاءِ شاهه سائين جي مختلف شعرن تي ليڪچر پروگرام منعقد ڪيون. شاهه سائين جي شعرن کي اعراب شاهه سائين پاڻ نه پر مشهري ماڻهن ڏنيون آهن. شاهه سائين جي ٻولي ٻهراڙي جي ماڻهن وٽ آهي، لطيف سنڌ جي ۽ سنڌ لطيف جي سڃاڻپ آهي. اسان شاهه سائين کي سيد جي حيثيت سان نه پر شاعر جي حيثيت سان پوڄيو آهي. شاهه سائين جي 37 سُرن مان ڪن رسالن ۾  30 ته ڪن رسالن ۾ 25 سُر بچايا ويا آهن. اها سرناانصافي آهي، سُر سامونڊي شاهه سائين جي سُرن مان هڪ آهي. موسيقي ۾ سري راڳ سان هن سُر جو واسطو آهي، سُر سامونڊي ۾ انهن وڻجارن جو ذڪر آهي جيڪي واپار سانگي پنهنجي ديس کان سالن جا سال ٻاهر رهندا هئا.  “سامونڊي” سري لنڪا ۾ موجود بندر جو نالو  آهي، جنهن جو ذڪر به ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي مقالي ۾ ڪيو آهي پر ڊاڪٽر هن وقت ان ڳالهه تان ڦري ويو آهي. ان جا تاريخي شان جاگرافيائي لحاظ کان موجود آهن. شاهه سائين پنهنجي شاعري ۾ غوراب، دنگي، ڪوئنتل، بتيلي قسم جي ٻيڙين جي وضاحت ڪئي آهي. وڻجارن جو وينون سالن جا سال پنهنجي قرن جو انتظار ڪنديون هيون ۽ انهن لاءِ واجهائينديون هيون. جيئن شاهه سائين فرمايو آهي ته:

وڻجاري جي ماءُ، وڻجارو نه پليهءَ

اچي ٻارهين ماهه، وايون وڃڻ جون ڪري

شاهه سائين سُر ۾ وڻجارن جي اچڻ ۽ وڃڻ جو مندون به بيان ڪيون آهن. شاهه صاحب پنهنجي سڄي شاعري مشاهدي ذريعي ڪئي آهي. هن سُر مان خبر پوي ٿي ته دريائي ٻيڙي 3000 مڻ وزن کڻندي ۽ سامونڊي ٻيڙي ته ان کان به وڌيڪ وزن کڻندي هوندي ۽ گهٽ ۾ گهٽ 60 ماڻهو خلاصي طور جهاز تي ڪم ڪندا هئا.

سائين نذير احمد ڀنڊ سوال ڪيو ته شاهه سائين 3 سال سفر ڪيو، هن ٿوري عرصي ۾ وڌيڪ علم حاصل ڪرڻ جو ڪهڙو سبب هو؟ جواب ڏنو ويو ته شاهه سائين 12 سالن جي عمر کان شاعري ڪئي اهي. اهڙي ريت شاهه سائين 51 سال شاعري سان گڏ مشاهدو پڻ ڪيو آهي.

نياز حسين سيال سوال ڪيو ته شاهه سائين مجازي عشق ڪيو آهي؟ جواب ۾ چيو ويو ته شاهه سائين مجازي عشق به ڪيو آهي.

سائين محمد ابراهيم پنهور صاحب صدارتي خطاب ۾ چيو ته سائين رڪڻائي صاحب شاهه سائين جي سُر تي ليڪچر ڏيئي وقت جي ضرورت کي پورو ڪيو آهي. شاهه سائين صرف شاعر نه پر انقلابي اڳواڻ به هو. هن  سُر ذريعي شاهه سائين سنڌ جي جاگرافي، سماجياتي، اقتصادياتي، نيوي، تاريخ جي بيس لائين ڊيٽا ڏني آهي.  شاهه سائين هن سُر ذريعي ازدواجي حيثيت ۾ مضبوط رشتن جي ڳالهه ڪئي آهي. جيڪي ڳالهيون شاهه سائين پنهنجي هن سُر ذريعي ڏيئي ويو آهي. اڄ انهن ڳالهين تي نيوي فوج عمل ڪري پئي. شاهه سائين هن سُر ذريعي سروي ڪئي آهي. ان سروي ذريعي اسان کي ڌرتي جي مالڪي ڪرڻ کپي. پروگرام 6:00 بجه شام جو خير خوبي سان ختم ٿيو.

اسم نمبر 2: س ا س خدا آباد شاخ پاران مرڪزي چونڊن جو اعلان

س.ا.س خدا آباد شاخ جي سيڪريٽري ٻڌايو ته سنڌي ادبي سنگت مرڪز جون چونڊون 13/12/1998 تي حيدرآباد ۾ منعقد ٿينديون. جنهن لاءِ ڪافي دوستن فارم ڀريا آهن، اسان کي هتي گڏيل صلاح سان فيصلو ڪرڻ کپي ته مرڪز جي چونڊ لاءِ ووٽ ڪهڙي ڌر کي ڏيڻ کپي ۽ اهڙا دوست مرڪز سطح تي چونڊڻ کپن، جيڪي سنڌي ادبي سنگت کي ترقي وٺرائي سگهندا. متفقه طور تي فيصلو ڪيو ويو ته ضلع دادو رابطه سيڪريٽري ڊاڪٽر قربان جهتيال جي صلاح سان مرڪز کي ووٽ ڪيو ويندو. سيڪريٽري س.ا.س خدا آباد شاخ ٻڌايو ته سال 1998ع جي آخر ۾ برانچ جون چونڊون منعقد ڪرائڻيون آهن. ان لاءِ هڪ چونڊ ڪاميٽي مقرر ڪرڻ کپي،  جيڪا ڊسمبر جي آخر ۾ چونڊ ڪرائي ۽ هن سال نون دوستن کي موقعو ڏيڻ کپي، جيڪي پنهنجي قلم ۽ سوچ ذريعي برانچ جي سرگرمين ۾ تيزي آڻين ۽ ادب جي واڌ ويجهه لاءِ ڪوششون وٺن. متفقه طور فيصلو ڪيو ويو ته برانچ جي سال 1999ع جي چونڊ لاءِ برانچ جي ڪاروباري ڪاميٽي تاريخ 22/12/1998 تي گڏجاڻي ڪري س.ا. س خدا آباد شاخ لاءِ سليڪشن ذريعي عهديدار چونڊيندي. صدر صاحب جي اجازت سان سيڪريٽري س.ا.س سنگت خدا آباد شاخ دوستن کي گذارش ڪئي ته جيڪي دوست وفد جي صورت ۾  13/12/1998 تي حيدرآباد ۾ منعقد ٿيندا، مرڪزي چونڊن ۾ شرڪت ڪرڻ چاهين ته اهي نالا لکرائين. متفقه طور تي فيصلو ٿيو ته برانچ جو سيڪريٽري۽ ميمبر سنڌ ڪائونسل حيدرآباد ۾ منعقد ٿيندڙ اجلاس ۽ چونڊ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ ويندا.

سنڌي ادبي سنگت خدا آباد شاهه جي ڪاروباري ڪميٽي جي گڏجاڻي، نوان ميمبرز چونڊيا ويا

سنڌي ادبي سنگت خدا آباد شاخ جي ڪاروباري ڪاميٽي جي گڏجاڻي تاريخ 1998/12/22 بروز اڱارو بوقت 4.00 شام بمقام سگا آفيس خدا آباد ۾ ٿي گذري. گڏجاڻي جي صدارت محترم نظير احمد ڀنڊ جن ڪئي. محترم نظير احمد ڀنڊ،  محترم اعجاز علي ڀٽي،  محترم محمد ابراهيم ڀنڊ،  محترم ملوڪ پنهور،  محترم بشير احمد قريشي ۽  محترم پيربخش جلباڻي گڏجاڻي ۾ شريڪ ٿيا. گڏجاڻي جي ايجنڊا ۾ گذريل ڪارورائي بحال ڪرڻ، ۽ سال 1999ع جي برانچ جي چونڊن تي ويچارڻ شامل هئا. گڏجاڻي ۾ تلاوت ڪلام پاڪ محترم محمد ابراهيم ڀنڊ جن ڪئي. س.ا.س خدا آباد شاخ جي سيڪريٽري شاهه سائين جا بيت پڙهيا. سيڪريٽري س.ا.س سنگت خدا آباد شاخ ساٿين کي ٻڌايو ته هن وقت تائين شاخ جا ڪُل 17 ميمبر آهن، جيڪي سال 1998ع لاءِ سنگت جون رهتون ادا ڪري بيباق ٿي چڪا آهن. ۽ اوهان سڀ ڄاڻو ٿا ته هر سال ڊسمبر جي مهيني قانون موجب برانچ جو ڪاروباري سال پورو ٿيندو آهي، اهڙي طرح سنگت جي مرڪزي سطح جي باڊي جو مدو ٻن سالن بعد مدو پورو ٿيندو آهي، هن سال مرڪز جي ڪاروباري ڪاميٽي جي 98-12-13 تي قاسم آباد حيدرآباد ۾ مرڪزي چونڊون ٿيون ته اسان جو ڪائونسلر، جيڪو هن واري پروگرام تحت حيدرآباد نه پهتو، مون پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو ۽ اليڪشن ڪميشن تحت ٻن سالن لاءِ سنڌي ادبي سنگت جا مرڪزي عهديدار چونڊيا ويا آهن. محترم مختيار ملڪ سيڪريٽري جنرل، ضراب حيدر جوائنٽ سيڪريٽري، اختر درگاهي ۽ اصغر سجاڳ چونڊيا ويا. چونڊ بهتر نموني ٿي، جنهن ڪاميٽي پاڻ ملهايو جنهن لاءِ کين جس هجي. سيڪريٽري ادبي سنگت خدا آباد شاخ سڀني چونڊيل مرڪزي عهديدارن جي علمي ۽ ادبي صلاحيتن بابت آگاهي ڏني ۽ اميد ظاهر ڪئي ته نئين چونڊيل باڊي س.ا.س کي وڌيڪ سگهارو بنائندي. سنڌي ٻولي ۽ سنڌي ادب کي وڌيڪ شاهوڪار ڪندي ۽ پاڪستان ۾ سنڌي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ لاءِ جاکوڙيندي. س.ا.س  جي سيڪريٽري ٻڌايو ته پهرئين ڪاروباري ڪاميٽي جي گڏجاڻي جيڪا حيدرآباد ۾ ٿي نون چونڊ جي آيل ساٿين اهم فيصلا ڪيا آهن. اهي فيصلا تاريخي ثابت ٿيا. هن محترم مختيار ملڪ جي چونڊجڻ کي حوصله افزا قرار ڏنو. ضلعي رابظه سيڪريٽري طور ڊاڪٽر قربان علي جهتيال اڳ ۾ سال 1999ع ۽  2000ع لاءِ دادو ضلع جو رابطه سيڪريٽري چونڊ جي آيو آهي، جناب جهتيال صاحب جو بنا مقابلي چوندجڻ سندس سٺي ڪم جي مڃتا آهي. هن اميد ظاهر ڪئي تهه اسان کي ڊاڪٽر جهتيال جو مستقبل ۾ ڀرپور ساٿ رهندو. سيڪريٽري خدا آباد شاخ ۾ وڌيڪ ٻڌايو ته س.ا.س خدا آباد شاخ جو سمورو رڪارڊ مڪمل آهي. جنهن وڌيڪ چيو ته مان ڪ.ڪ جي سڀني ميمبرن جو ٿورائتو آهيان، جن سال 1998ع لاءِ موسان ڀرپور تعاون ڪيو ۽ منهنجي حوصله افزائي ڪندي ادبي سرگرمين کي سگهارو بنايو. هن ٻڌايو ته سال 1998ع دوران مون ڪل پروگرام ترتيب ڏنا. جنهن ۾ خدا آباد تي تاريخي ڪتاب شايع ڪرڻ وارو ڪم پڻ هٿ ۾ کنيو ويو، هن ڪم کي انشاالله جلد مڪمل ڪري ڪتاب شايع ڪرڻ جو بندو بست ڪيو ويندو. هن موقعي مالي سيڪريٽري پنهنجي سالياني آمدني ۽ خرچ جا وچور پيش ڪيا جنهن تي اطمينان ڪيو ويو. آمدني 3920 ۽ خرچ 3920 رپيا هو.  الي سيڪريٽري جا پيش ڪيل وچور منظور ڪيا ويا، ان کان پوءِ ادبي سنگت جي ڪاروباري ڪاميٽي جي ميمبرن محترم محمد ابراهيم ڀنڊ، محترم محمد ملوڪ پنهور، محترم بشير احمد قريشي، خيالن جو اظهار ڪيو ۽ محترم اعجاز علي ڀٽي جي ڪيل ڪم جي تعريف ڪئي ۽ سال 1998ع جي ڪارڪردگي تي اطمينان جو اظهار ڪيو، ان موقعي تي هن اسم تي ڳالهائيندي محترم نظير احمد ڀنڊ چيو ته محترم اعجاز علي ڀٽي هن سال موسان شاخ کي متحرڪ ڪرڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي. مرڪز سان رابطه بهتر ڪيا آهن ۽ ڪائونسل جي اجلاسن ۾ شريڪ ٿي، س.ا.س جي ڪم جي آئيني گهرجن کي سٺو نڀايو آهي. هن وڌيڪ چيو ته ميمبرن کي بي باق ڪرڻ ۽ رڪارڊ جوڙڻ جي ڀرپور ڪوشش ڪئي آهي، هن سڀني ساٿين سان بهتر رابطه پيدا ڪيا آهن. انڪري هن اعجاز علي ڀٽي جي ڪم جي ڀرپور تعريف ڪندي آئينده تعاون جو هٿين ڏياريون. هن وڌيڪ چيو ته سال 1999ع جي لاءِ شاخ جون چونڊون ٿيون آهن. انهي ڪري جيڪڏهن سڀ ساٿي متفق ٿين ته هن مهيني جي تاريخ س.ا.س خدا آباد شاخ جون چونڊون ڪرايون وڃن ۽ جيڪڏهن هي هائوس جيڪو فيصلو ڪري ته ان لاءِ فيصلو ڏئي. هن رٿ ڏني ته متفقه طور س.ا.س خدا آباد عهديدار چونڊيا وڃن ته شاخ جو ڪم ڀرپور نموني سرانجام ڏئي سگهجي.ان کانپوءِ هيٺ ڏنل يڪراءِ فيصله ڪيا ويا. يڪراءِ فيصلو ڪري سال 1999ع لاءِ س.ا.س خدا آباد جي لاءِ عهديدار چونڊيا ويا. جيڪي هيٺ ڄاڻايل آهن. اعجاز علي ڀٽي سيڪريٽري، محترم مختيار احمد پنهور  جوائنٽ سيڪريٽري، محترم محمد ابراهيم پنهور  خزانچي، محترم الهه بچايو پنهور  آڊيٽر ۽ شبير احمد قريشي ميمبر سنڌ ڪائونسل چونڊيا ويا. ڪاروباري ڪميٽي ۾  محترم نظير احمد ڀنڊ، محترم محمد ملوڪ پنهور، محترم غلام نبي قريشي، محترم الطاف حسين ڀند ميمبر منتخب ڪيا ويا. ان کانسواءِ  سال 1998ع جي سٽي بيان ڪيل آمدني خرچ کي ليڪراءِ بحال ڪيو ويو. فيصلو ڪيو ويو ته 98-12-30 تي ضلع رابطه سيڪريٽري کي خدا آباد دعوت ڏني ويندي ۽ نئين باڊي کان حلف ورتوويندو. سيڪريٽري س.ا.س خدا آباد شاخ کي اختيار ڏنو وتو ته نئين چونڊيل مرڪزي باڊي ۽ ضلع رابطه سيڪريٽري کي مبارڪ باد ڏيئي شاخ طرفان تعاون جو يقين ڏيارڻ لاءِ خط لکي. خدا آباد تي تجويز ڪيل ڪتاب جي ڪم جو جائزو وٺي سيڪريٽري ايندڙ گڏجاڻي ۾ رپورٽ پيش ڪري. صدر صاحب جي اجازت سان ماهه رمضان کانپوءِ خدا آباد ۾ ڪوبه ادبي ميڙاڪو منعقد ڪرڻ لاءِ محترم محمد ملوڪ پنهور رٿ ڏني. ٻين ساٿين ان جي تائيد ڪئي ۽ ايندڙ خرچ جو گڏجي پورائو ڪرڻ جي رٿ ڏني. جيئن ته جناب الهه نواز رڪڻائي صاحب خدا آباد ۾ س.ا.س جي گذارش تي ليڪچر ڏيڻ جو سلسلو شروع ڪيو آهي ۽ مستقبل ۾ پڻ هن سلسلي کي جاري رکڻ جي پڪ ڏياري آهي آهي، سائين رُڪڻائي صاحب جي محنت طلب ڪم جي تعريف ڪئي ويئي ۽ شڪريو بجا آڻڻ لاءِ خط لکڻ بابت سيڪريٽري کي اختيار ڏنو ويو ۽ وڌيڪ فيصلو ٿيو ته س.ا.س خدا آباد جا عهديدار گڏجي خدا آباد ۾ ميڙاڪا منعقد ڪرڻ جو فيصلو ڪن ته کين اختيار هوندو، پر اهڙو اطلاع اڳواٽ دوستن کي ملڻ گهرجي. خرچ جو پورائو سڀ دوست گڏجي ڪندا. ان بعد گڏجاڻي 00-6 بجه خير خوبي سان پوري ٿي.

Good Wishes