“ڪانگريس پارٽيءَ جا ڊاڪيومينٽس“. 

   ( بابا سائينءَ جي نوٽس مان).

        سنڌ سان محبت جي ڳالھ تہ ھر ڪوئي ڪري ٿو پر ھن ڌرتي ماتا جي شاندار ماضي کي محفوظ ڪرڻ واري خدمت ڪو ڪو ڪري ٿو. انگريزن جي دئور ۾ 45 کن سياسي پارٽيون، پريشر گروپ ۽ تحريڪون سرگرم عمل رھيون انهن سمورين پارٽين جي قيام ۽ ڪارڪردگيءَ ۽ انهن جي اڳواڻن توڙي عھديدارن بابت بابا سائين گل حيات ۾ ھزارن صفحن جو مواد گڏ ڪيو آھي.جيڪڏھن سراسري طور تي ھڪڙي پارٽي تي ھڪ ڪتاب ڇپرائجي تہ اھي جھڙوڪ 45 ڪتاب ٿي ويندا .پر مسلم ليگ  خلافت تحريڪ ۽ ڪانگريس اھڙيون پارٽيون آھن جن تي 4 يا 5 ڪتاب لکي سگھجن ٿا .بابا سائين ايترو مواد گڏ ڪيو پر نہ تہ ڪنهن حڪومت کي ھوش اچي ٿو نہ وري اشاعتي ادارن کي جوش اچي ٿو تہ اھو مواد ڪتابي  صورت ۾ ڇپرائن. 

     اڄ جن ڊاڪيومينٽس جو فوٽو شيئر ڪري رھيو آھيان اھي ڳوٺ ٻٽڙا نچڻمل،ضلعي دادو جي ڪانگريس ڪاميٽي جا 3 ڊاڪيومينٽس آھن. پھريون آھي “وائوچر فارم“ ٻيو آھي جلسي ۾ شرڪت جو “دعوت نامو“ ۽ ٽيون آھي ڪانگريس پارٽي جي “ميمبري جو سرٽيفڪيٽ“ . انھي ميمبري واري سرٽيفڪيٽ جو پنو خود ڳوٺ ٻٽڙا پوسٽ اسٽيشن بالي شاھ جي ڪانگريس ڪاميٽيءَ  جو ٺھيل آھي.مطلب تہ انگريز جي دور ۾ سنڌ جي ڪيترن ڳوٺن ۽ شھرن ۾ ڪاغذ پاڻ ٺاھيو ويندو ھيو. ھنن ٽنھين ڊاڪيومينٽس پڙھڻ مان اھا بہ خبر پوي ٿي تہ دادو شھر ۾ ھڪ مکڪي بازار بہ ھئي جنهن ۾ شيوا پرنٽنگ پريس ھئي جنهن ۾ دعوت نامي وارو ڊاڪيومينٽ شايع ٿيو. انھي ڪانگريس شاخ ۾  ٻيا ڪھڙا ميمبر ھيا وڏي انگ ۾ ماڻھن جي لسٽ بہ بابا سائين ترتيب ڏني آھي جيڪا ڪيترن ئي صفحن تي مشتمل آھي. ھاڻي ھن ڳالھ مان اھو اندازو لڳائي سگھجي ٿو تہ ھڪ ڳوٺ جي فقط ھڪ پارٽي جي شاخ جو احوال ايترن صفحن تي بابا ھٿ ڪيو آھي جڏھن تہ ڪانگريس وانگر مسلم ليگ ۽ خلافت ڪاميٽي جون بہ اھڙن ڳوٺن ۽ شھرن ۾ شاخون قائم ٿيل ھيون. ھن جو مطلب اھو ٿيو تہ سنڌ جي ھڪڙي ھڪڙي ڳوٺ جي سياسي تاريخ تي ڪتاب لکي سگھجي ٿو.ڪم تمام وڏو آھي پر اسان وٽ محنت جو جذبو گھٽ آھي نہ تہ سنڌ جي سياسي تاريخ تي ئي ھڪ الڳ انسڪائيڪلو پيڊيا تيار ڪري سگھجي ٿي. (ممتاز پٺاڻ)

 

Good Wishes