“ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جو شاگرد سياست ۾ حصو“

.   ( بابا سائينءَ جي نوٽس مان. )

          ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ ھڪ گھڻ- رخي شخصيت ھيو. سندس زندگيءَ تي ڪيترن ئي ماڻھن تمام سٺو لکيو آھي پر اڃا ڪيترائي اھڙا پھلو رھن ٿا جيڪي محققن جي نظر مان اوجھل رھيا آھن. ڊاڪٽر مرحوم ھڪ شاگرد جي حيثيت ۾ سياسي سرگرمين ۾ حصي وٺڻ جو پاڻ بہ ذڪر ڪيو آھي ۽ لکي ٿو تہ جھوناڳڙه ڪاليج ۾ ھن ھڪ خاڪسار ڪارڪن جي حيثيت ۾ شاگرد سياست ۾ حصو ورتو. مزي جي ڳالھہ ھي آھي تہ ان جا دستاويزي ثبوت گل حيات ۾ موجود آھن. جن مان پتو پئجي ٿو تہ لڳ ڀڳ 30 شاگرد خاڪسار تحريڪ ۾ حصو وٺندا ھئا ۽ ڊاڪٽر بلوچ ڪاليج ھاسٽل جو سالار ھئو. ھن جي دستخط ۽ حڪم سان خاڪسار جي ڪاليج يونٽ جون گڏجاڻيون ٿينديون ھيون جن ۾ اڪثر ڪري جيڪي شامل ٿيندا ھيا انھن مان ڪي نالا آھن: ميمڻ حبيب اللہ، سيد غلام محمد شاھ، سمندر خان پٺاڻ، احمد خان ڀرڳڙي،محمد الياس احمداڻي،اللہ بچايو بلوچ،گل پير بخش،پناھ علي شاھ، احمد خان لانگاھ، خداداد چانڊيو،  محمد حسين راجپوت،عطامحمد بلوچ. علي نواز جتوئي. شيخ غلام قادر، غلام قادر سومرو وغيره.             

 ڊاڪٽر بلوچ جو اھو رڪارڊ “دفتر ڪاروبار تحريڪ“ جي عنوان ھيٺ ھڪ فائيل ۾ صورت ۾ گل حيات ۾ موجود آھي جنهن ۾ آگسٽ 1938 کان وٺي جولاءِ 1939 تائين گڏجاڻين جا نوٽيس موجود آھن.ڊاڪٽر مرحوم ڪن ورقن ۾ ڊائريءَ جا نوٽس لکيا آھن. مثال طور 25 آگسٽ 1938 تي لکي ٿو تہ:  “مون 17 جون کان وٺي آگسٽ جي آخر تائين تحريڪ جي تبليغ ڪئي. ٽن صاحبن تحريڪ ۾ شامل ٿيڻ جو واعدو ڪيو آھي ۽ ڪجھ “الاصلاح“ جا خريدار بہ بڻايا اٿم“(ممتاز علي پٺاڻ)

Good Wishes