جسونت ڪمار
بمبئي _ 12 _ مارچ 1976 ع
ادا در محمد خوش هوندين
توهان جو 12 فيبروري وارو خط هفتو کن ٿيو ، مليو اٿم . پڙهي خوشي ٿي ته “جيجل’’ توهان تائين پهچي ويئي آهي . پڙهي راءِ ضرور لکجو . ڪوشش ڪجو ، اتي گهڻي ۾ گهڻا دوست مخزن پڙهن ، خاص ڪري اهي ، جن جون رچنائون ان ۾ ڇپيون اٿائون . ڪتاب جيئن توهان لکيو آهي موڪلي ڏيندس ؛ دلجاءِ ڪندا . اتي سنڌ ۾ جيڪي تازيون اخبارون نڪتيون هجن – خاص ڪري ڌرتيءَ جا تازا ۽ پراڻا پرچا ، جي موڪلي  سگهو ته مهرباني . توهان جو شعر پڙهي خوشي ٿيندي اٿم ، ڪي ته هت شايع پڻ ڪرايا اٿم . توهين موڪليندا رهو ، جن اخبارن ۾ ڇپجندا، اهي توهان کي موڪليندو رهندس . اتان جي ٻين دوستن کان پڻ ڪجهه نه ڪجهه مئٽر مون ڏانهن موڪلارائيندا رهندا ته جيئن هت شايع ڪرائي سگهجي.
تازو هتي “سنڌو ڌارا ’’ جي نئين سر شروعات ڪرائي اٿائون ، ڪجهه پرچا هن خط پٺيان روانا ڪري رهيو آهيان ، دوستن تائين پهچائڻ جي ڪوشش وٺندا . دوست تاج بلوچ لاءِ وشنو ڀارتيءَ سلام ڏنا آهن ، کيس منهنجي پاران پڻ سلام ڏيندا . هن سان گڏ ڪجهه مئٽر موڪلي رهيو آهيان ، شايد توهان کي ڪم  اچي سگهي . احوال ڏيندا رهندا.
 جسونت ڪمار
قلم تازو  : هڪ چٺي منير احمد جي پهتل آهي ، ليڪن سرنامو ڪونه لکيو اٿائين ، ان ڪري کيس سڌي چٺي ڪونه لکي سگهيو آهيان ، تڪليف وٺي کيس منهنجي هڪ چٺي (جا هن سان گڏ موڪليان ٿو) پهچائي ڇڏيندا.
(هلندڙ )
بئنڪ آف انڊيا ، سنڌي سوشل سرڪل
بمبئي 18 ، جولاءِ 1976 ع
خوش هجين شال

پرڏيهي عالمن جا خط (19 مئي 1980ع)
ادا در محمد
“ جيجل’’ اتي پهچي ويئي توهان تائين ، ڄاڻي خوشي ٿي . اتان جي دوستن جي بيباڪ راين جو انتظار رهندم . منير جا موڪليل “سهڻي’’،  “سوجهرو’’، ڌرتي’’  ۽ “ديون’’ وغيره سو مليم ، سندس لک شڪرانا. ڏھ پنڌرهن ڏينهن اڳ هڪ خط توڏانهن مڪيو هئم ، ڪراچيءَ واري پتي تي جڏهن واپس ويندين ، تڏهن وڃي پڙهندين ، خير.
“سنڌو ڌارا ’’ جي اشاعت ۾ ڪجهه تڪنيڪي دقتون در پيش پيئون اچن . ان ڪري شايد في الحال اخبار جي اشاعت مهمل ڪرڻي پوي . اهو خال ڀرڻ لاءِ “روح رهاڻ ’’ نالي وارو نئون رسالو ، هت به ڪڍڻ شروع ڪيو اٿائون . پهريون پرچو هن هفتي جي آخر ۾ تيار ٿيندو ، موڪلي ڏيندو سانءِ . “سنڌو ڌارا’’ لاءِ نه سهي ، “روح رهاڻ’’ لاءِ سنڌ جي ادبي سر گرمين جو حال احوال ، تازيون رچنائون (پنهنجون توڙي ٻين جون) موڪلڻ لاءِ  مون پاران توکي نينڍ آهي . ڪجهه نه ڪجهه موڪليندو رهج .
دادي پوپٽيءَ جو ڀاءُ تازو پرلوڪ پڌاريو . ڪجهه مهينا اڳ ٻيو  ڀاءُ به گذريو هئس ، ان صدمي کيس ڪجهه دير لاءِ خود اسان کان به ڪٽي ڇڏيو هو . هينئر ڪجهه ساھ کنيو اٿائين ، چيائين ، توکي لکندي . جبلپور جي هڪ دوست قيمت - ۾- سنگهاڻيءَ هڪ ڪتاب چپايو آهي ، جنهن ۾ ڪافي سنڌي اديبن جي باري ۾ معلومات ڏنل آهي . اسان کيس لکيو ته هو ، خبر ناهي توکي موڪليائين يا نه ؟ خط جو جواب ۽ احوال ڏج . سڀني يارن کي قربن منجهان سلام . جسونت ڪمار



بمبئي 26 جنوري 1977 ع  
پريه در محمد
تنهنجو 8 جنوري وارو خط مليو اٿم . سنڌ ۾ ناٽڪن جي هلچل بلڪل ئي ڪانهي . ائين آهي ڇا ؟ ڪجهه ته ذخيرو موجود هوندو ؟ ٻيو نه ته ڪجهه ڪٽنگس ته موڪلي سگهندين ؟ لکج . دوست منير ڪجهه ٽي – وي اسڪرپٽس جو ذڪر ڪيو هو. کيس چئي اهي موڪلائي سگهندين؟
تنهنجي خط جي ڪاپي ڪڍي “سنڌو سنسار’’ کي موڪلي ٿو ڏيان . اڄڪلهه هڪ نئون ڪم هٿ ۾ کنيو اٿم . اتان جي اديبن جون رچنائون (ڇپيل/ اڻ ڇپيل ) هت ڇپائڻ جو . ٻه ڪتاب پڌرا ڪري چڪو آهيان ، وڌيڪ پريس ۾ آهن . ڪن پاٺڪن گهر ڪئي آهي ته ليکڪن (سنڌ جي ) جا فوٽا پڻ ڇپيان . جي ڪن اديب دوستن جا ڦوٽا موڪلائي سگهين ته مدد ٿي پوندي . سلام – قرب جسونت ڪمار

سنڌو آرٽ ٿئيٽر 8/3/A ڪرپانگر بمبئي -56
پيارا در محمد
تنهنجو 5 جنوريءَ وارو خط پهتل آهي . ان سان گڏ ڪجهه شعر پڻ پهتا ، جي شاعرن جا سرناما موڪلي سگهين ته بهتر ، جو “جيجل’’ ۾ رچناڪارن جا سرناما پڻ ڏيڻ جي روايت آهي ، سيگهه ڪج .
پروفيسر چيتن ماڙيوالا وٽ مان ويو هئس ، هڪ ٻئي ڪم سان .
 ليڪن گهر ۾ ڪونه هو (اڪثر ڪونه هوندو آهي ) وري ڇنڇر ڏينهن ويندو مانس فادر ڪوٽواڻيءَ جي ڳالهه پڻ ڪڍندو سانس ، ڏسجي . ڪن اديب دوستن جون ايڊريسون هت لکان ٿو :
(1) وشنو ڀاٽيا : 120/114 مولخد ڪالوني ، بمبئي 400082
(2) اي – جي– اتم : هيرآباد مشن ، ٽيمبل روڊ ، ماهم -  بمبئي 400056
(3) موتي پرڪاش : B – 33 ، انارام سوسائٽي ، وڪولا ، بمبئي 400056
(4) لڇمڻ ڀمڀاڻي : 182- سنڌي ڪالوني ، باري پارڪ ، جئپور 6
(5) واسديو سنڌو ڀارتي : 1643- نميرا هائوس ، جئپور 302001
(6) شري هري همٿاڻي : 14 – تلڪ نگر ، اجمير (راج) 305001
(7) ايم – ڪمل : 540/C الهاس نگر ، 421004 ضلعو ٿانه
(8) نامديو : 141- سنڌو نگر ڀونگر -2 ، (گجرات) 364002
(9) ڪرشن راهي : 4/N بئرڪ ڪوارٽرس ، بمبئي - 0400088
تو ڪتابن جي اتي پهچ جي باري ۾ ڪجهه لکيو ڪونهي . ته به “ جيجل-75 ’’ جون ڪجهه ڪاپيون پوسٽ پارسل رستي موڪلي ٿو ڏيانءَ . پهچ ڏج ۽ اهي ڪاپيون (يا انهن مان ڪجهه ) جي سنڌ ۾ پهچائي سگهين ته بهتر . خاص ڪري اهي ليکڪ ، جن جون رچنائون “جيجل -75’’ ۾ ڇپيل آهن . جهڙوڪ : نسرين جوڻيجو ، ڀون سنڌي ، عبدالحڪيم ارشد ، امداد حسيني ، تنوير عباسي ، شبنم موتي ، قمر شهباز ، شيخ اياز ، نياز ، عثمان ميمڻ ، منشي ابراهيم ، امر جليل ، نجم عباسي ، رشيد ڀٽي  وغيرھ .
ڪوشش ڪج ۽ کين چئج ته مون کي “جيجل -75’’ جي باري ۾  لکن ۽ صلاحون موڪلين . هتان بمبئي مان پوپٽي هيراننداڻيءَ تو ڏي خط ليکو آهي ، پهتو هوندءِ ؛ احوال ڏيندو رهج . نياز   جسونت ڪمار
ماءِ ڊيئر در محمد
تنهنجو هڪ خط چانڊئي (منير احمد) معرفت پهتو . جواب ڏيڻ ۾ دير ڪيم ، جو ڪم ۾ ضرورت کان زيادھ مصروف هئس . هن گڏ ٻه ڪٽنگ اٿئي ، تنهنجي ڪم جون .
تنهنجي ڪم پٺيان لڳ پيو آهيان ، ليڪن ڪيترن دوستن وٽان جوڳو (Response) ملڻ ۾ دقت ٿي رهي آهي . ڪجهه ڪتاب هن هفتي ملڻا آهن ، جي موڪليندوسانءِ . قرب
جسونت ڪمار
قلم تازو : اتي جي ناٽڪن (سنڌي) جي باري ۾ ڪو سماچار موڪلي سگهندين؟ جي ٿي سگهي ته ڪي فوٽا ۽ اسڪپرٽس به موڪلج.
جسونت
(هلندڙ )

30- جون 1980 ع
آخري قسط
ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

Good Wishes