پرڏيهي عالمن جا خط (31 مارچ 1980ع)
موتي پرڪاش
موتي پرڪاش 15، مئي 1931 ع تي دڙو، ضلعي ٺٽي ۾ ڄائو. بي. اي (آنرس) ڪيل اٿس. 1947 ع کان پوءِ سنڌ ڇڏي وڃي بمبئي ۾ آباد ٿيو ۽ تعليم کاتي ۾ ملازمت ڪيائين. سندس لکيل ڪتابن ۾ “انڌيرو اجالا’’ (ناول 1954 ع)، “ادبي گل’’ (مضمون 1957)، “ادينه’’ (انگريزي مان ترجمو ڪيل ناول 1952ع) ۽ “ڪلندي’’ (ترجمو ڪيل ناٿول 1953 ع) ذڪر ڪرڻ لائق آهن. سندس لکيل هڪ خط هيٺ ڏجي ٿو:

دبئي 10-اپريل 1977 ع
ادا
هي خط ملندءِ ته عجب ضرور لڳندءِ. سال کن اڳ يا شايد ان کان به گهڻو عرصو اڳ تنهنجو هڪ خط بمبئي ۾ مون کي پهتو هو. مون به مختصر ۾ توکي پهچ ڏني هئي. خبر ناهي ته اهو خط توکي پهتو ڪين نه. ان بعد خط و ڪتابت بند ٿي ويئي...........۽ ٻئي چپ ٿي وياسين.
16 فيبروريءَ کان مان هتي دبئي ۾ آهيان، نوڪري جي بهاني آيو آهيان. اڃا اڪيلو آهيان منهنجي رفيقه حيات ۽ ٻه ٻار اڃا بمبئي ۾ آهن. ڏهن پندرهن ڏينهن ۾ هتي ايندا ٿوري وقت لاءِ.............وري هليا ويندا. هتي نوڪريءَ کي ڇڏي ٻه مقصد کڻي آيو آهيان پاڻ سان ته ڪنهن نه ڪنهن نموني جيڪڏهن هند- پاڪ جي سنڌي ادب جي مٽا سٽا ممڪن ٿئي ته هتان ڪريون، يا ٻنهي ملڪن جو ادب هتي جمع ڪريون. اتي ڪن دوستن سان لکپڙھ ڪئي اٿم. ڀارت ۾  به موهن ڪلپنا ۽ ٻين سان لهه وچڙ ۾ آهيان. اميد ته اتان چڱو ذخيرو اچي ويندو. هاڻي ٻڌائي ته ان ۾ تون ڪهڙي مدد ڪري سگهندين ؟
مون هتان ٿورا پنهنجا ڪتاب ڪنهن دوست کي موڪليا آهن. ٽپال خرچ گهڻو ٿو اچي، تنهنڪري ڇا اهو ممڪن آهي ته ٽپال رستي مٽا سٽا بدران ڪنهن نه ڪنهن ڀلي شخص جي معرفت ڏي وٺ ڪريون يا سمنڊ ذريعي ڪتاب موڪليون ۽ وٺون؟ ان لاءِ جيڪڏهن توهين چاهيو ته پئسن موڪلڻ جو بندوبست مان ڪريان  يا ڪتابن عيوض ڪتاب موڪليان. يارن دوستن سان صلاح مصلحت ڪري احوال ڏج.
مان پاڻ پي- ايڇ- ڊي لاءِ مقالي ۾ رڌل آهيان. عنوان آهي “سنڌي شعر ۾ عورت جي تصوير.’’ مان سمجهان ٿو ته اها تصوير تيستائين مڪمل نه ٿي سگهندي، جيستائين مون کي سنڌ جو ادب دستياب نه ٿيو آهي. مون کي خاص طور هي ڪتاب کپن: “حامد، گل، خاڪي، سانگي، شاھ عنايت، عبدالڪريم، بيدل، بيڪس ۽ روحل جا ڪلام. اتي ضرور اهي رسالا موجود هوندا. مون کي خبر ڪڍي لک ته ڪنهن سان لکپڙھ ڪريان.
توهان جي نزديڪ آهيان. توهان سڀني سان ملڻ جي تار اٿم. اها ڳالهه ڪيئن ممڪن ٿي سگهندي. منهنجي اچڻ جو مکيه مقصد ٿيندو کوج لاءِ مصالحو ڪٺو ڪرڻ ۽ دوستن سان گڏجڻ . ٻڌاءِ ته ڇا ڪريان؟
تنهنجو جواب اچڻ بعد ئي توکي وڌيڪ لکندس. جواب ۾ سرنامي تي جيڪڏهن منهنجو نالو لکڻ واجب نه سمجهين ته فقط پوسٽ باڪس لکڻ سان به خط پهچي ويندو. احوال جلد ڏج، انتظار رهندو.
دوستن يارن جا سرناما موڪليندين؟ خاص طور تنوير عباسيءَ جو پتو گهرجي. شيخ اياز جي خبر کپيم.
ياد گيرين مان
موتي پرڪاش
پوسٽ باڪس 106، دبئي (يو. اي. اي)

Good Wishes