ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

 (تو بن جاني! هيءَ جهان)

”دنيا بدلايون يا دل بدلايون؟“

 

جيئن جيئن جوڌا ۽ جوان لنگ وجهي دنيا کي سنوارڻ ۽ سينگارڻ جي خفت ۾ وڪوڙبا وڃن ٿا، تيئن تيئن دنيا دنگل ۽ فسادن جو گهوارو بڻبي وڃي ٿي، دل کي بدلائڻ بدران جڏهن دنيا جي بدلائڻ واري شوق جو بگهيڙ جاڳي پوندو آهي ته ائين ئي ماڻهن کي چيرڻ ڦاڙڻ ۽ کائڻ جو وهنوار شروع ٿي ويندو آهي. اهڙين خفتين مان ڪي تنظيمي ۽ اجتماعي روپ وٺن ٿا ته انهن مان ڪن کي طالبان، ته ڪن کي داعش وغيره سڏيون ٿا. ڪي وري انفرادي طور ساڳيو ئي ڪم  ڪن ٿا، پر انهن جو ڪو نالو نه ٿو وٺجي. جڏهن ته جت پنهونءَ جا ڀائر جيان آهن سڀئي هڪ ئي انسان-دشمن سوچ جا مالڪ. اسان اڄڪلهه اهڙن بي نام طالبانن ۽ داعشن جي ور چڙهيل آهيون.

طالباني ۽ داعش دادن کي اونو آهي ته اهي مسلمانن کي وڌيڪ پاڪ ۽ صاف مسلمان بڻائڻ. غير مسلم کي مسلمان بڻائڻ لاءِ سوچڻ به هنن جي وس کان ٻاهر آهي. ان ڪري هو مسلمانن کي صاف مسلمان بڻائيندي سندن صفايو ڪرڻ ضروري ٿا ڄاڻن. کين اهو به ڊپ نه ٿو ٿئي ته دين اسلام ماڻهو مارڻ کي جهڙوڪ ڪائنات مارڻ جيترو ۽ جهڙو ڪڌو ڪرتوت قرار ڏنو آهي.

اوهان سروي ڪري ڏسو، اسان مان اسي سيڪڙو ماڻهن ۽ خاص طور تي نوجوانن کي دنيا بدلائڻ جو اونو هوندو. هر ڪو چوندو ته زمانو خراب ٿي ويو آهي ۽ حالتون ابتر ٿي ويون آهن ان ڪري خراب دنيا کي بدلائڻ گهرجي، پر ڪو ڪو هوندو جيڪو انهيءَ سچائيءَ کي مڃيندو ته دنيا بدلائڻ لاءِ پهريون شرط اهو آهي ته اسان پاڻ کي بدلايون ۽ پنهنجي دل کي بدلايون. سج اوڀر کان اڀرندو آهي ۽ اولهه طرف لهندو آهي. مان ان کي ڪيئن ٿو بدلائي سگهان؟ جي سچ منهنجي اکين کي وٺي ٿو ته ان کي اکيون ڦوٽاري ڏسڻ بدران پنهنجو منهن مٽي ڇڏيان ته ان سان صورتحال سراسر بدلجي ويندي. اهڙيءَ ريت جيڪڏهن اسان ڪنهن عيب گناهه يا انسان- دشمن عمل ۾ شريڪ ٿيڻ بدران ان جي مخالفت ڪيون ۽ منهن موڙي ويهون ته گهٽ ۾ گهٽ اهو انسان-دشمن عمل اسان کي ته هٿ ڪنڊو بڻائي، اسان جي وجود کي لتاڙي ٻئي وجود تائين نه پهچندو ۽ ان کي ڇيهو نه رسائيندو.

دنيا بدلائڻ وارا خفتي ننهن کان وٺي چوٽيءَ تائين ناصح ۽ مبلغ ته ٿي سگهن ٿا، ليڪن عالم هوندي به عامل ٿي نه سگهندا. هو ٻين کي ته هشيون ڏيندا، صلاح ڏيندا ۽ نصيحتون وصيعتون ڪندا، پر پاڻ ڪک ڀڃي به ٻيڻو نه ڪندا. بنهه ائين جيئن اڄ جا ڪي مدبر ماڻهن کي ته مڃرائيندا ۽ مارائيندا، پر پاڻ ڪينٽيرنن ۾ اهڙا ته قابو ٿي ويهندا جو ڪنهن پکيءَ کي به پر هڻڻ جي همت نه ٿيندي. ڪيترا نه سياسي ملاکڙا ٿين ٿا، پر مجال جو آنسو گئس اڳواڻن جي اکين تائين پهچي، گرفتار ٿيندو ته عام ڪارڪن، لٺيون کائيندو ته واٽهڙو يا ورڪر. اڳواڻن جو وار به ونگو نه ٿيندو. هي طالبانين ۽ داعشين جا بابا ڏاڏا آهن. طالبانن ۽ داعشين مان ته گهڻا مرن يا مارجي وڃن ٿا، پر اسان جي ڪن مدبرن جي اڪثر قيامت جا تڏا ويڙهڻ جا قسم کڻي چڪي آهي. ڀلي الله تعاليٰ وڏي حياتي بخشين. پر شال ٻين جي حياتين جو به ڪجهه خيال ڪن.

انساني حياتين جو اهو گهٽ ئي خيال ڪندو، جنهن کي دنيا بدلائڻ جي جنون کانسواءِ ٻي ڳالهه سمجهه ۾ ڪا نه ايندي. ان کي اها ڳالهه به سمجهه ۾ ڪا نه ايندي ته دنيا تڏهن بدلائي سگهجي ٿي، جڏهن پاڻ کي بدلائجي. اهو ماڻهو جيڪو هڪ اڪيلي ماڻهوءَ، يعني پاڻ کي بدلائي نه ٿو سگهي، سو سڄي دنيا جي ماڻهن يا سموري قوم کي ڪيئن بدلائي سگهندو؟

اڄ اسان ذهني، فڪري ۽  نظرياتي چڪڻ ۾ ڦاسي پيا آهيون، ان جو وڏو ڪارڻ اهو ئي آهي ته پاڻ کانسواءِ باقي دنيا اسان جي نشاني تي آهي. اسان جي اندازن، اسان جي خطابن ۽ اسان جي لکڻين جي بندوقن جا منهن دنيا طرف آهن. اسان پنهنجي جيءَ ۾ جهاتي پائڻ بدران دوربينيون اکين تي چاڙهي ٻين جي غلطين ۽ ڪوتاهين کي ڳولهڻ کي پنهنجو دين ايمان بڻائي چڪا آهيون. پاڻ تي ڳالهائڻ ۽ پاڻ بابت ڳالهائڻ جهڙوڪ اسان لاءِ ڪفر جو ڪلمو آهي ۽ اهو پڙهڻ نه ٿا گهرون.

هاڻي هيءَ وقت جي تقاضا آهي ته جيڪي پاڻ بدلائڻ بدران دنيا بدلائڻ جون ڳالهيون ڪن ته ڪا ڪسوٽي ٺاهي، انهن جي قول ۽ فعل، سوچ ۽ لوچ کي پرکڻ جي ڪوشش ڪريون. انهيءَ ڪسوٽيءَ جو بنياد هن اصول تي ٻڌل هجي ته اهو سوچيون ته ڪوئي مدبر يا مفڪر پنهنجي مرضيءَ مطابق دنيا ته بدلائڻ نه ٿو چاهي يا ڪنهن ازم جو مبلغ خليفو بڻجي اسان کي ڪنهن اوڙاهه ۾ ڦاسائڻ ته نه ٿو گهري. سڀ کان وڏي ڳالهه ته هو دنيا جي جيڪا تبديلي چاهي ٿو، ان جي رنگت ۽ خوشبوءِ به هن جي شخصيت ۽ ڪردار ۾ آهي يا نه؟ ائين ته ناهي ته هو فقط اسان ۽ دنيا کي بدلائڻ گهري ٿو، ليڪن تبديليءَ سان سندس تر جيترو به واسطو ڪونهي.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes