ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
(تو بن جاني! هيءَ جهان)
”گهڻن منهنجن غمن تي، رهجان تاريخ تون گواهه “
اسان جي رنگ برنگي دنيا ۾ ست رنگي سياست جيڪي کيل تماشا ڪيا آهن، انهن تي تاريخ جا ورق صدين تائين روئيندا رهندا. ڇو ته ”ڪنهن ٻوڙي؟ خواجا خضر ٻوڙي“ مصداق اسان پاڻ ئي پنهنجي قوميت جي ٻيڙي ٻوڙڻ ۾ مثالي ڪردار ادا ڪيو آهي. جڏهن گهر ٻڌل ڪو نه هئو ته اسان جي عملن جي شامت ڪڏهن نادر کي ڪاهڻ تي آماده ڪيو ته ڪڏهن مدد خان جي لٽن ڦرن اسان کي نيست نابود ڪيو. پنهنجي حڪمرانيءَ جو وارو آيو ته اسان جي حاڪمن هڪ طرف پنهنجن مٽن مائٽن کي ٻيڙيءَ ۾ چاڙهي ٻوڙايو ته ٻئي طرف ڌارين جو دلال ٿي شاهه عنايت جهڙي فڪري ۽ نظرياتي شهزادي کي مارايو. انگريزن سنڌ ۾ پير رکڻ جي ڪوشش ڪئي ته وس وارن ۽ اقتدار- ڌڻين هڪٻئي جا پير ڪڍڻ شروع ڪيا. وري جڏهن انگريز آيا ۽ پنهنجو جادو هلايائون ته اسان سنڌي هندو ۽ مسلم ڪئمپن ۾ پاڻ کي ورهائي ويٺاسون. هڪ ٻئي پٺيان ٻه مهاڀاري جنگيون لڳيون ۽ ان جي نتيجي ۾ انگريزن کي جڏهن پنهنجي گهر ڀيڙي ٿيڻ جي ضرورت محسوس ٿي ته اسان جي وڏڙن اهو ڪو نه سوچيو ته فرنگين جيئن ۽ جهڙي بنياد تي ملڪن تي قبضا ڪيا ۽ قومن کي غلام ڪيو، سي تيئن ۽ تهڙي نموني انهن کان ائين آزادي وٺن. پر فيصلو ٿيو ته آزاديءَ سان پنهنجي دين تي هلڻ لاءِ سمورن مسلمانن جي ڀلائي خاطر الڳ ۽ خودمختيار رياستون وٺبيون. پوءِ اڳتي هلي رياستن بدران اهو هڪ گڏيل رياست جو مطالبو بڻجي ويو. اسان ائين صدين کان وٺي ها ۾ ها ملائڻ ۽ پاڻ وڃائڻ کي پنهنجي تدبر جو معراج ڄاڻندا آيا آهيون. ان ڪري اسان جي حالتن جي پاٽ ۾ اهو ئي پوندو رهيو آهي، جيڪو اسان پاڻ پنهنجي سوچن ۽ لوچن جي ڪُنيءَ ۾ وجهندا رهيا آهيون. 1947ع کانپوءِ جيڪي به حالتون جڙيون آهن، ان ۾ اسان جي مدبرن ۽ مفڪرن جي سهولت ڪاريءَ، ساهتا ۽ سمجهوتي جو ئي وڏو عملي دخل رهيو آهي. ڪراچيءَ شهر ۽ ان جي پسگردائيءَ کي مرڪز حوالي ڪرڻ جي ڳالهه ٿي ته وڏڙن ان کي ”محلاتي سياست“ تائين محدود رکيو ۽ ان خلاف عوامي تحريڪ هلائڻ کان پاسو ڪيو. ون يونٽ جو ڳٽ تيار ٿيو ته اسان جي وڏڙن پاڻ ان اڳيان وڃي ڳچيون رکيون. اهڙيءَ ريت هاڻي ايم ڪيو ايم سان رسڻ پرچڻ به اسان جي انهيءَ تاريخي مفلوج تدبر جو پڙاڏو آهي. سنڌ ۾ سيد آيا، پٺاڻ آيا ۽ الائي ڪير ڪير آيا. هن نگپال ڌرتيءَ انهن کي پنهنجو ڪيو ۽ پنهنجي تشخص جي رنگ ۾ ريٽو ڪيو. تاريخ جو اهو تسلسل پاڻ-هرتو ٿيندو آهي ۽ آزاد سماج پنهنجي ائين جوڙجڪ ۽ نئين سر تشڪيل ڪندا رهندا آهن. پر جڏهن سماجي ۽ ثقافتي حالتن کي سياسي ڏاڍ يا ڏڍ تي مٽائبو ته ملڪن ۾ ائين ڏڦيڙ پوندو، جيئن اسان جي صوبي ۾ ٿيو آهي ۽ ٿي رهيو آهي. چيو ٿو وڃي ته فلاڻي يا فلاڻي پارٽيءَ کي مينڊيٽ حاصل آهي. پر اهو ڪير نه ٿو ٻڌائي ته مينڊيٽ لٺ يا چٺ جي زور تي ڪو نه حاصل ٿيندو آهي. جڏهن ڊپ يا آسري جي آڌار تي مينڊيٽ حاصل ڪجي ٿو ته اهو مينڊيٽ نه پر قبضو آهي ۽ دوکو آهي. ڪي پارٽيون ڊپ يا آسري جي بنياد تي اهڙي نقلي مينڊيٽ کي ان ڪري پنهنجي سياسي قوت جو سرچشمو ٿيون سمجهن جو ٻيون پارٽيون پنهنجي مفادن ۽ مجبورين سبب اهڙي ڪوڙي مينڊيٽ کي قبول ڪن ٿيون ۽ پنهنجي سياسي ساک، هيئت ۽ حيثيت بچائڻ لاءِ پنهنجن يا پنهنجي عوام جي قاتلن سان ٺاهه ڪرڻ کان به نٿيون ڪيٻائين. انهن جا اهڙا سياسي رويا عوامي اتحاد بدران دليون ورهائڻ جي اصول تي ٻڌل ٿين ٿا. ڇو ته انهن کي اقتدار عزيز آهي ۽ نه ڪي عوام. سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو سنڌي آهي، عوام آهي ۽ انسان آهي ۽ سياسي خواهه سماجي ۽ ثقافتي حوالي سان هڪ ٻئي جهڙو ۽ برابر آهي. پر بدقسمتيءَ سان اسان جي پنهنجن سياستدانن ڪراچيءَ جي حوالي سان لساني بنيادن واريءَ سياست کي قبول ڪري پنهنجي تاريخي مفلوج تدبر کي ورجايو آهي. ان جا نتيجا اهي نڪتا آهن ته هڪ ئي قسم جو آئين ۽ قانون هڪڙن لاءِ هڪڙو ۽ ٻين لاءِ ٻيو! سکر جي ايئرپورٽ تان جي ايم سيد پاڻ پاڪستان جو جهنڊو ڪو نه هٽايو هو، پر غداريءَ جو ڪيس هن تي هليو. الطاف انگلينڊ ۾ ويهي پاڪستان جي خلاف ڳالهايو ۽ ماڻهن کي عوام دشمن حرڪتن ڪرڻ جون هشيون ڏنيون، ان بابت صاف ۽ واضح طور تي سرڪار طرفان غدار هجڻ جو نه ته اعلان ٿيو ۽ نه وري ڪٿي ڪو ڪيس ڪيو ويو. هيءَ ڪهڙي سياست آهي ته الطاف حسين عرف علي بابا کي الڳ ڪري، باقي چاليهه چورن کي حاجي سمجهي سياسي آکاڙي ۾ متقي ملهه پهلوان طور لاٿو وڃي؟ هي ته ”سٺ نه، پر ٽي ويهان“ وارو کوڙو ٿيو. ڪير دانهن ڪوڪ ڇو نه ٿو ڪري ته جت پنهونءَ جا ڀائر ٿيندا آهن. سياسي مصلحتن کانسواءِ بي شڪ سياست جو هلڻ مشڪل هوندو آهي. پر ”مصلحت“ ۽ ”قومي مفاد“ ۾ به ته ڪو فرق هئڻ گهرجي. جيڪڏهن اهو فرق نه رکبو ته پوءِ ملزم به ميئر ٿي سگهندا. سياستدانن تي الزام لڳندا آهن ته اهي وزارتون ۽ صدارتون به ڇڏي ويندا آهن، پر سنڌ ۾ الزامن لڳڻ کانپوءِ ماڻهو ميئر ٿين ٿا يا وڏا عهدا ماڻين ٿا. اسان ڪهڙي تدبر جي تاريخ پيا مرتب ڪيون؟ تاريخ اسان جي ڪهڙين ڪهڙين غلطين جي گواهي پنهنجي سيني ۾ سانڍي اسان تي روئيندي رهندي؟ Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it. Website: www.drpathan.com