(تو بن جاني! هيءَ جهان)

”راڻن کي نه راڄن کي، پر راضي رکجي روح “

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

ٽيهه يا ايڪٽيهه سال اڳ جي ڳالهه آهي، سنڌالاجيءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر هئس، ان زماني ۾ اخبارن لاءِ ڪالم لکندو هئس. سنڌ يونيورسٽيءَ جهڙو ماحول جنهن ۾ جهڙوڪ شاگرد تنظيمن جو ٻج ڇٽيل هوندو هئو ۽ هڪ نه ٻيو شاگرد ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽيءَ جو پوئلڳ ۽ مبلغ هئو. مون سان ڪن شاگردن جو وفد ملڻ آيو، منهنجي ڪالمن جي تعريف ٿي ۽ پوءِ انهن يارن پنهنجي ڪم جي ڳالهه شروع ڪئي. هڪ شاگرد چيو ته: ”سائين! ڊاڪٽر آهيو، عالم ۽ عاقل آهيو، ڏاڍو سٺو لکو ٿا، پر اسان جي پارٽيءَ لاءِ به لکو ۽ هيئن لکو......“ مون هن ڏانهن چتائي ڏٺو ۽ پوءِ پاڻ جهلي نه سگهيس. چيومانس ته: ”ڊاڪٽر آئون، بقول تنهنجي عالم ۽ عاقل آئون، پر ائين لکان، جيئن تون چئين؟“ اهو ڏينهن ۽ اڄوڪي ڏينهن. ائين ڀانئبو آهي ته ڪي دوست ۽ ڪي ڌريون ليکڪن کان اهو چاهين ٿا ته هو سندن مرضيءَ مطابق لکن، کين راضي ڪرڻ لاءِ لکن ۽ سندن فرمائشي پروگرام تي پاڻ کي، پنهنجي قلم ۽ ضمير کي نچائيندا رهن.

انهيءَ ۽ اهڙيءَ سوچ علم و دانش کي جهڙوڪ ڪمداريءَ جو ڪم  سونپي ڇڏيو آهي. ماڻهو اهو ٿا پڙهن جيڪو کين وڻي. هو مخالف ۽ غير جانبدار جي ڳالهه ٻڌڻ ۽ پڙهڻ لاءِ ئي ذهني طور تيار نه ٿيا ٿين، پوءِ مڃڻ وارو مامرو ته اڃان گهڻائون پري آهي. صورتحال هيءَ ٿي پئي آهي ته جيڪڏهن ڪو ڪافر لکي ۽ چوي ته الله هڪ آهي ۽ ان جو ڪو به ثاني ڪونهي، ته اسان اهو به پڙهڻ ٻڌڻ ۽ مڃڻ لاءِ شايد تيار نه ٿيون.

جڏهن ته سچ فقط اهو ناهي، جيڪو اسان کي وڻي ٿو يا جيڪو اسان چئون ٿا. سچ ته روشني آهي ۽ سچ ته حق وانگر هر هنڌ موجود آهي. پوءِ اها ٻي ڳالهه آهي ته اسان ان کي ڏسي يا محسوس ڪري به سگهون ٿا يا نه.

هاڻي هينئن جيڪڏهن اسان پنهنجي ڪنن ۾ ڪپهه وجهي ۽ اکين تي پٽي ٻڌي ويهنداسين ته سچ يا سونهن نه سمجهي سگهنداسين ۽ نه ڏسي سگهنداسين. اسان نظرياتي طور ان ڪري ئي چاڪيءَ جا ڏاند بڻجي ويا آهيون ۽ گهاڻي چوڌاري ڏينهن رات هلندي اهو محسوس ٿا ڪريون ته منزل طرف کوڙ سارو پنڌ ڪري چڪا آهيون، جڏهن ته حقيقت ان جي برعڪس آهي. اسان اتي ئي آهيون ۽ اتي ئي رهنداسين.

هن صورتحال ۾ ليکڪ کي پنهنجي حيثيت متعين ڪرڻي آهي. هو چاهي ته درٻاري يا سرڪاري ٿي ماضيءَ جي ڀٽن ۽ ڀانن جيان اهڙي ريت ڪرت ڪري جو سندس قلم ۽ علم هن لاءِ آمدنيءَ جو ذريعو بڻجي پون، يا اهو چاهي ته ڪن راڻن ۽ راڄن کي راضي ڪرڻ بدران پنهنجي ضمير کي راضي ڪري ۽ سچ ۽ سونهن جي ڳالهه ڪري، سڌو ڳالهائي ۽ لکي ۽ پاس خاطريءَ کان پاسو ڪري.

سياڻن جو چوڻ آهي ته اهو لکجي جو پڙهيو وڃي ۽ اهو پڙهجي جنهن کي هينئن سان هنڊائي ان تي عمل ڪيو وڃي. اسان وٽ به کوڙ سارو اهو ۽ اهڙو لکيو وڃي ٿو، جيڪو پڙهيو وڃي ٿو، پر، ويڌن اها آهي ته اسان جا ذهن ۽ اسان جون دليون عجيب قسم جا اهڙا ڪنول جا گل بڻجي پيا آهن جو علم ۽ دانش، ادب ۽ لکت جو پاڻي انهن تي ڪو اثر ئي ڪو نه ٿو ڪري. ان ڪري اسان ڀلي اٺ ڪتابن جا پڙهون، پر اثر هڪ اکر ۽ حرف جو به ڪو نه ٿو ٿئي.

سنڌ جا اهي نظرياتي مونجهارا ۽ مسئلا آهن، جن کي اسان جي ڏاهن ۽ سپورنجن وساري ڇڏيو آهي جنهنڪري ۽ ان جي نتيجي ۾ دقيانوسي ۽ انسان-دشمن نظام پنهنجا رنگ وجهڻ  شروع ڪيا آهن. اسان جي نئين نسل کان ڪتاب کسي سندن هٿ ۾ لٺ يا بندوق ڏني وئي ۽ منظم نموني سان تعليمي نظام ۾ ڪاپي ڪلچر جو ٻج ڇٽيو ويو ۽ استادن جي وڏي کيپ کي ڪلاس روم ته ڇا، پر تعليمي ادارن کان پري رکيو. اهڙيءَ صورتحال اسان لاءِ گهڻ-رخي تباهي آڻي ڇڏي آهي تان جو نئين نسل وٽ نقلي ڊگرين جا انبار لڳندا وڃن ٿا ۽ هو ڪنهن چٽاڀيٽيءَ جي امتحان ۽ ماحول ۾ منهن ڏئي مقابلو ڪري نٿا سگهن. پوءِ نوڪريون ٻين کي ملن ٿيون، عهدا ٻين کي ملن ٿا ۽ اسان تي حڪمراني ٻيا ڪن ٿا.

جيستائين ڏاهن ۽ دانشورن انهيءَ سوچ کي قومي مسئلي طور کنيو ۽ قبول نه ڪيو آهي، ان وقت تائين اسان جي عام اديب ۽ شاعر، صحافي ۽ ليکڪ کي پاڻ سان وچن ڪرڻ گهرجي ۽ پاڻ سان وڙهڻ گهرجي ته هو راڄن ۽ راڻن کي راضي ڪرڻ لاءِ نه، پر روح کي راضي ڪرڻ لاءِ قلم کڻندو ۽ پنهنجو علم ڪم آڻيندو.

Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.

Website: www.drpathan.com

 

Good Wishes