ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
(تو بن جاني! هيءَ جهان)
”هي تان ڏس هوش سان، هلي ڪيئن جهان“
اهي به ڏينهن هئا جڏهن اڃا مهين جو دڙو به تباهه نه ٿيو هو. سنڌ ملڪ سکيو ۽ ستابو هئو. ثقافتي ۽ سماجي طور تي هڪ مثال هئو، عدل ۽ انصاف، امن ۽ خوشحاليءَ جو گهنوارو هئو ۽ ڏيساور ۾ نه فقط ان جي واپار جي هاڪ هئي، ليڪن ناماچار به هئو. صديون گذريون آهن، سنڌ ته ساڳي آهي، سنڌي قوم به آهي، پر ايترو ته پوئتي پئجي وئي آهي جو يقين نه ٿو ٿئي.
ٻيا ملڪ آهن ۽ ٻيون قومون آهن جو وڃي چنڊ تي پهتيون آهن. اسان آهيون جو ڪا توتري به ڪو نه ٺاهي سگهيا آهيون. ان قوم جنهن دنيا کي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جا سبق ڏنا، سا اڄ ڪاپي ڪري ڊگري وٺڻ لاءِ آتي آهي. دنيا ۾ ڪي ملڪ آهن جو سڄيءَ دنيا تي جهڙوڪ حڪمراني ڪن ٿا، سيٽلائيٽ ۽ ٻين ذريعن سان گهر ويٺي دنيا کي ڏسن ٿا. بنا پائليٽ جهاز جوڙي سگهن ٿا ۽ جيڪڏهن چاهين ته ڪنهن ماڳ مڪان کي اک ڇنڀ ۾ نيست ۽ نابود ڪري سگهن ٿا. اهڙن ملڪن جي ڀيٽ ۾ اسان ڪٿي آهيون؟ ۽ اسان ڇا پيا ڪريون؟
فخر سان چئون ٿا ته اسان سنڌي قوم آهيون، پر ڪي پنهنجو اصل نسل عربن ۾ تلاش ڪن ٿا، ته ڪي اوڀر طرف منهن ڪري بيهن ٿا، اسان مان ڪيترا جهڙوڪ راضي ئي نه آهن ته پنهنجي ماضيءَ جو رشتو هن ڌرتيءَ سان جوڙن. اسان ڪهڙي قوم آهيون جو کائون ته سنڌ جو، پر ڳايون ڪنهن ٻئي ملڪ يا نظريئي جو. ڇا اسان دنيا کي ڪو نظريو ڏئي نه ٿا سگهون؟ ڇا اسان سنڌين جو ڪو نظرياتي تشخص ئي ڪونهي؟ سچ پچ ته اڄوڪي دور جي اسان سنڌين فقط سنڌي سڏائڻ کي قومي قرض لاهڻ جو واحد ۽ آخري فرض ڄاتو آهي. جڏهن ته اسان ۾ قوم سڏائڻ وارو ڪو به لڇڻ نظر نه ٿو اچي. اها خود-فريبيءَ واري صورتحال ان ڪري پيدا ٿي آهي جو اسان قوم ته ڇا، پر فرد به بڻجي نه سگهيا آهيون. اسان ۾ علم ۽ عالم سان دشمني، نفرت سان محبت، مطلب پرستي سان لڳاءُ جيءَ ۾ جايون ڪري ويٺا آهن. اسان غيرن جي غلامي ته قبول ڪنداسين، پر پنهنجن کي ڀر ۾ به بيهڻ نه ڏينداسين. برابريءَ ۽ همسري اسان جي سوچن ۽ لوچن مان نڪري وئي آهي. ان ڪري اسان جي معاشري ۾ ڪٿي رنگ نسل جو راڄ ٿو هلي ته، ڪٿي ذاتين پاتين جو ظلم ۽ جبر ٿو هلي. زال مڙس جي ٻانهي آهي، ٻار والدين جا خادم آهن، هتي روحانيت جي نالي ۾ پيرن ۽ فقيرن جا راڄ آهن، غربت ۽ افلاس ڪري ماڻهن جون سوچون ۽ لوچن وڏيرن جون جاگيرون بڻجي چڪيون آهن. هتي، اسان جي معاشري ۾ جيڪڏهن عملدار رعيت آزار نه ٿئي، جيڪڏهن ويڄ عوام جو رت نه چوسي ۽ جيڪڏهن ماڻهو ماڻهوءَ جو ويري نه ٿئي، جيڪڏهن ٻه اکر پڙهي ڪو سازشون ۽ مخالفون نه ڪري ته پوءِ ڏاهو، عاقل ۽ بالغ سنڌي ڪيئن سڏائيندو؟
نانگن وير وٺڻ وساري ڇڏيو، پر اسان ڪنهن کي به معاف نه ٿا ڪريون. اسان جي انا پرستي ايترو ته ڪنڌ تي چڙهي وئي آهي جو عزت ۽ محبت، ايثار ۽ وفاداري جاڳڻ اسان لاءِ بي ڪار ۽ بي سود بڻجي ويا آهيون. هي ڪهڙا مامرا ۽ مسئلا آهن، جن اسان کان ماڻهو ٿيڻ، قوم ٿيڻ ۽ دنيا جي اڳواڻي ڪرڻ کان ڪوهين ڏور رکيو آهي.
هيءَ اسان جي ڪهڙي سنڌ آهي، جنهن جي گهر گهر ۾ اختلاف آهي؟ شهر شهر ۾ وڳوڙ آهي؟ دلين ۾ ڪدورت آهي، ذهنن ۾ خلل آهي ۽ زبانن ۾ زهر آهي؟ هي اسان جا ڪهڙا افعال آهن جو ڌرتي پنهنجي پيرن هيٺان کسڪندي پئي وڃي. اهي اسان جون ڪهڙيون خطائون آهن، جن ڪري ڌرتيءَ تان اسان کان مالڪاڻا حق کسبا پيا وڃن؟ حالتن اسان کي ڪهڙيءَ سزا جي ڏوهه ۾ غيرن جي پيرن ڌوئي پيئڻ جو عادي بڻائي ڇڏيو آهي. هي سنڌ جي عظيم قوم کي ڇا ٿيو آهي ۽ ڇو ٿيو آهي؟
سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ جي هن دور ۾ اسان ڪٿي آهيون؟ اسان نفرتن ۽ دشمنن جي ڪهڙي سائنس ۽ ٽيڪنالاجيءَ کي هٿي ڏئي رهيا آهيون؟ اسان کي هوش ڪڏهن ايندو؟ اسان دنيا ۽ پنهنجي ڀيٽ ڪڏهن ڪنداسين؟ اسان پنهنجي ماضيءَ ۽ حال جي فرق کي ڪڏهن محسوس ڪنداسين؟
Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.
Website: www.drpathan.com