3-Document

 

 

 

پيغامِ حق

يعني

مُسلم ليگ

۽

ڪانگريس جي حقيقت

از

غلام احمد نظامي ڪراچي

پبلشر غلام احمد حاجي محمد صديق سيڪريٽري جمعيت الاحوالي

شڪارپوري محلا سفيد قبر ڪراچي مان پڌرو ڪيو.

۽ پرنٽر مولابخش عبدالصمد بلوچ ليٿو پرنٽنگ پريس لارينس روڊ ڪراچي.

قيمت: 6 روپيه

 

 

ڪانگريس ۽ مسلم ليگ

هن وقت هندوستان ۾ هڪڙا مسلمان ڪانگريس ۾ شامل آهن ۽ ٻيا مسلم ليگ ۾. جيڪي ڪانگريس سان شامل آهن تن جو چوڻ آهي ته مسلم ليگ هڪ بي عمل رجعت پسند ٽوڊين ۽ سرڪاري سرن جي جماعت آهي. اهي بجاءِ آزاديءَ لاءِ لڙڻ جي حڪومت جي وفاداري جا گيت ڳائيندا رهندا. مسلم ليگ وارن جو چوڻ آهي ته جيڪي مسلمان ڪانگريس ۾ آهن سي قوم جا غدار آهن ۽ سخت غلطيون ڪري رهيا آهن. ڇو ته انهن کي گهربو هو اول پنهنجي ڀائرن جي جماعت ۾ شامل ٿي پنهنجي قوم کي تنظيم سان مضبوط ڪري هڪ جماعت ٿي پوءِ ڪانگريس ۾ شامل ٿين ها مگر انهن پنهنجي قوم کي ڇڏي جلدبازيءَ کان ڪم ورتو آهي. تنهنڪري هو غدار آهن ۽ غلطي تي آهن.

هي هر ڪنهن کي ملزم آهي ته موجوده آزاديءَ جي لڙائي توپن ۽ تلوارن جي ڪانهي بلڪه قلم ۽ دماغ ڪثرت ۽ قلت جي جنگ ۽ سياسي شطرنج جو کيل آهي. تنهنڪري هن وقت جنهن وٽ اهو خزانو موجود هوندو سو يقينن ڪامياب ٿيندو. انهيءَ کان ڪو به انڪار نه ڪندو ته اسان جا غيرمسلم وطني ڀائر علم توڙي دولت ۾ ڪمال پيدا ڪري شهر ۽ ڳوٺن بازار توڙي سرڪاري دفترن تي پورو قبضو ڪري چڪا آهن. هو سياست جي تمام ور ۽ پيچن کان خوب واقف ٿي چڪا آهن. تعداد جي لحاظ  سان به هو ڪثرت ۾ آهن برخلاف انهن جي مسلمان قوم، مفلس، مزدور بي آشيانه ۽ مقروض علم ۾ پٺتي، تجارت کان دور تعداد ۾ ٿورا. اهڙي حالت ۾ هو دور انديشي ڪري ڪانگريس ۾ چند شرائطن سان شريڪ ٿيڻ گهرن ٿا ته جيئن هو پنهنجي ڪمزور حالت سان طاقت جي هٿان ذليل نه ٿين ته مٿن مسخري ڪئي پئي وڃي. عام مسلمان جيڪي ٿورا گهڻا ڪانگريس ۾ شامل آهن سي ڪانگريس جي مهاسڀائي ذهنيت کان چڱي طرح واقف آهن. مگر هو انهي ڪري مجبور ٿيا آهن جو جمعيت العما ڪانگريس سان شامل آهي.

غور سان ڏٺو وڃي ته مسلم ليگ هن وقت اها مسلم ليگ ڪانهي جنهن ۾ ٽو ڊي ۽ سرڪاري خوشامدي شامل هجي. هن وقت مسلم ليگ ۾ وڏو حصو انهن مجاهدن جو آهي جن خلاف تحريڪ ۾ آزاديءَ لاءِ هر ڪا قرباني ڪئي. علاوه ان جي علماءِ ڪرام جو به چڱو تعداد شريڪ آهي.

هندو مسلم اتحاد

هندو ۽ مسلم اتحاد لاءِ هن کان اڳ به ڪيترائي دفعا ڪوشش ٿي. مگر ڪانگريسي ليڊرن جي مهاسڀائي ذهنيت ڪو نه ڪو اٽڪاءَ پيدا ڪندي رهي ڇو ته هندو مسلم اتحاد ۾ رڪاوٽ پيدا ڪندڙ هميشه اها ڳئو ماتا رهي آهي جنهن کي هندو پنهنجي ديوتا سمجهي پوڄا ڪندا رهيا آهن. اها ڳئون ماتا هميشه هندو قوم ۾ مسلمانن جي خلاف جوش پيدا ڪرڻ لاءِ هڪ ڪارگرهٿيار ثابت ٿيندو رهيو آهي. ڇاڪاڻ ته عام هندوئن کي سوراج جي معنيٰ اها ٻڌائي وئي آهي ته ڳئون ماتا جو بچاءُ ڪرڻ لاءِ اسان هندو راج قائم ڪرڻ گهرون ٿا. هندوستان جا اصلي رهاڪو هندو آهن. مسلمان ۽ عيسائي ٻاهران آيل آهن مسلمان بادشاهن اسان هندوئن تي ڏاڍا ظلم ڪيا آهن مسلمانن ۽ عيسائي اسان جي ڳئون ماتا کي قربان ڪري اسان جي ملڪ کي ناس ڪري رهيا آهن. ٻئي طرف مسلمانن کي چئي رهيا آهن ته اوهان اسان جا ڀائر آهيو اچو ته ملي انگريزن کي هتان ڪڍون ۽ پوءِ هندوستان ۾ گڏجي حڪومت هلايون ۽ انگريزن سان لنڊن ۾ کاڌا کائي شراب پي انهن کي ڪن ۾ ٻڌائي رهاي آهن ته اوهان اسان تي ڪاوڙ نه ڪريو اسان اوهان جا خيرخواهه آهيون. اسان جو اوهان کانسواءِ ٻيو ڪير مددگار آهي. مسلمانن کي ته مسلماني حڪومتن تي ناز آهي اسان سڀ ڪجهه اوهان جي سايه هيٺ گهرون ٿا. اسان غدر 1857ع کان وٺي هميشه اوهان سان وفادار ٿي رهندا اچون ٿا پر اوهان به اسان تي مهربان ٿي رهو. اها ئي ٻه رنگي پاليسي ۽ بدنيتي آهي. جيڪا هندو مسلمانن کي نه ملڻ ڏنو آهي نه ملڻ ڏيندي. هوڏانهن حڪومت جو به ساڳيو مقصد آهي جيڪو هندو قوم پورو ڪري رهي آهي.

غدر 1857ع

غدر 1857ع ۾ اها آزادي جي لڙائي هئي جيئن وقت هندستانين وٽ هٿيار هئا. انهن وٽ مسلمانن کي ڪهڙي ريت ڌوڪو ڏنو ويو تنهن لاءِ تاريخ غدر دهلي پڙهي ڏسو انهي غدر کان بعد مسلمان قوم پٺتي پوڻ لڳي. ڇو ته هر طرف گورنمينٽ تمام مسلمانن کي بدگمان ٿي چڪي هئي. يورپين قوم مسلمانن کي دشمن جي حيثيت سان ڏسي رهي هئي. انگريزي اخبارن ۾ مسلمانن جي خلاف خوب مضامين شايع ٿي رهيا هئا. ٻئي طرف مسلمانن جي گهرن ۾ ڇهن سئو ورهن جي حڪومت وڃڻ جو ماتم هو. ٽئين طرف علماءَ ڪرام جي فتويٰ هئي ته ڪو به مسلمان انگريزي زبان نه پڙهي. جيڪو انگريزي پڙهندو سو ڪافر آهي. انهن موقعي کانپوءِ هندو قوم خوب فائدو حاصل ڪيو. انهن هڪ طرف انگريزن سان ساز بازپيدا ڪئي ۽ وفاداري جا گيت ڳايا ٻئي طرف جلد انگريزي تعليم حاصل ڪري تمام سرڪاري آفيسن تي قبضو ڪري ورتو. انهن سان گڏ ڳئون ماتا جي رکشا جي بهاني سان مسلمانن جي خلاف پنهنجو پراڻو ڇوت ڇات جو اوزار ڪم آڻي مسلمانن کي اقتصادي حالت ۾ ڪمزور ڪيو ويو.

هندوستان ۾ مسلمانن ڇهه سئو ورهيه حڪومت ڪئي تاريخ شاهد آهي ته انهن ڇهن سئو ورهين ۾ هندو مسلمانن جا ڪهڙا تعلقات رهيا.

ڇوت ڇات جو نالو به ڪو نه هو. هندو مسلمان گڏجي کائيندا هئا. هڪٻئي جي شادي غميءَ ۾ شريڪ ٿيندا هئا. نه صرف اهو بلڪه ڪيترن مغل شهزادن جي گهرن ۾ هندو راڻيون هيون. مگر غدر 1857ع کان بعد حڪومت ۽ هندو قوم گڏجي مسلمانن کي پوئتي وڌو.

ارڙهن سالن بعد يعني 1875ع ۾ وري مسلمانن تي الله جو فضل شروع ٿيو جيڪو قوم کي سر سيد رحمت الله عليہ جهڙو رهنما ملي ويو جنهن قوم جي بيماري کي ڏسي علاج شروع ڪيو يعني عليڳڙهه ۾ ڪاليج جو بنياد رکيو. مرحوم سرسيد رحمت الله عليہ جي خلاف خوب پروپيگنڊا ڪيو ويو کيس ڪافر بڻايو ويو فتوائون ڪڍيون ويون ته ڪو به مسلمان ڪاليج ۾ نه پڙهي. سرسيد اسلام جو دشمن آهي حڪومت جو جاسوس آهي وغيره، پر هن مرد ميدان ڪا به پرواهه نه ڪئي ۽ سڀ ڪجهه صبر سان برداشت ڪري پنهنجو ڪم ڪندو رهيو. جنهن جو نتيجو هي نڪتو جو انهن ڪاليج مولانا محمد علي، شوڪت علي، ظفر علي خان وغيره جهڙا هزارين هيرا پيدا ڪيا.

ڪانگريس

1885ع ۾ هڪ يورپين مسٽر ايلن اڪٽاوين هو برٽش سول سروس کان رٽائرڊ ٿي مسٽر گوڪلي وغيره سان ملي ڪانگريس جو بنياد وڌو ۽ انهن جو پهريون اجلاس 28 ڊسمبر 1885ع ۾ زير صدارت مسٽر ڊبليو بينر جي بمبئي ۾ ٿيو. جنهن سبب سرڪاري خوشامدي ۾ خطاب يافته اصحاب شامل ٿيا. جن سرڪار جي وفاداري جا گيت ڳايا ۽ پنهنجن حقن لاءِ ريزوليشن پاس ڪيا انهي زماني ۾ ڪانگريس ۾ شامل ٿيندڙ ڊيليگيٽ لاءِ اهو شرط هو ته هو انگريزي پڙهيل هجي. اهو شرط انهيءَ ڪري هو ته مسلمان زياده تعداد ۾ حصو نه وٺي سگهن ته جيئن هندو ۽ پارسي قوم جي ڪثرت يعني گهڻائي سان هو پنهنجا حق حڪومت کان حاصل ڪندا رهن.

مسلم ليگ

21 سالن ۾ ڪانگريس خوب ڪم ڪري تمام سرڪار دفترن تي قبضو ڪري ورتو. تڏهن ڪن مسلمانن کي هوش آيو ته دنيا ڪيڏانهن وڃي رهي آهي ۽ اسان خواب غفلت ۾ مدهوش آهيون. ۽ انهن محسوس ڪيو ته اسان کي به پنهنجن حقن لاءِ جماعت بنديءَ جي ضرورت آهي.

آخر نواب سليم الله صاحب مرحوم نواب ڍاڪا جي تحريڪ سان مسلم ليگ جو بنياد وڌو ويو جنهن جو پهريون اجلاس زير صدارت نواب وقار الملڪ صاحب جي 1906ع ۾ ڍاڪا ۾ ٿيو.

مسلم ليگ قائم ٿيڻ سان خوب پروپيگنڊا ڪيو ويو ته اها جماعت حڪومت جي اشاري سان انهي لاءِ قائم ڪئي وئي آهي ته هندو مسلمانن ۾ نفاق پيدا ٿئي.

ٻئي طرف ڪانگريس وارن هندو مسلم اتحاد جو راڳ شروع ڪيو ۽ مسلم ليگ کي شڪست ڏيڻ لاءِ هندو مهاسڀا قائم ڪئي وئي جيڪا هندو مسلم اتحاد جي مخالفت ڪندي رهي جيئن ته ڪانگريس وارن دنيا ۾ مشهور ڪيو هو ته ڪانگريس مشترڪه جماعت آهي. جنهن ۾ هندستان جون سڀ قومون شريڪ آهن تنهنڪري ڪن مسلمانن کي پئسا ڪانگريس ۾ شامل ڪيو ويو.

ڏسو تيج 24 نومبر 1926ع

جهڙيءَ طرح 1907ع تائين ڪانگريس يعني 21 سالن تائين فقط سرڪار جي وفاداريءَ جا گيت ڳائيندي رهي ۽ 1907ع ۾ مسلم ليگ کي شڪست ڏيڻ لاءِ ڪجهه قدم اڳيان وڌايو يعني 1907ع واري ڪانگريس جيڪا زير صدارت راش بهاري گوش جي صورت ۾ ٿي تنهن ۾ هٿيارن جي بندش واري قانون جي مخالف ڪئي وئي ۽ هوم، رول جي گهر ڪئي وئي اهڙيءَ طرح مسلم ليگ به 1910ع تائين سرڪار جي وفاداريءَ جا گيت ڳائيندي رهي ۽ 1910ع کان بعد فرقيوارانه سياست جي محدود دائري کان ٻاهر قدم رکيو ۽ 1911ع واري مسلم ليگ جيڪا زير صدارت ۾ سيد نبي الله شاهه عليگ جي ناگپور ۾ ٿي تنهن ۾ هندو مسلم اتحاد لاءِ ريزوليشن پاس ڪيو ويو، جنهن جو نتيجو هي نڪتو جو 1912ع واري ڪانگريس جيڪا زير صدارت آر اين مدهولڪر بانڪي پور ۾ ٿي تنهن ۾ مسلمانن چڱو حصو ورتو جنهن مان هي صاحب قابل ذڪر آهن:- مولانا حسرت موهاني، مسٽر رحمت الله سياني، سرابراهه رحمت الله، سر حسن امام بدر الدين طيب جي وغيره.

ڳئون ماتا جي مهرباني

1915ع واري مسلم ليگ جيڪا زير صدارت مسٽر محمد علي جناح جي لکنو ۾ ٿي تنهن ۾ زور شور سان هندو مسلم اتحاد کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ريزوليشن پاس ڪيو ويو پر بدقمستيءَ سان ڳئون ماتا هندو مسلمانن ملڻ نه ڏنو ۽ عيد قرباني جي موقعي تي اجوڌيا ۽ مظفرنگر ۾ هندو مسلم فساد ٿي پيو. اڃان هي واقعو تازو هو ته 1917ع ۾ آرا شاهه آباد ۾ عيد قرباني جي موقعي تي 25 هزار هندن اوچتو مسلمانن تي حملو ڪري کين بيدرديءَ سان مارايو. جنهن جو مثال اڳي ڪڏهن به هندستان جي تاريخ ۾ نظر نٿو اچي.

هڪ طرف هندو قوم جي اها حالت ٻئي طرف ڪلڪتا جي هڪ اخبار انڊين ڊيلي نيوز آنحضرت صلي الله عليہ وسلم جي ذات مبارڪ تي ڪمينو حملو ڪيو، جنهنڪري ساري هندوستان جي مسلمانن ۾ جوش پيدا ٿي ويو. انهن واقعن مسلم ليگ کي وڌيڪ طاقتور بڻايو ۽ مولانا عبدالباري مرحوم، مولانا ڪفايت الله، مولانا احمد سعيد، مولانا آزاد سبحاني، مولوي ثناءَ الله وغيره اچي مسلم ليگ ۾ شامل ٿيا.

سياسي بيداري

1919ع جو منحوس ۽ مبارڪ سال هو منحوس انهيءَ ڪري هو جو انهيءَ رولٽ ايڪٽ پاس ڪيو ويو جليانوالہ باغ واري خونريزي ٿي. مبارڪ انهيءَ ڪري هو جو انهيءَ سال هندوستان ۾ آزادي جي سچي لهر پيدا ٿي ۽ هندو مسلمانن ۾ سچو اتحاد ٿي ويو.

رولٽ ايڪٽ جي خلاف مسٽر گانڌي جي حڪم سان ساري هندستان ۾ هڙتال ڪئي وئي. ۽ مسٽر گانڌي کي قوم مهاتما جو لقب ڏنو.

1919ع ۾ هندستان مسلمانن ۾ اهڙو ته اتحاد پيدا ٿي ويو جو هندو مسلمان گڏجي کائو کاڌو امرت سر ۾ ملسمانن رام نومي جي جلوس ۾ حصو ورتو. احمد آباد ۾ مسلمانن ليڊرن کي تلڪ لڳايا ويا. دهلي ۾ سوامي شردها نند کي جامع مسجد جي ممبر تي چاڙهي تقرير ڪرائي وئي. امرتسر واري ڪانگريس جيڪا زير صدارت حڪيم اجمل خان مرحوم ٿي، تنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ بقر عيد تي مسلمان ڳئون قربان نه ڪن. جنهن جو نتيجو هي نڪتو جو ساري هندستان ۾ ڳئون قرباني بند ڪئي وئي.

مطلب ته 1919ع جهڙو اتحاد هندو مسلمانن ۾ شايد وري مشڪل ٿئي. انهيءَ کان بعد ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۾ پورو اشتراڪ عمل ٿي ويو. جتي ڪانگريس جو اجلاس ٿيو ٿي اتي مسلم ليگ جو اجلاس ڪيو ويو ٿي. ته جيئن مسلمان ٻنهي جماعتن ۾ آساني سان حصو وٺي سگهن.

ڪانگريس کان مسلمانن جي عليحدگي

1921ع ۾ ڪانگريس ۽ مسلم ليگ جا اجلاس گڏ احمد آباد ۾ ٿيا. ڪانگريس جو صدر حڪيم اجمل خان صاحب هو. مسلم ليگ جو صدر مولانا حسرت موهاني هو. انهيءَ موقعي تي مولانا حسرت موهاني صاحب ڪانگريس ۾ ڪامل آزادي جي تجويز پيش ڪئي، جنهن جي مهاتما گانڌي ۽ هندو قوم سخت مخالفت ڪئي. جنهنڪري مسلمانن جو وڏو حصو ڪانگريس کان جدا ٿي ويو.

1923ع ۾ جڏهن ڪانگريس جي پوزيشن بلڪل خراب ٿي چڪي هئي تڏهن حڪومت موقعو ڏسي سوامي شڌانند ۽ ٻين ڪيترن سياسي قيدين کي ڪن شرطن سان آزاد ڪيو. سوامي صاحب جيل مان ٻاهر نڪري ملڪانه آگره جي مقروض مسلمانن ۾ شدهي جو ڪم شروع ڪري ڏنو.

انهن کي مرتد بڻايو ويو. هن وقت ڪن علمائن مقابلي جي تياري ڪئي.  پر ڪانگريسي ملسمانن کين روڪيندا رهيا. آخر جڏهن پاڻي سر کان مٿي چڙهي آيو تڏهن لاچار جمعيت العلماءِ ۽ ٻيا مولوي ڪانگريسي مسلمانن جي ڪا به پرواهه نه ڪري ميدان ۾ ڪاهي پيا ۽ خوب تبليغ جو ڪم شروع ڪري ڏنائون.

هوڏانهن هندو مهاسڀا سنگٽن جو ڪم شروع ڪري ڏنو. اکاڙا قائم ڪيا ويا. مسجدن اڳيان باجا وڄايا ويا جنهنڪري ساري هندستان ۾ هندو مسلمانن جا فساد شروع ٿي ويا. اها حالت ڏسي 2 سيپٽمبر 1924ع ۾ مهاتما گانڌي اعلان ڪيو ته جيڪڏهن هندو مسلمان اهو شدهي ۽ تبليغ جو ڪم بند نه ڪندا ته مان جيل ۾ فاقو ڪڍي جان ڏيندس. انهيءَ اعلان گانڌي جي چيلن جو سک ڦٽائي ڇڏيو ۽ انهن گڏجي فيصلو ڪيو ته اهو شدهي ۽ تبليغ جو ڪم بند ڪيو وڃي.

درحقيقت اها به هندو قوم جي هڪ چال هئي ڇو ته جيئن وقت مسلمانن تبليغ جو ڪم شروع ڪيو ته شدهي وارن جو هوش گم ٿي ويو. انهن ڏٺو ته حق ۽ باطل ۾ ڪهڙو فرق آهي. جيڪڏهن تبليغ جو ڪم بند نه ڪيو وڃي ها ته دنيا ڏسي وٺي ها ته ٿوري وقت ۾ هندوستان جا اٺ ڪروڙ مسلمان ارڙهن ڪروڙ ٿي وڃن ها. ڪثرت تي ناز ڪندڙن جو ڪنڌ هيٺ ٿي پوي ها. آخر وڏن وڏن ليڊرن جي چوڻ تي مهاتما گانڌي جي جان بچائڻ لاءِ شدهي ۽ تبليغ جو ڪم بند ڪيو ويو ۽ وري هندو مسلم اتحاد جو تماشو شروع ڪيو ويو. انهيءَ سال مسلم ليگ جو اجلاس زير صدارت مسٽر محمد علي جناح لاهور ۾ ٿيو. جتي مسٽر محمد علي جناح ڪانگريس سان پڪو اتحاد ڪرڻ لاءِ چوڏهن شرط پيش ڪيا جنهن جي سڀني علمائن تائيد ڪئي. 1925ع ۾ ڪانگريس مسلم ليگ جا اجلاس گڏ ڪلتڪا ۾ ٿيا. انهيءَ سال ڪانگريس ۾ نهرو رپورٽ پيش ڪئي وئي جنهن جي مسلمانن سخت مخالفت ڪئي ۽ وري ڪانگريس کان ڌار ٿي ويا. وري 20 مارچ 1927ع زير صدارت مسٽر محمد علي جناح دهلي ۾ مسلم ليگ جو اسپيشل اجلاس سڏايو ويو جنهن ۾ مرحوم مولانا محمد علي، شوڪت علي، مولوي شفيع دائودي، مولانا عرفان سيد مرتضيٰ شاهه وغيره حصو ورتو انهي اجلاس ۾ گڏيل انتخاب کي چند شرائطن سان انهي ڪري قبول ڪيو ويو ته جيئن ڪانگريس ۽ مسلم ليگ ۾ اتحاد ٿي وڃي پر مغرور ڪانگريس ڪو به خيال نه ڏنو ۽ برخلاف انهي جي هندو مهاسڀا جي اشاري تي مسجدن جي اڳيان باجا وڄائي هر طرف فساد برپا ڪيا ويا. انهيءَ زماني ۾ جمعيت العلماءِ به ڪانگريس کان جدا هئي. 1929ع ۾ قومپرست مسلمانن هڪ جماعت نالي مسلم نيشنلسٽ پارٽي قائم ڪئي جنهن جو پهريون جلسو زير صدارت مولانا ابوالڪلام آزاد صاحب الهه آباد ۾ ٿيو.

اها حالت ڏسي ڪانگريس وارن جو ڪجهه نشو دور ٿيو ۽ لاهور واري ڪانگريس جيڪا زير صدارت جواهر لال نهرو منعقد ٿي جنهن ۾ نهرو رپورٽ کي رد ڪيو ويو ۽ ڪامل آزادي جو اعلان ڪيو ويو. جنهنڪري مسلمانن وري ڪانگريس ۾ دلچسپي وٺڻ شروع ڪئي انهيءَ ڪامل آزادي جي جڏهن تشريح پڇي وئي ته ٻڌايو ويو ته اسان گورنمينٽ جي زير سايه آزادي گهرون ٿا. 1935ع ۾ حڪومت انڊيا ايڪٽ 1937ع جو اعلان ڪيو جنهن ۾ سنڌ وغيره جي جدائي بابت ۽ وزارتن جو ذڪر هو تنهن جي هندو قوم مخالفت ڪئي پر موقع تي يڪدم وڃي ڪونسل تي قبضو ڪيو هن وقت فيڊريشن جي به ڪانگريس جي صدر صاحب سڀاش چند بوش سخت مخالفت ڪئي آهي مگر جواهر لال نهرو يورپ ۾ وڃي معمولي ترميمون ڪرائڻ لاءِ زور ڏئي رهيو آهي. نيٺ نتيجو هي نڪرندو جو ڪانگريس خوشيءَ سان فيڊريشن قبوليندي.

اڇوتن ۾ تبليغ اسلام جو ڪم زوردار ڏسي مهاتما جو سک ڦٽي پيو ۽ فاقا ڪاٽڻ لڳو ۽ جڏهن تبليغ جو ڪم بند ٿيو ته پاڻ اڇوت اڌار جي ڪم کي لڳي ويو. انهيءَ موقعي تي انهن سڀني ڪانگريسي هندو مسلمانن جا چپ بند ٿي ويا جن تلبيغ جي ڪم کي روڪڻ لاءِ هر ڪا ڪوشش ورتي.

آخري نوٽ

مطلب ته جڏهن جڏهن مسلمانن ۾ ڪجهه سياسي يا مذهبي بيداري پيدا ٿي آهي ته انهن ڪامل آزاديءَ جي پوڄارين مسلمانن کي تنظيم کان پري رکڻ. انهن ۾ نفاق پيدا ڪرڻ لاءِ اتحاد جي بناوٽي راڳ شروع ڪيو آهي. ته جيئن مسلمان قوم هميشه ڪمزور رهي. ساڳيو راڳ جو 1936ع کان شروع ٿيو آهي سو وري تازو بمبئي ۾ شروع ڪيو ويو. هوڏانهن انهن غدار مسلمانن جا پيغام پهچي رهيا هئا ته خبردار انهن سان ڪنهن به قسم جي صلح ڪرڻ اسان جي بيعزتي آهي.

نيٺ نتيجو هي نڪتو جو فقط هڪڙي معمولي ڳالهه تان (يعني مسلم ليگ کي مسلمانن جي واحد نمائنده جماعت تسليم ڪيو وڃي) اتحاد جو تماشو ختم ٿي ويو ۽ جواب ڏنو ويو ته جنهن صورت ۾ مسلمانن جون ٻيون جماعتون جهڙوڪه جمعيت العلماءِ، خدائي خدمتگار ۽ احرار پارٽي وغيره به آهي تنهن صورت ۾ فقط مسلم ليگ کي مسلمانن جي واحد جماعت تسليم نٿو ڪري سگهجي. هن کان اڳ پنڊت جاوهر لال نهرو چيو ته هندستان ۾ ٻه طاقتون آهن هڪ سرڪار برطانيا ٻي ڪانگريس. پر هڪ سال کانپوءِ کيس قبول ڪرڻو پيو ته ٽئين جماعت مسلمانن جي مسلم ليگ آهي ۽ لکنئو پيڪٽ وقت بابو چندر پرشاد به قبول ڪيو هو ته مسلم ليگ مسلمانن جي واحد جماعت آهي.

وري انشاءُ الله جنهن وقت ملسم ليگ جو تنظيمي پروگرام عمل ۾ اچڻ شروع ٿي ويو ته خود بخود ڪانگريس کي مڃڻو پوندو ته برابر مسلم ليگ مسلمانن جي واحد نمائنده جماعت آهي. تعجب آهي ته ڪانگريس جنهن ۾ ته هندو مهاسڀائي شامل نه 10 ڪروڙ اڇوت، نه پارسي، سک وغيره سڀ شريڪ ڏهه ڪروڙ مسلمان (سواءِ چند غدارن جي) شامل هندوستان جي واحد جماعت ٿي سگهي ٿي.

پر مسلم ليگ جا 32 سالن کان قائم آهي جنهن ۾ وڏو حصو مسلمانن جو شامل آهي جنهن سان ڪيئي ڀيرا پاڻ ڪانگريس اشتراڪ عمل ڪري چڪي آهي. سا اڄ مسلمانن جي واحد جماعت ڪانهي. جمعيت العلماءِ خاص علمائن جماعت آهي جنهن جي هن وقت هي حالت آهي جو مولانا ڪفايت الله، مولان احمد سعيد، مولانا حسين احمد مدني چند عالمن جي جماعت وڃي رهي آهي. وڏو حصو علماءِ ڪرام جو عليحده ٿي چڪو آهي. احرار پارٽي پنجاب جي انهن مسلمانن جي پارٽي جن جو مقصد هو ڪشمير ۾ ستياگره ڪرڻ، جنهن جا پوءِ ٻه حصا ٿي پيا. هڪ اتحاد ملت، ٻيا احراري ۽ هن وقت احرار پارٽي جو نالو آهي.

خدائي خدمتگار هڪ سرحدي چند پٺاڻن جي جماعت جو نالو آهي جيڪي خان عبدالغفار جا معتقد آهن.

مسلم ليگي ٽو ڊي آهن

چيو وڃي ٿو ته مسلم ليگ ٽوڊين ۽ رجعت پسندن جي جماعت آهي. جنهن جي جواب ۾ عرض اهي ته هندو مهاسڀا جنهن ۾ ڀائي پرمانند، ڊاڪٽر مونجهي، جيڪر ساپرو، ڊآهولڪر، مدن موهن مالوي وغيره جهڙا تو ڊي شامل آهن. پر هندو قوم بجاءِ انهن کي ٽو ڊي سڏڻ جي عزت جي نگاهه سان ڏسي رهي آهي. هندو قوم پاڻ کي چئن حصن ۾ ورهائي ڪم ڪري رهي آهي هڪڙا اهي جيڪي خاص ڪانگريسي آهن ٻيا فقط مهاسڀائي آهن، ٽيا اهي جيڪي ڪانگريس ۾ به آهن ۽ مهاسڀا ۾ به آهن چوٿان نه ڪانگريس ۽ نه مهاسڀا ۾ خاص حڪومت جا يار وفادار آهن. مسلمانن جي بدبختي چئبي جو ڪن مسلمانن انهي مسلم ليگ کي ڪجهه وقت کان مرده ٿي چڪي هئي تنهن ۾ نئين سر روح پيدا ڪري مسلمانن کي تنظيم ۽ يڪجهتي پيدا ڪرڻ لاءِ هڪڙي مرڪز تي آڻڻ جي ڪوشش شروع ڪئي آهي ته نام نهاد مسلمانن کڻي هاءِ گهوڙا مچائي آهي ۽ هند هند عيب جوئي شروع ڪري ڏني اٿن. مثل مشهور آهي ته جماعت ماڻهن سان جڙندي آهي ماڻهو جماعت سان ڪو نه جڙندا آهن اها ساڳئي مسلم ليگ آهي جنهن جو 1919ع ۾ صدر حڪيم اجمل خان مرحوم هو. اها ساڳئي مسلم ليگ آهي جنهن جو 1920ع ۾ صدر ڊاڪٽر انصاري هو.

اها ساڳئي مسلم ليگ آهي جنهن جو 1921ع ۾ صدر مولانا حسرت موهاني هو. جنهن ۾ مولانا ڪفايت الله، مولانا احمد سعيد وغيره سڀ شامل هئا. اها ساڳئي مسلم ليگ آهي جنهن ۾ هن وقت مولانا حسرت موهاني مولانا ظفر علي خان صاحب، مولانا شوڪت علي، مولانا عبدالحامد بدايوني، مولانا اشرف علي صاحب ٿانوي، مولانا محمد شعيب ناظم، جمعيت العلماءِ صوبه سرحد، مولانا غلام بيگ نيرنگ صاحب، مولانا جمال الدين، مولانا عبدالباري صاحب، مولانا صبغت الله فرنگي محل، مولانا مظهرالدين شير ڪوٽي، ايڊيٽر الامان، مولانا محمد عمر صاحب نعماني شملا، مولانا ابوالقاسم فضل الحق بنگال، مولانا عبدالصمد صاحب ناظم جمعيت العلماءِ صوبه متحده، مولانا قاضي عبدالغفار صاحب ايڊيٽر پيام وغيره ۽ پنجاب جون تمام اخبارون. دهلي جون تمام اخبارون سواءِ الجمعيت ۽ انصاري جي ۽ مجنور جي مدينه ۽ سنڌ جي اصلاح جي شامل آهن.

قائداعظم مختار الملڪ مسٽر محمد علي صاحب جناح

چيو وڃي ٿو ته مسلم ليگ جو صدر هڪ ٽوڊي ۽ شيعو آهي اهو اعتراف انهيءَ جماعت جو آهي جيڪي ڪڏهن خداپرست هئا اڄ هو پاڻ کي وطن پرست سڏائي رهيا آهن جن کي الله تعاليٰ تمام قومن جو سردار سڏيو تن جو سردار هڪ مشرڪ ۽ ملحد آهي. هي اها جماعت آهي جنهن ڪامل آزادي جو اعلان ڪري سرڪار برطانيا جي وفاداري جو قسم کائي ڪونسل جي ڪرسي کي آزادي سمجهيو آهي. مسلم ليگ هڪ سياسي جماعت آهي انهي جو اڳواڻ به سياست جو ماهر هئڻ گهرجي.

مسٽر جناح بابت مخالفن جي به اها راءِ اهي ته هو سٺي دماغ جو سياستدان آهي. هندو قوم گانڌيءَ کي پنهنجو اڳواڻ بڻائڻ وقت اهو اعتراض ڪو نه اٿاريو ته گانڌي هڪ بئريسٽر آهي ۽ ويش قوم جي مان آهي هو برهمڻ ۽ کترين جو اڳواڻ نٿو ٿي سگهي.

هو پنڊتن ۽ سوامين جو رهنما نٿو ٿي سگهي. گانڌي هڪ مسٽر آهي انهن هڪ مسٽر کي مهاتما جو لقب ڏئي عزت ڏني. مسٽر محمد علي جناح هڪ ڪلمه گومسلمان آهي انهي کي انهن عالمن ۽ ليڊرن ۽ عام مسلمانن گڏجي پنهنجو اڳواڻ بڻايو آهي جن هر ڪنهن قومي تحريڪ ۾ حصو وٺي قرباني ڪئي آهي. انهن جواهرلال جهڙي ملحد گانڌي جهڙي ٻه روپي ٻاپوکي اڳواڻ ڪو نه بڻايو آهي.

جيڪي صاحب چون ٿا ته مسلمانن کي اکيون پوري ڪانگريس ۾ شامل ٿي ڪانگريس تي قبضو ڪرڻ گهرجي تن کي اهو به سوچڻ گهرجي ته فرض ڪيو سڄي هندوستان جا مسلمان سڀ کڻي ڪانگريس ۾ شامل ٿين ته جملا ڪروڙ مسلمان ٿيندا. هوڏانهن هندو به سڀ ڪانگريس ۾ شامل ٿين ۽ ضرور ٿيندا ته 23 ڪروڙ ٿيندا. وري به ڪثرت هندو قوم جي رهندي. انهيءَ ڪري مسٽر جناح اهو شرط پيش ڪيو ته مسلمانن جون سيٽون جدا مقرر ڪيون وڃن ۽ مرڪز ۾ ميمبرن جو تعداد ڪثرت توڙي قلت وارين قومن جو هڪ جيٽرو هجي ڇو ته اڄ ڪلمه دنيا ۾ تلوار جي لڙائي ڪانهي. ڪثرت ۽ قلت قلم ۽ اخبار جي لڙائي آهي جنهن قوم وٽ زياده اخبارون آهن اها ڪامياب آهي.

هن وقت جيڪي مسلمان اکيون پوري وزارت جي لالچ ڪري يا انهي ڪري ڪانگريس ۾ شامل ٿيا آهن جمعيت العلماءِ ڪانگريس سان شامل آهي تن جي خدمت ۾ عرض آهي ته عزيزو اوهان جي دل ۾ جيڪڏهن ملت جو سچو درد آهي جيڪڏهن اوهان پنهنجي قوم کي هڪ مرڪز تي جمع ڏسڻ گهرو ٿا انهن کي تنظيم جي طات سان مضبوط بڻائڻ گهرو ٿا ته هن تقليد جي بت کي پرزا پرزا ڪري مسلم ليگ ۾ شامل ٿي وڃون ۽ جيڪڏهن ڪانگريس ۾ شامل ٿيو ته اول پنهنيج قوم کي هڪ مرڪز تي مضبوط بڻائي يڪجهتي پيدا ڪري گڏجي عزت سان ڪانگريس ۾ شامل ٿيو. باقي هن ڇڙوڇڙ حالت ۾ مسلمانن کي هڪ طرف انگريزن جو ٻئي طرف هندن جو غلام ٿي رهڻو پوندو.

مسلمان ۽ آزادي

رهيو آزادي جو سوال تنهن بابت عرض آهي ته دنيا ۾ اهڙو ڪهڙو بدبخت انسان هوندو جنهن کي آزادي پسند نه هوندي جڏهن ته حيوان به آزاديءَ کي پسند ڪن ٿا تڏهن انسان اشرف المخلوقات آزادي کي پسند نه ڪندو اهو ناممڪن آهي. اڄ دنيا جون ٻيون قومون هندوستان وارن کي انهي ڪري نفرت سان ڏسي رهيون آهن جو هو نه صرف پاڻ غلام آهن بلڪه انهن جي ڪري ٻيون ڪيتريون قومون غلام آهن. چيو وڃي ٿو ته جيسين هندو مسلمان پاڻ ۾ اتفاق ڪري ڪانگريس کي طاقتور نه بڻائيندا تيسين آزادي حاصل نه ٿيندي. اهو بلڪل سچ آهي. انهي کان ڪنهن کي به انڪار ڪونهي. بشرطيڪ جيڪڏهن ڪانگريس صحيح معنيٰ ۾ ڪانگريس ٿي ڪم ڪري. سچو اتحاد تڏهن ٿيندو جڏهن ٻنهي قومن جون نيتون صاف هجن. هندو قوم جي اها نيت ته اول انگريزن کي هندستان مان ڪڍيو وڃي پوءِ مسلمانن کي ڪڍي رام راڄ قائم ڪجي. معمولي جانور يعني ڳئون لاءِ انسان ذات کي تڪليف ڏني وڃي انهن جون خون ڪيو وڃي.

اها اردو زبان جيڪا عربي فارسي، هندي مان هندوستان ۾ هندو مسلمانن لاءِ مشترڪه زبان تيار ڪئي وئي تنهنجي مخالفت ڪري هندي جو پرچار ڪيو وڃي. مسلمانن جي جذباتن کي ڀڙڪائڻ لاء مسجد جي اڳيان باجا وڄايا وڃن. اهڙيون ڪيئي ڳالهيون آهن جيڪي هميشه اتحاد ۾ خلل پيدا ڪنديون رهن ٿيون. اهو ئي سبب آهي جو بناوٽي ۽ سياسي اتحاد گهڻو وقت قائم نٿو رهي ۽ انهيءَ بناوٽي سياسي اتحاد سان آزادي حاصل به ڪا نه ٿيندي. سچو اتحاد تڏهن قائم ٿي سگهي ٿو جڏهن سڀ قومون هڪٻئي جي عزت ڪرڻ سکنديون. هن وقت ڪانگريس تي قبضو هندو سرمايه دارن جو آهي جن کي پنهنجي ڪثرت، دولت ۽ طاقت تي ناز آهي. هو ڪمزور قومن کي نفرت جي نگاهه سان ڏسي رهيا آهن هو انگريزن سان پنهنجا مطالبات حاصل ڪرڻ لاءِ وڙهي رهيا آهن پر پنهنجن ڪمزور ڀائرن مسلمانن لاءِ اڇوت وغيره جي مطالبات کي ٺڪرائي رهيا آهن.

برادران اسلام:- ڪانگريس آهستي آهستي پنهنجي اصلي مقصد ڏانهن اچي رهي اهي يعني لالا هرديال جي خيالن کي عملي جامو پهرائي رهي اهي. اها اڇوت اڌار اسڪيم هندي زبان جو پرچار فوجي تعليم وڌيا مندر بندي ماترم جا گيت اهي سڀ لالا هرديال جي خيال جا پرزا آهن. لالا هرديال پنهنجي مضمون ۾ ڏيکاريو آهي ته اول مسلمانن جي خوشامد ڪريو ۽ کين ڪانگريس ۾ ملائي حڪومت کي ڏيکاريو وڃي ته ڪانگريس مشترڪه جماعت آهي. پوءِ حڪومت کان آهستي آهستي حق حاصل ڪجن ۽ جڏهن ڪجهه حق چڱا ملي وڃن ته پوءِ اول هندستان ۾ هندي زبان کي رائج ڪجي ۽ اردو زبان کي بند ڪجي ته جيئن مسلماني ڪلچر ۽ لٽريچر برباد ٿي وڃي ۽ هندو ڪلچر هندو لٽريچر ترقي وٺي. اسڪولن ۽ مدرسن جا نالا بدلائي هندي يعني وڌيا مندر رکڻ گهرجن. مسجد کي پوڄا مندر سڏيو وڃي ٻارڻ کي بندي ماترم جا گيت پڙهايا وڃن. پوءِ اکاڙا قائم ڪري هندو قوم کي طاقتور بڻائجي. فوجي ڪاليجون کولي هندن کي فوجي تعليم ڏجي. دولت ۾ واپار ۾ تعداد ۾ اسان زور آهيون فقط اهي گهٽايون آهن سي جيڪڏهن پوريون ٿيون ته پوءِ يقين ڄاڻو هندوستان ۾ اسان جو اڄ هوندو مسلمانن کي هتان لڏڻو پوندو.

اهڙيءَ طرح هندوستان کي ڳئون ماتا جي دشمن کان خالي ڪرائي شڌ ڀارت بڻائجي. تنهنڪري سخت ضرورت آهي ته مسلمان قوم کي تنظيم جي طاقت سان منظم ڪرڻ انهن ۾ يڪجهتي پيدا ڪرڻ لاءِ انهن کي هڪڙي مرڪز تي جمع ڪيو وڃي. انهيءَ ضرورت کي مدنظر رکي قوم جي خيرخواهه رهنمائن مسلم ليگ کي نئين سر زندهه ڪرڻ شروع ڪيو آهي. تنهنڪري مسلمانن کي گهرجي ته هو ٻه آنا چندو ساليانو ڏئي مسلم ليگ جا ميمبر ٿي وڃن. جنهن وقت مسلمانن ۾ ڪامل اتحاد ٿي ويندو تنهن وقت مغرور ڪانگريس به ڪجهه جهڪندي ۽ آزادي سندن پير چمندي.

اسلام جو اهو خوشنصيب زمانو جنهن کي قرون اعليٰ جو زمانو چيو وڃي ٿو اهو برڪت وارو زمانو جيڪو خلفائي راشدين جي مبارڪ وجود سان روشن هو ان وقت مسلمانن ۾ تنظيم هئڻ ڪري مڪمل اتحاد هو. اخلاق هو، سچائي هئي ۽ روحانيت هئي. دنيا ڏٺو ته چند گودڙي پوش ساري دنيا تي پکڙجي ويا انهن جي صدائي تڪبير قيصر يڪسريٰ جي ڪوٽن جا ڪنگرا ڏڪائي ڇڏيا. انهيءَ زماني جا مسلمان سڀ کان وڏي مصيبت سڀ کان وڏو غضب نفاق کي سمجهندا هئا. درحقيقت نااتفاقي خدائي قهر آهي جنهن کان فرعون جي قوم به پناهه گهري هئي. مسلمانو جيڪڏهن اوهان هن غلامي جي لعنت کان آزاد ٿيڻ گهرن ٿا ته خدارا اميدوار ٿيو.

صبح صادق جي روشني نروار ٿي چڪي آهي. بيدار ٿي پنهنجن انهن غفلت شعار ڀائرن کي هوشيار ڪريو جيڪي مشرڪن جي دام ۾ گرفتار ٿي چڪا آهن ته جيئن ايندڙ انقلاب کان اڳ جنهن جا آثار ظاهر ٿي چڪا آهن هوشيار ٿي سڀني ذاتي ۽ فروعني جهڳڙن کي ڇڏي نفسانيت ۽ ذاتي اغراضن کان دل کي صاف ڪري نااتفاقي  جي باهه کي پريم جي پاڻي سان وسائي ڇاتي ڇاتيءَ سان لائي هڪ ٿي ۽ هڪ مرڪز تي جمع ٿي فقط هڪ خدائي وحد جي ڀروسي تي عمل ۽ ايثار سان دنيا کي ثابت ڪري ڏيکاريون ته مسلمان قوم زندهه آهي. مسلمان سپاهي آهي ۽ آزادي حاصل ڪرڻ سپاهي جو ڪم آهي.

مُسلِم ليگ جي ضرورت

ڪانگريس هڪ مشتروڪه جماعت آهي جنهن ۾ فيصلو به مشترڪه ٿي سگهن ٿا. پر مسلمانن لاءِ هڪ اهڙي جماعت جي سخت ضرورت آهي جنهن جي جهنڊي هيٺ سڀ مسلمان متحد ٿي سگهن ۽ متحد ٿي پنهنجي مالي اقتصادي مذهبي سياسي حالت سڌاري سگهن. جهڙي طرح هندو قوم پنهنجي پنگتي ڌرمي ڪمن لاءِ هندو مهاسڀا قائم ڪئي آهي انهيءَ ضرورت کي پوري ڪرڻ لاءِ نئين سر مسلمانن جي انهي پراڻي جماعت جنهن جو نالو مسلم ليگ آهي زندهه ڪيو ويو آهي. جنهن جا هن وقت هيٺان مقاصد آهن.

(1) هنودستان ۾ ڪامل آزادي لاءِ جدوجهد ڪرڻ.

(2) هندوستاني مسلمانن جي مذهبي سياسي حقن ۽ مفاد جي ترقي لاءِ ڪوشش وٺڻ.

(3) دنياوي اسلام سان رشته اخوت قائم ڪرڻ.

(4) غير قومن سان دوستانه تعلقات وڌائڻ وغيره.

نظامي- ڪراچي

8 آڪٽوبر 1938ع

 

 

درسِ عمل

(1)

اي قوم منتشر ڇو تنهنجو نظام آهي

محفل ۾ هو نه اڳيون اڄ اهتمام آهي

ٿي صبح پُر ملامت ذلت جي شام آهي

(2)

وقت آهي هي عمل جو هوشيار ٿي خدارا

غفلت چڱي نه آهي بيدار ٿي خدارا

تيغ ستم ستمگر ڪڪئي بي نيام آهي

(3)

هوشيار ٿي جيئرو رهڻو اٿئي جهان ۾

غفلت شعار بلبل تو لاءِ بوستان ۾

صياد اڄ پکيڙيو مضبوط دام آهي

(4)

غمگين شمع آهي حيران آهي محفل

ٿي ويو فنا تجمل ويران آهي محفل

ساقي نه ميڪده ۽ شيشو نه جام آهي

(5)

شور ۽ فغان سان گلشن آباد ڪو نه ٿيندو

آرام سان جهان ۾ آزاد ڪو نه ٿيندو

هي آرزو واجهائي هيءَ آس خام آهي

(6)

قبضي ۾ ڪر زمين کي تسخير آسمان ڪر

اُٿ ۽ اُٿي عمل لاءِ تيار ڪارروان ڪر

ساري جهان کي ڏيڻُ حق جو پيام آهي

(7)

هڪ ڪعبه ۽ خدا هڪ، قرآن به آهي هڪڙو

مقصد مڙن جو هڪڙو ايمان آهي هڪڙو

هادي به سڀ جو هڪڙو خيرالانام آهي

(8)

سي هڪ ٿيا جي گڏجي هڪ ٿانوَ ۾ نه کائين

افسوس پر مسلمان هڪ پاڻ ۾ نه آهن

هر ڪنهن جدا بڻايو پنهنجو امام آهي

(9)

نالو وٺي وڏن جو ٿو پاڻ کي ٻڌائين

مرزا، مغل، قريشي، افغان ٿو سڏائين

تنهنجي ڪري وڏن جو بدنام نام آهي

(10)

مطرب جوچنگ بدليو رندن جو رنگ بدليو

واعظ جو وعظ بدليو ليڊر جو ڍنگ بدليو

فتنو فساد جهڳڙو تڪرار عام آهي

(11)

هي نظم آهي تنهنجو درسِ عمل نظامي

هن تي عمل ڪرڻ سان ٿيندي فنا غ

 

 ساري جهان جي ٿيڻو مسلم امام آهي.

 

Good Wishes