ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  اخبار تعليم بابت وڌيڪ احوال“

 
 Mumtaz 11zon
“اخبار تعليم بابت وڌيڪ احوال". مون ھڪ اڌ ڏينھن اڳ "اخبار تعليم" ۾ ڇپيل مواد جي "مواد-ڏسڻيءَ/انڊيڪس" بابت پوسٽ لکي ۽ سنگت کي ٻڌايو تہ بابا سائين ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ اها انڊيس ٺاهي آھي. هي هڪ وڏو ”ريسرچ انسٽرومينٽ" آھي. مون مناسب ڄاتو تہ اڄ ”اخبار تعليم" بابت دوستن کي ڄاڻ ڏيان. مون هيءَ معلومات بہ بابا سائينءَ جي نوٽس مان ورتي آھي. "اخبار تعليم" اپريل 1902ع کان حيدرآباد جي ٽريننگ ڪاليج مان جاري ٿي. هي رسالو شروعات ۾ ٽماهي رسالو هو. پوءِ اپريل 1903ع کان ماهوار ٿيو. رسالي جو ايڊيٽر ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد جو پرنسپال هوندو هو. رسالو پهريون هڪ سال تائين 32 صفحن جو هوندو هو. پوءِ 24 صفحن جو ڪيو ويو. پهريون سال رسالي جو ساليانو چندو هڪ روپيو هئو, پوءِ اهو وڌائي ٻہ روپيا ڪيو ويو. شروعاتي ڏينھن ۾ رسالو حيدرآباد جي "قيصريہ پريس" ۾ ڇپبو هو. "اخبار تعليم" جو مواد نثر خواه نظم تي مشتمل هوندو هو ۽ ان جا ليکڪ اڪثر ڪري استاد ئي هوندا هئا. "عام خبرون" ۽ ”چٽڪا" رسالي جا مستقل ڪالم هوندا هئا. "عام خبرون" ڪالم ۾ اڪثر ڪري سنڌ بابت خبرون ڏنيون وينديون هيون. اپريل 1902 واري پرچي ۾ ”عام خبرون" هن ريت ڏنيون ويون آھن: " ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد ضلع ۾ پليگ جي بيماري هاڻي هلندڙ آھي. ڪراچيءَ جي شھر ۾ سراسري ڏه پندرنھن ڪيس روز ٿين ٿا, ڪوٽڙيءَ ۾ ٻہ ٽي روز. حيدرآباد شھر ۾ اها بيماري ڏاڍي پکڙجي وئي آھي. ويهن کان ٽيھہ موت روز ٿين ٿا. حيدرآباد ضلع ۾ ٽنڊو آدم, گدو بندر, اڏيري لعل, ٽنڊوالهيار ۽ ٻين ڪيترن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ اها بيماري ٿي آھي. پليگ وقت اسان کي ڇا ڪرڻ گهرجي, ان بابت اسان هتي لکندا رهنداسين". "اخبار تعليم" ۾ تعليم, علم ادب, تاريخ, اخلاقيات ۽ سائنس خواه سوانحيات تي مضمون ڇپبا هئا. انهن مان ڪي مثال/عنوان هيٺ ڏيان ٿو: [علم ادب]:
1. "سنڌي شاعري" (ليکڪ محمد صديق مسافر/ آڪٽوبر 1906),
2. "فصاحت" (جان محمد عباسي/ آگسٽ 1908),
3. "سنڌي نظم" (محمد هارون/مئي 1913),
4. "مضمون نويسي" (گل محمد آزاد/ اپريل 1914) [اخلاقيات]:
1."دوستي ۽ دشمني ڪهڙي شي آهي" (عبدالغفور هالائي/ جنوري 1905),
2. "دانائن جا قول" (واڌومل مولچند/ مارچ 1911),
3. "سرير هڪ عجيب مندر آھي" (مولچند منشي) [سنڌ جا ڳوٺ]:
1. "برهمڻ آباد" (جون 1902),
2. "سيوهڻ" (ليکڪ ف.و.ب/ جون 1905),
3. "ڪوٽ ڏيجي" (پير بخش/جنوري 1909),
4. "ٺٽي جو بيان" (عبدالڪريم/ نومبر 1909). [تعليم]:
1. ”اسڪول ماسٽر" (ڪوڙومل چندنمل/ جون 1902),
2. "آمريڪا ۾ سکيا جي سنهنجائي" (پهلاجراءِ واسواڻي/ جولاءِ 1906),
3. "تعليم جي مراد" (ڄيٺانند/ جنوري 1909),
4. "مسلمانن جي زناني تعليم" (حمزه علي/نومبر 1913). [سوانح]:
1. "لارڊ ڊفرن" (مئي 1902),
2. "غلام شاه ڪلهوڙو" (آڪٽوبر 1902),
3. "سلطانيہ رضيہ بيگم" (مئي 1903),
4. "شاه عنايت الله" (اپريل 1906) "اخبار تعليم" جي شروعاتي پرچن ۾ ٻارن بابت شاعري ڇپبي هئي. پوءِ شاعرن جو معياري شعر بہ ڇپجڻ لڳو. آڪٽوبر 1902 جي پرچي ۾ ٻارن بابت هيءَ شاعري ڇپي: "ٻارن لاءِ ڪسرتي گيت" اچو بهون ٿا هٿ ڏئي, سوان سڌا ٿي ڪثرت لئي. گهڻئ خوشئ ۽ ڌيرج ساڻ, تاڙيون وڄايون ڳايون هاڻ. پنهنجي ڪم تي رهون تيار, مزو اسان جي آھي قطار. [گيت وڏو آھي ۽ مون ان مان هڪ بند مثال طور ڏنو آهي] "اخبار تعليم" بابت هن ليک لکڻ جو منھنجو مقصد اهو آهي تہ:
1. آڳاٽن رسالن بابت ڄاڻ ڏئي سگهان,
2. اڄوڪي ۽ ماضيءَ جي ٻولي ۽ ان جي اسلوب کي سمجهڻ لاءِ مواد فرهم ڪريان,
3. اڄوڪين لکڻين ۽ ماضيءَ جي لکڻين جي عنوانن ۽ موضوعن جي ڀيٽ لاءِ مواد مهيا ڪريان,
4. اهو بانور ڪرائي سگهان تہ منهنجي والد صاحب واقعي پڙھڻ ۽ لکڻ ۾ منفرد مثال قائم ڪيا آھن.

Good Wishes