20190526 133827

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


  ” شڪارپور ضلعي بابت گل حيات ۾ گڏ ڪيل مواد

 
سنڌ جو چپو چپو پنهنجي پنهنجي حيثيت ۽ عظمت رکي ٿو .سنڌ سڄي سون آھي ان ڪري ڪنهن بہ شھر،تعلقي يا ضلعي کي پتل مان جڙيل چئي نٿو سگهجي. پر ھي ڳالھ ضرور آھي تہ ھر ڪنهن شھر.تعلقي ۽ ضلعي جي ڪانہ ڪا منفرد حيثيت ضرور ٿئي ٿي جيڪا کيس ٻين ھنڌن ۽ ماڳن کان مختلف ڪري بيھاري ٿي.
شڪارپور جو ضلعو تاريخي طور تي تہ ايترو پراڻو ڪونهي پر تاريخ ۾ ھن شھر ۽ ضلعي گھڻين ڳالھين جي ڪري منفرد حيثيت ورتي ۽ سڄي سنڌ تي اثر انداز ٿيو.جڏھن انگريز سنڌ تي قبضو ڪري حڪمران ٿيا تہ انهن پھريون ڪراچي، حيدرآباد ۽ شڪارپور جا ٽي ضلعا ٺاھيا . اتر سنڌ ۾ باقي جيڪي ضلعا ٺھيا، انهن شڪارپور جي ڪک مان ئي جنم ورتو. انگريزن جي اچڻ کان اڳ ۾ ھي شھر افغانين جي تسلط ھيٺ رھيو. ان ڪري ارغونن ۽ ترخانن کان پوء افغانن ۽ پٺاڻن ھن خطي جي حوالي سان سنڌ جي سماج ۽ سياست تي گھرا اثر وڌا. ٽالپورن جي زماني ۾ حيدرآبادي حڪمرانن طرفان هتي گورنر مقرر ٿيندا ھئا. انهي زماني ۾ پنجاب جي رنجيت سنگ ڪيترا دفعا ڪوشش ڪئي تہ شڪارپور تي چڙھائي ڪري قبضو ڪجي. انگريزن جڏھن افغانستان سان جنگ جوٽڻ جو فيصلو ڪيو تہ شڪارپور انهن جي فوجي سرگرمين جو  اتر سنڌ ۾ مرڪز بڻجي ويو. سنڌ جي ڪيترن غدارن ۽ خوشامدڙين اناج ۽ اٺن وغيره جي خريداري ۾ انگريزن جي مدد ڪئي. انگريزن جي  جڏھن افغانستانين اڳيان دال نہ ڳري تہ ان جو نزلو سنڌ تي ڪريو ۽ نڀاڳو نيپيئر اتان موٽندي مياڻي جي جنگ ۾ ميرن کي ڌوکي سان شڪست ڏئي سنڌ جي ملڪي آزادي ۽ خودمختياري کسي ويو.
شڪارپور پنهنجي مختصر تاريخ ۾ انتھائي وڏا ڪارناما سر انجام ڏنا. ھن شھر ۽ خطي جا ماڻھون “سنڌ ورڪي“ بڻجي سينٽرل ايشيا ۽ ان پاسي جي ڏورانهن ملڪن ۾ وڃي وڻج واپار ڪيائون. اتان جيڪو پئسو ڪمايائون اھو ريد فيد ڪرڻ بدران اچي شڪارپور ۾ ڪم آندائون ۽ شڪارپور کي ھڪ مثالي شھر بڻائي ڏيکاريائون. انهن سنڌ ورڪين “ ھنڊي“ جو رواج وڌو جنهن جو سڄي ھندستان جي بئنڪنگ سسٽم تي اثر پيو. ان ڪري شڪارپورين کي گڏيل ھندستان ۾ بئنڪاريءَ  جو بابو چيو ويندو آھي. ھن شھر ۽ ضلعي زندگي جي ٻين مختلف شعبن ۾ بہ اھڙا مثال قائم ڪيا جيڪي ٻين ضلعن ۾ ملڻ مشڪل آھن.مثال طور اوڌوداس جي اسپتال ھن ڪري صدين تائين ياد رکي ويندي تہ ھن پنهنجو نالو انهي ڏاڪڻ تي لکرائي ڇڏيو جنهن تي پير رکي ماڻھون اسپتال ويندا ھئا. چڱائي تي پاڻ ۾ وڙھڻ جو بھترين مثال ھن شھر ئي پيش ڪيو. جڏھن شھر ۾ ڪاليج ٺاھڻ جون ڳالھيون نڪتيون تہ چيلارام ۽ سيتلداس چندي ڏيڻ ۾ گوء کڻڻ ۾ ھڪ ٻئي سان اٽڪي پيا. پوء پنچائت ويٺي ۽ انهي ڪاليج تي نالو “ چيلارام ۽ سيتلداس “ رکيائون ڇو تہ چيلارام عمر ۾ وڏو ھيو  ۽ چندي ڏيڻ ۾ ٻئي برابر ھيا.
ادبي حوالي سان شڪارپور ٻين ضلعن کان ھن ڪري منفرد آھي تہ سامي ۽ شيخ اياز اڃا ڪنهن ٻئي ضلعي پئدا ڪري نہ ڏيکاريا آھن. ميان جي ڳوٺ مان جيڪو “ سنڌو “ رسالو نڪرندو ھيو، ان جھڙو رسالو ٻئي ڪنهن شھر يا ضلعي مان نہ نڪتو. بيشڪ لاڙڪاڻي منجهان “ اديب سنڌ“ نالي قادري خاندان رسالو ڪڍندو ھيو پر اھو خالص ادبي ۽ شاعري جي فروغ لاء ھيو. بولچند راڄپال جو “سنڌو“ رسالو ادبي بہ ھيو تہ سياسي ۽ نظرياتي پڻ ھيو. ھن رسالي ۾ سنڌ جي قومي اھميت وارن ڪيترن ئي اھم مسئلن تي دل کولي عالماڻو بحث ڪيو ويو. مثال طور ڊاڪٽر گربخشاڻي جي ترتيب ڏنل شاھ جي رسالي تي “ سنڌو“ ۾ بھترين بحث ٿيو. اھڙي ريت جڏھن“ سنڌ يونيورسٽي“ قائم ڪرڻ جون ڳالھيون ھليون تہ انھي موضوع تي بہ ھن رسالي ۾ وڏو بحث ٿيو.
سياسي حوالي سان ھن ضلعي شھيد اللہ بخش سومري جھڙو ھڪ نڊر سياستدان پيدا ڪيو، مسلم ليگ ۽ ڪانگريس جھڙين برجستين پارٽين جي موجودگئ ۾ سنڌ جو سالن جا سال وزير اعظم ٿي ڏيکاريو. ھن آزادي جي خاطر انگريز سرڪار جا لقب ۽ خطاب ان جي منهن تي اڇلائي ھنيا. ان ڪري ھن جي حڪومت ڊسمس ٿيڻو پيو ۽ سياسي خواه نظرياتي منفرد تشخص رکڻ ڪري کيس ڏينهن ڏٺي جو شھيد ڪيو ويو. شھيد  اللہ بخش جو اھو رڪارڊ لاڙڪاڻي جي ڀٽن ٽوڙي ڏيکاريو. شھيد ذوالفقار علي ڀٽو پنهنجي اولاد سميت شھيد ڪيو ويو ۽ لاڙڪاڻو ضلعو “شھيدن جو ضلعوً بڻجي ويو.
منهنجي  اڄوڪي پوسٽ لکڻ جو مقصد ھي آھي تہ مان اھا صلاح ڏئي سگهان تہ ھر ڪنهن ضلعي تي تاريخي تحقيق ٿيڻ گهرجي. تڪڙ ۾ ان ضلعي تي ڪتاب لکڻ بدران سڀ کان پھريون ضلعي بابت مواد ۽ معلومات کي گڏ ڪيو وڃي، ڇوتہ اسان ڪيترا ڪتاب لکي ڇپرائي تڪڙو انهن ۾ نہ تہ اضافي مواد شامل ڪري سگهئون ٿا ۽ نہ وري ڪو ٻيو ڪتاب تڪڙ ۾ ڇپرائي سگهن ٿا. اسان تہ اھا قوم آھيون جنهن ڊاڪٽر ٽرمپ طرفان ترتيب ڏئي ڇپرايل شاھ جي رسالي جو ٻيو ايڊيشن ڇپرائڻ ۾ ھڪ صدي ورتي. ان ڪري ضلعن جي تاريخ تي تڪڙا ڪتاب نہ لکيا وڃن پر مواد ۽ معلومات کي ميڙيو چونڊيو وڃي تہ جيئن انهن تي مستند ۽ معياري ڪتاب لکي سگهجن. 
شڪارپور ضلعي بابت گل حيات ۾ گھڻو مواد موجود آھي. ان منجهان ھڪ ڊاڪيومينٽ جي تصوير مون اڄوڪي پوسٽ ۾ شامل ڪئي آھي. شڪارپور بابت ايسٽ انڊيا ڪمپني جي پوليٽيڪل ايجنٽن تمام گھڻو لکيو آھي ۽ اسان انهي خط و ڪتابت جي لسٽ ٺاھي پنهنجي اداري ۾ رکي آھي. ھن شھر بابت ۽ خاص طور تي ان جي سياسي سرگرمين بابت انگريزن جي دور ۾ جيڪو سنڌي توڙي انگريزي اخبارن ۾ ڇپبو ھيو، اھو بہ گل حيات ۾ محفوظ آھي. ھن شھر جي مشھور شخصيتن بابت گل حيات ۾ کوڙ سارو مواد موجود آھي. اھو ھن ڳالھ مان اندازو لڳايو تہ اڪيلي شخص شھيد اللہ بخش بابت ئي گل حيات ۾ سوين صفحا موجود آھن. اسان وقت ۽ ڏوڪڙن کي ذھن ۾ رکي ھاڻي گڏ ڪيل مواد آھستي آھستي گل حيات جي ويب سائيٽ تي رکي رھيا آھيون. اسان جي اھا ڪوشش ھوندي تہ ھر ضلعي بابت گڏ ڪيل مواد بہ رکئون،جن ۾ شڪارپور ضلعو پڻ ھوندو
  • Add to Phrasebook
     
    • No word lists for English -> English...
       
    • Create a new word list...
  • Copy
  • Add to Phrasebook
     
    • No word lists for English -> English...
       
    • Create a new word list...
  • Copy

Good Wishes