FB IMG 1567229560733
 

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


  ” اخبار هلال پاڪستان جا ماهوار ايڊيشنس
 
     اخبارن جا ايڊيشن ڪڍڻ ۽ اخبارن ۾ شايع ٿيل مواد ڪڍي ڪتاب ڇپرائڻ پراڻي ڳالھ آھي. پرمانند ميوارام پهريون صحافي آھي جنهن پنهنجي اخبار “ جوت“ ۾ ڇپيل مضمون گڏ ڪري “ رتن جوت “ نالي سان ڪتاب ڇپرايو. ساڌو هيرانند پهريون سماجي سڌارڪ هو، جنهن جون اخبارن ۾ شايع ٿيل لکڻيون گڏ ڪري سندس ديهانت کان پوءِ “ هيري جون ڪڻيون “ نالي ڪتاب ڇپرايو ويو. “ الوحيد “ اخبار سنڌ کي 1936 ۾ صوبائي خودمختياري ملڻ وقت “ آزاد “ نمبر ڪڍيو. جيڪو هڪ اهم تاريخي دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. اڳئين زماني ۾ ٻين اخبارن ۽ رسالن وقت بہ وقت نمبر ڪڍيا. پاڪستان قائم ٿيڻ کان پوءِ روزانہ “ هلال پاڪستان “ نمبرن ڪڍڻ جو هڪ نئون رڪارڊ قائم ڪيو.
     اخبار “هلال پاڪستان “ جي ڪهاڻي بہ سنڌي صحافت جي عظيم ۽ عجيب ڪهاڻي آھي. جڏھن پاڪستان جي تحريڪ هلي تہ مسلمانن بہ ان کي هٿي ڏيڻ لاءِ ڪجھ اخبارون ڪڍيون. “ هلال پاڪستان “ انهن مان  هڪ هئي. هيءَ اخبار منشي عبدالشڪور پاڪستان ٺھڻ کان اڳ حيدر آباد مان جاري ڪئي. هيءَ اخبار حيدرآباد کان پوءِ سکر جو چڪر لڳائيندي اچي ڪراچيءَ ۾ وسرام ڪيو. “ عبرت“ ۽ “ هلال پاڪستان“ سنڌي صحافت ۾ تمام پراڻيون ۽ وڏي ڄمار واريون اخبارون آھن. 
       منشي عبدالشڪور جي زماني ۾ “ هلال پاڪستان “ صحافتي خدمتون سرانجام ڏيڻ کان علاوه ادب جي آبياري ڪرڻ ۽ ٻوليءَ جي جهولي ڀرڻ لاءِ مثالي خدمتون سرانجام ڏنيون. 
“هلال پاڪستان “ نومبر 1956 کان “ ماهوار ايڊيشن “ ڪڍڻ شروع ڪيا. انهي پهرين پرچي ۾ محمد بخش جوهر، پرواني ڀٽي، عارف المولا جو مواد ڇپيو  هو. ان کان پوءِ ڊسمبر واري پرچي۾ شمشير الحيدري، چنا شبير ناز، نياز همايوني، قمرالدين مجذوب ۽ محمد يعقوب ابڙي جون لکڻيون ڇپيون. هي سلسلو جاري رهيو ۽ليکڪن جو هراول دستو شامل ٿيندو ويو. انهن مان ڪن جا نالا لکبا تہ هن ريت ٿيندا: جليس هالائي، رخسانہ ليلا، ولي محمد طاهرزادو، شيخ محمد اسماعيل،  ظھور انساري، ٽڪلو بي اي وغيره.
مئي 1957 ۾ هلال پاڪستان جو “ عيد نمبر“ شايع ٿيو. جنهن ۾ ميمڻ عبدالمجيد، امير قريشي، ممتاز مرزا، برده سنڌي، تنوير عباسي ۽ اسد ٽکڙائيءَ پنهنجا قلمي جوهر ڏيکاريا. جولاءِ 1957 وارو پرچو وري“ افسانہ نمبر“ ڪري ڪڍيو ويوهو. انهي ۾ رشيدڀٽي، فضل بچاڻي وغيره جا افسانا ڇپيا هئا.
     سيپٽمبر1957 وارو پرچو “ شاعر نمبر “ هئو. هن پرچي جي ليکڪن مان منظور نقوي، سروپچند شاد، احسان بدوي، عبدالجبار شام، مقبول ڀثي، قمر شھباز، گوورڌن محبوباڻي، هري دلگير درياڻي ذڪر لائق آھن.
           جڏھن لڏ پلاڻ ٿي ۽ هندو لڏي ويا ۽ ادبي دنيا ۾ ادبي رسالن جو خال پيدا ٿيو تہ “ هلال پاڪستان “ جي ماهوار نمبرن اهو خال بہ پر ڪيو ۽ ادبي دنيا ۾ نون ليکڪن کي بہ ميدان ۾ آندو. هن رسالي ڊسمبر 1957 ۾ وري“ سالنامو“ڪڍيو هو جيڪو هڪ ادبي شاهڪار کان گهٽ ڪونهي. اهو پرچو 240 صفحن تي مشتمل ھو. خوشيءَ جي ڳاله آھي تہ “ هلال پاڪستان “ جي انهن نمبرن مان ڪيترا گل حيات ۾ موجود آھن

Good Wishes