textgram 1564981700

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)

  ”وڏيءَ تقسيم کان اڳ سنڌ ۾ دلين جي تقسيم

 


      ذھن بدلبا آھن تہ دليون تقسيم ٿينديون آھن. پوءِ جڏھن دليون تقسيم ٿينديون آھن تہ نتيجي ۾ ڌرتي تقسيم ٿيندي آھي. انگريزن اسان جي ابن ڏاڏن کي ويڙهايو ۽ پوءِ آسانيءَ سان حڪومت ڪئي. اهي گورا ٿورا هئا، پر اسان جا ڇورا انهن کي ڪم آيا. انگريزن انهن جي ڪلهن تي بندوقون رکي هلايون. اسان جي وڏڙن جا ذهن ايئن تقسيم ٿيا، سندن دليون انهيءَ ڪري تقسيم ٿيا ۽ حالتن انهيءَ ڪري “ تقسيم “ “ تقسيم “ جا گيت ڳائڻ شروع ڪيا. پوءِ گڏيل هندستان تقسيم ٿيو. انهيءَ تقسيم آزاديءَ جي ڪهاڻي ۾ رنگ ڀريا.
     پاڪستان ۽ انڊيا کي 1947 ۾  آزادي ملي. آزايءَ جي انهيءَ تحريڪ جو پيون ڏيڍ سال ۾  سنڌ جي عجيب ۽ انوکي تاريخ لکي وئي. 1940 کان اتر سنڌ ۾ مسلمانن اره زورايون ڪيون . اهڙيءَ طرح ڏکڻ سنڌ ۾ وري هندن پوئين ٻن سالن ۾ پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪيو. ايئن هندن توڙي مسلمانن دلين تقسيم ڪرڻ ۽ وڏيءَ تقسيم لاءِ ماحول ٺاهڻ ۾ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪيو.
     ڏکڻ سنڌ ،خاص طور تي ٿرپارڪر ۽ حيدر آباد ضلعن جي ڪيترن هندن کي پڪ ٿي چڪي هئي ڪراچي، حيدرآباد ۽ ٿرپارڪر ضلعن کي باقي سنڌ کان ڌار ڪري. ان کي “ هندو سنڌ “ بڻايو ويندو. انهيءَ خوشفهميءَ ۽ غلطفهميءَ ڏکڻ سنڌ ۾ ھندو-مسلم لاڳاپن کي وڏو ڇيهو رسايو.
     ڪانگريسي ليڊر بابو راجيندر پرساد پهريون سياستدان هئو جنهن ڳاله چوري هئي تہ پنجاب ۽ بنگال جي ورهاڱي وانگر سنڌ جي ورهاڱي تي بہ غور ڪري سگهجي ٿو. سندس انهيءَ بيان سنڌ جي ڪن ڪانگريسي اڳواڻن جي ذھن ۾ ڀونچال پيدا ڪيو ۽ انهن گانڌيءَ سميت ٻين ڪانگريسي اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون ۽ مطالبا ڪيا تہ ڏکڻ سنڌ کي باقي سنڌ کان الڳ ڪري “هندو سنڌ“ بڻائي وڃي. اهڙين ڪوششن ڏکڻ سنڌ جي ڪيترن هندن کي خوش فهميءَ ۾ مبتلا ڪيو ۽ ان جي نتيجي ۾ سندن رويئي ۾ سختگيري پيدا ٿيڻ لڳي.  اھڙن روين ڪري ڪن هندن “ هندو سنڌ “ جي قيام کان وٺي لڏ پلاڻ جي آپشنس تي سوچڻ تي آماده ڪيو. اهڙن روين ۽ اهڙن واقعن سان سنڌ جي تاريخ ڀري پئي آھي.
    ڊسمبر 1946 ۾ ڪراچيءَ ۾ “هندي ساهتيہ سميلن ٿئي ٿو، جنهن ۾ ٺھراءُ ٿو پاس ٿئي تہ “ هندو عربي-سنڌي لپي اخبارون ڪڍڻ بند ڪن ۽ ديوناگري هندي لپيءَ ۾ سنڌي لکي وڃي “.  سنڌ اهي ڏينهن ڏسڻ لڳي ٿي تہ  حيدرآباد جون ڪيتريو هندو ڇوڪريون ان ڪي سک مذهب اختيار ڪن ٿيون جيئن اهي هر وقت پاڻ سان ڪرپان رکي سگهن. هي اهي ڏينهن آھن جڏهن “ مسلم سنڌي اخبارن“  ۾ خبرون شايع ٿين ٿيون تہ “ حيدرآبادي هندن پنجاب مان هڪ سو ويڙهاڪ سک گهرايا آھن جيڪي سندن سنڀال بہ ڪندا ۽ نئين نسل کي ويڙھاند واري ٽريننگ بہ ڏيندا“. تنهن زماني ۾ “شيوڪ سنگه “ ۽ ڪيترون ٻيون هندو تنظيمون پنهنجي ڪارڪنن کي کلم کلا  عسڪري تربيت بہ ڏينديون هيون. ڪجھ هندو وزير اهڙين تنظيمن جي حاضري بہ ڀريندا هئا.
    سياست ۾ ئي فقط منفي رويا ۽ طريقا پيدا نہ ٿيا، پر سماجي حوالي سان بہ گهڻو بگاڙ آيو. اتر سنڌ ۾ مسلمان ب هندن خلاف مارشل لا لڳايون ويٺا هوندا هئا ۽ ڏکڻ سنڌ وري ڪيترا هندو وڻن تان جهيڙا لاهي مسلمانن جي ڳچيءَ.۾ وجهندا هئا. اتر سنڌ ۾ چور-پستي ۽ پاٿاريداري مسلمان ڪندا هئا تہ ڏکڻ سنڌ، خاص طور تي ٿرپارڪر ۾ وري ڪيترا هندو ڏوهارين جي پالنا ڪندا هئا ۽  مسلمانن کي ڏينهن جا تارا ڏيکاريندا هئا. اتر سنڌ ۾ مسلمانن ۽ ڏکڻ سنڌ ۾ ڪيترن هندن سنڌ جي وحدت ، اتحاد ۽ امن کي نقصان رسايو.
   گل حيات انسٽيٽيوٽ ۾ ڏکڻ سنڌ ۾ مسلم ليگ ۽ ڪانگرس جي ڪارڪردگيءَ جو ناياب مواد موجود آهي، جنهن کي پڙهڻ کان
مان پتو پئي ٿوت سياسي مفادن خاطر هندو توڙي سنڌي مسلمان سنڌ کي ڏاڍو نقصان پهچايو آھي. انهن ذهن بدلايا ۽ دليون تقسيم ڪيو. هنن پنهنجو اتحاد مجروح ڪيو ۽ سنڌ جي اتحاد کي نقصان پهچايو

Good Wishes