IMG 20190804 WA0042
 

ممتاز پٺاڻ

(گل حيات جي ميڙي چونڊيءَ مان)


  ”مخدوم طالب المولا ويب سائيٽ-گل حيات جو تاريخي تحقيق ۾ انوکو تجربو

 

   اڄ 4 آگسٽ آھي ۽ اها مخدوم محمد امين “فهيم“ جو جنم ڏينهن آھي. انهيءَ موقعي تي گل حيات انسٽيٽيوٽ پنهنجي طرفان “ مخدوم طالب المولا ويب سائيٽ” لانچ ڪئي آھي تہ جيئن گل حيات انسٽٽيوٽ ۾ ھالا جي مخدومن بابت گڏ ڪيل مواد ۽ معلومات کي محققن تائين پهچائڻ جو جديد طريقو استعمال ڪيو وڃي. “ تاريخي تحقيق“ کي پروان چاڙهڻ ۽ مقبول عام بنائڻ جو هي نت نئون تجربو آھي. ابتدا حالن جي مخدومن کان ڪئي وئي آھي. ان کان پوءِ انشاءَ الله علم ادب، صحافت، شخصيتن ۽ ادارن تي بہ ويب سائيٽس ٺاهي دلچسپي رکندڙ افراد ۽ ادارن جي حوالي ڪيون وينديون ۽ ان سان گڏ گل حيات جي ويب سائيٽ تي انهن جو لنڪس رکيون وينديون. هن مان وڏو فائدو گل حيات انسٽيٽيوٽ کي اهو ملندو تہ تحقيقي ادارن ۽ محققن کي اها خبر پوندي تہ گل حيات محدود وسيلن مان ڪيڏو نہ لامحدو ڪم ڪيو آھي. اسان نفرتن ، دشمنين ۽ منافقين جي پلصراط تان گذرندي، پنهنجي وت ۽ وس آھر سنڌ جي شاندار ماضيءَ کي سنڀالڻ ۽ قوم تائين پهچائڻ جي بي لوث خدمت ڪئي آھي.
       “مخدوم طالب المولا ويب سائيٽ “ اسان هن دور جي هڪ ڏاهي سٻاجهي صوفي منش انسان جي نالي پٺيان ٺاهي آھي، جنهن جا اسان مريد تہ ناهيون، پر هو ڏاھو انسان دوستن خواه دشمنن ۾ هر دل عزيز هئو. هو هڪ اهڙو شفاف ۽ صاف آئينو هئو، جنهن ۾ حضرت غوث الحق مخدوم نوح عليہ رحمت کان وٺي پاڻ تائين تصوف جي تصوير نظر اچي ٿي. هو پنهنجي وجود ۾ هالن جي مخدومي ڪلچر جي جاڳندي جهلڪ هئو. هو فقط پنهنجي وجود ۾ هڪ انجمن هئو، پر الائي ڪيترين انجمنن جي جان هئو. 
  “مخدوم طالب المولا ويب سائيٽ“ تي اوهان کي حضرت غوث الحق، سندن گادينشينن ۽ خاندان جي مکيہ شخصيتن جا مستند احوال پڙھڻ لاءِ ملندا. هن ويب سائيٽ تي اوهان کي “ بزم طالب المولا“ ، “ طالب المولا اڪيڊمي“ ۽ “ سروري تنظيم “ جي تاريخ ۽ ڪارڪردگيءَ جا تفصيل پڙهڻ لاءِ ملندا. هالا جي مخدومن علم ادب ۽ سياست ۾ جيڪي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن، انهن جي مستند معلومات هن ويب سائيٽ تي مليندي. هالا جي مخدومن جيڪي ڪتاب لکيا آھن ۽ انهن تي جيڪي ڪتاب لکيا ويا آھن، انهن ڪتابن جون ڪاپيون يا تبصرا هن ويب سائيٽ تي موجود ڪيا ويندا. مخدوم طالب المولا ۽ سندس فرزند مخدوم محمد امين “فهيم“ کي ڪيترن گلوڪارن ڳاتو آھي. اهڙا آڊيوز ۽ وڊيوز اوهان کي هن ويب سائيٽ تي ٻڌڻ لاءِ ملندا. هيءَ ويب سائيٽ ھالا جي مخدومن جي ڪا “ آفيشل ويب سائيٽ“ ڪانهي، پر گل حيات جي ويب سائيٽ آھي. ان کي اسان اڄ لانچ ڪيو آھي ۽ ان تي مواد خواه معلومات اپلوڊ ڪندا رهنداسين. انهيءَ ويب جي لنڪ شيئر ڪجي تہ جيئن هر ڪو اها کولي ڏسي پڙهي سگهي. لنڪ اٿس:

Good Wishes