پاڻ اهڙا، جو هاٿي به ڇٻر ۾ لڪائي ڇڏيون

 

جپان جيڪڏهن، صنعت ۽ حرفت ۾ ترقي ڪئي آهي ته ڇا ٿيو؟ هاٿي ڇٻر ۾ لڪائي ته جس ڏيونس. آمريڪا جيڪڏهن ”اڀ لڙائي“ ۾ مهارت حاصل ڪئي آهي ته ڪهڙو ڪارنامو سر انجام ڏنائين؟هن جي به ڪهڙي مجال جو هاٿي ڇٻر ۾ لڪائي ؟اهو اعزاز فقط ۽ فقط اسان کي حاصل آهي. اسان جيڪڏهن سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ڏي توجهه نه ڏنو ته ڪهڙي اربعا خطا ٿي؟ اسان جيڪڏهن علم ۽ قلم هٿ ۾ کڻي به عمل جي دنيا کان پري رهيا سين ته ڪهڙو گناهه ڪيوسين. ڇا اسان جا ڪارناما ڳڻڻ جهڙا ۽ جيترا نه آهن ؟

عام ۽ عوام اڃا ايترو پڙهيل ڪو نه آهي، جو ڪارنامن مٿان ڪارناما سرانجام ڏيندو رهي. ليڪن لکيا پڙهيا، عقل جا اڪابر ، قلم جا ڌڻي ، دانش ۽ تدبر جا ٺيڪيدار ۽ ادارن جا اڳواڻ اهڙا به آهن جو جڏهن به چاهن تڏهن هاٿي کي به ڇٻر ۾ لڪائي ڏيکارين. انهن کي ئي اسان وڻڪار جا وڏا وڻ ڄاڻيندا آهيون ۽ انهيءَ خوش فهيءَ ۾ مبتلا هوندا آهيون ته وقت ۽ حالتن جي نٽهڻ اُسَ ۾ انهن ئي وڏن وڻن جي ڇانوَ ۾ ويهي ساهه پٽي سگهون ٿا. پر لطيف سائين انهيءَ وڻڪار لاءِ اڳ ئي چئي چڪو آهي ته وڏن وڻن جي انهيءَ وڻڪار ۾ نيلا نانگ به موجود هوندا آهن. ان ڪري اتان سڪون بدران سور ملڻا آهن، خوشين بدران ڏک ملڻا آهن.

”ڇٻر ۾ هاٿي لڪائڻ“ جيوڻيڪ غريب توڙي امير جي ذهنيت بڻجي پئي آهي. پر وس وارن، با اختيار ، ذريعن ۽ وسيلن جي ڌڻين ، قلم ڌڻين، ادارن جي اڳواڻن، سياسي، سماجي پيل پاون جو جادو ئي اور آهي. ”اُهي اک ڇنڀ ۾ هاٿي ڇٻر ۾ لڪائي سگهون ٿا.“

ڇٻر ۾ هاٿي لڪائڻ جو مطلب آهي : ڪنهن جي چڱائي ڳڙڪائي وڃڻ، ڪنهن جي نيڪيءَ تي پاڻي ڦيرڻ، ڪنهن جي حيثيت جو منڪر ٿيڻ ۽ قسم قرآن تي ڪيل پنهنجي ڳالهه تان ڦري وڃڻ. مثال طور ڪو ماڻهو ڪنهن اداري ۾ مثالي ڪم ڪري هليو وڃي. پوءِ سندس پر پٺ چئجي ته ڀينگ ڪري ويو. مثال طور ڪو ماڻهو ڪنهن مظلوم يا معصوم سان خير خواهي ڪري وڃي، ۽ پوءِ ٻيو ڪو وڃي انهيءَ مظلوم جا ڪن ڀري ته توسان قهر ٿي ويو. مثال طور چونڊن کان اڳ ووٽر سان وڏا وڏا وعدا وعيد ڪيا وڃن پر چونڊن ۾ ڪامياب ٿيڻ کان پوءِ ووٽر سان ملڻ ۾ به پنهنجي توهين ڄاڻن.انهن کي چئبو آهي ڇٻر ۾ هاٿي لڪائڻ.

حقيقت ۾ هاٿي انهيءَ ڪري ڇٻر ۾ لڪي ٿو، جو اسان پنهنجو اکيون بند ڪري ڇڏيون ٿا. اسان اهڙن موقعن، واقعن ۽ حالتن جو نوٽس نه ٿا وٺون. اسان محسوس نه ٿا ڪرايون ته استحصال جو هي ظالماڻو طريقو آهي. اسان پاڻ هر ڪنهن کي ڊگهو رسو ڏئي ڇڏيو آهي.

غريب، مظلوم ۽ بي پهچ ۽ بي وس ماڻهو لالچ ۽ مجبوريءَ ۾ جيڪڏهن ڳڻ چور ٿئي ، ڪنهن جي چڱائي وساري ڇڏي يا ڪنهن جي ڪارنامن تي پاڻي ڦيري ته اهو معاف ڪري سگهجي ٿو. ڇو ته هو جيڪڏهن ايئن نه ڪري ته شايد سندس مطلب پورو نه ٿئي. ڇو ته پاڻ کي هي خبر آهي ته اسان جي معاشري ۾ صلاحيت ۽ لياقت جي مڃتا ٿيڻي ڪونهي. پنهنجي ڪم ڪڍڻ لاءِ پاڻ جهڙي ماڻهوءَ جو من جيتڻو آهي . پوءِ اهو ڇو نه پاڻ جهڙي ٻئي ماڻهوءَ جو ڪنڌ ڪٽي من جيتجي. اسان جي عوام لاءِ اهو ئي هڪ دڳ ۽ رستو ڇڏيو ويو آهي. اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن وڏيري جي چوڻ تي هڪ غريب ٻئي غريب جي چوري ڪري ٿو، خون ڪري ٿو ۽ ڌاڙا هڻي ٿو . جيستائين عام ماڻهو پنهنجي سوچ، خواهه لوچ جي آزادي جو مزو نه ورتو آهي ۽ جيستائين هن پنهنجي ذاتي غرض، لالچ ۽ طمع جو بت ڀڃي ڀور نه ڪيو آهي ۽ جيستائين هن پاڻ کي مذهبي ، سياسي، احساساتي، سماجي ۽ جذباتي استحصال کان نه بچايو آهي، ان وقت تائين عام ماڻهو اهڙيون غلطيون ڪندو رهندو.

پر جڏهن لکيل پڙهيل ، عقل جا اڪابر به ساڳئي ريت هلن ۽ هنن جو ڪم ئي هاٿي ڇٻر ۾ لڪائڻ تائين محدود ٿي وڃي، ته ان کي ڇا چئجي؟

صحآفيءَ کي سچ ۽ ڪوڙ جي خبر ٿئي ٿي. پر پوءِ به جيڪڏهن هو ڪوڙ تي سندرا ٻڌي بيهي ته عام ۽ عوام جي ” عام راءِ “ ڪهڙو رنگ وٺندي؟ سياستدان جيڪڏهن هر دفعي ڪوڙا ڏٽا ڏئي ووٽ وٺندو رهي ته هن جو ”آدرشي روپ“ ڪيئن برقرار رهندو؟ ادارن جا ڌڻي انهيءَ ڊپ کان ته متان کائڻ پيئڻ ۾ ٻيو به اچي شامل ٿئي يا گلا خوريءَ جو هزار داستان کولي ويهندا ته ادارن ۾ نئون خون ۽ نيون صلاحيتون ڪيئن داخل ٿي سگهنديون. عالم ۽ اديب جيڪڏهن ملڪ ۽ قو م جي دکن دردن کي نظر انداز ڪري پنهنجي سورن جا مذڪور ويهي ٻڌائيندو ته سچو ۽ سچار ڪيئن سڏائيندو؟

پر اسان جي معاشري ۾ اهي ايئن هاٿيءَ کي ڇٻر ۾ لڪائيندا رهن ٿا ۽ پوءِ به اهو محسوس ڪن ٿا ته پاڻ آدرشي انسان آهن، بي دڳن کي دڳ لائيندڙ آهن ۽ دنيا جهان جي دردن جي دوا آهن. ليڪن حقيقت ۾ ڪي به نه آهن. هو هاٿي کي به ڇٻر ۾ لڪائي نه ٿا سگهن. سندس اهو طلسم ان وقت تائين باقي رهڻو آهي جيستائين عوام اکيون بند رکيون ايندو. عوام اکيون کوليون ته ڪيترا ڊهي پوندا ۽ طلسم ٽٽي پوندا.

 

(ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا“، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

تاريخ : 08.04.1995)

 

 

Good Wishes