تنظيمون توجهه ڏين

 

انهيءَ تفصيل ۾ وڃڻ جي ضرورت ڪانهي ته اسان جو تنظيمون ڪهڙيون ۽ ڪيترن قسمن جون آهن؟ پر جن تنظيمن سان پنهنجو واسطو ۽ واهپو ٿئي ٿو ، اهي ٽن قسمن جون آهن.پهريون سياسي تنظيمون، ٻيو ملازمن جون تنظيمون ۽ ٽيون شاگردن جون تنظيمون. شاگردن جون تنظيمون آهن ته سياسي پارٽين جو ذيلي شاخون، پر انهن ڪيترن ڳالهين ۾ پنهنجي حيثيت ، نوعيت ۽ اهميت کي الڳ گروپ ۾ مڃرايو آهي. اهڙي ريت ملازمن جون تنظيمون وري ٻن قسمن جو آهن : هڪڙيون اهي جيڪي سياست کان بنهه پري فقط پنهنجي پيشوارانه برادري جي حقن حاصل ڪرڻ جي ناقابل شڪست قوت آهن، ٻيون اهي جيڪي گهٽ تعليم ورتل ٿين ٿيون ۽ انهن کي ڪنهن نه ڪنهن سياسي پارٽي جو آشيرواد حاصل هوندو آهي. اها هن ملڪ جي بدقسمتي رهي آهي ته اڪثر حالتن ۾ وقت جي حڪمرانن شاگردن ۽ مزدورن جي تنظيمن کي غلط استعمال به ڪيو آهي ۽ مٿن ڏاڍ ڏمر به ڪيو آهي. جيڪا پارٽي اقتدار کان ٻاهر هوندي آهي، اها انهن ٻنهي تنظيمن کي قربانيءَ جو ٻڪرو بڻائي حڪومت لاءِ مسئلا پيدا ڪندي آهي ۽ موٽ ۾ حڪومت وري انهن خلاف ڪات ڪهاڙا کڻڻ شروع ڪندي آهي. اسان وٽ تنظيمي شعور ۽ طبقاتي تضادن جي شڪل ذاتي مفادن ۽ گروهي مفادن جي ڌنڌ ڪري نمايان نظر نه ٿا اچن . ان ڪري ئي اهي تنظيمون واري وٽيءَ سان لٺ ۽ چٺ جو نشانو ٿي وڃن ٿيون ۽ هڪ ٻئي خلاف استعمال ٿين ٿيون. جيڪي تنظيمون آشيرواد جي خيرات وٺنديون، انهن جو اهڙو ئي حشر ٿيڻو آهي، اهي ڪڏهن ريل ۾ هونديون ته ڪڏهن جيل ۾ هونديون، کين في الحال اهو سمجهائڻ ڏکيو آهي ته اقتدار جي ڪرسي جو رنگ ۽ روپ، تقاضائون ۽ ادائون هڪجهڙيون ٿينديون آهن، ڪا به پارٽي اقتدار جي ڪرسيءَ تي ويهندي ته ان جو انداز ۽ ان جي ادا مٽيل هوندي، ان ڪري ٿيڻ ايئن گهرجي ته اهي تنظيمون به هڪ اهڙي ”تنظيمي ڪلچر“ کي جنم ڏين، جيڪي ڪنهن سياسي پارٽي جي ترجمان ۽ آواز بڻجڻ بدران فقط ۽ فقط برادري جي حقن جي حفاظت ڪن ۽ جيڪڏ هن ”پوليٽيڪل پريشر“ طور ڪم ڪن ته پوءِ ان وقت گروهي نه پر قومي ۽ اجتماعي مفاد اڳيان هئڻ گهرجن ۽ نه ڪي پارٽي يا شخصيت جا مفاد . جيڪڏهن پارٽي ڊسپلين جو احترام ڪرڻ کان سواءِ ٻيو چارو ڪونهي ته پوءِ اقتدار يا اختلاف واري ڌر هر ٻئين ٽئين مهيني پنهنجي ذيلي تنظيمن جي ڪانگريس سڏرائي سياسي عمل ذريعي پنهنجي حڪمت عملين ۽ طريقيڪار تي خيالن جي ڏي وٺ ڪري ، ذرائع ابلاغ ذريعي عوام تائين پهچائي ته جيئن عام ماڻهو پنهنجي قول ۽ فعل کي ان مطابق موڙي يا مضبوط ڪري سگهي. پر اسان وٽ ايئن ڪونه ٿو ٿئي، بس بدقسمتي اها آهي ته اسان جون ڪيتريون پارٽيون جمهوري قدرن کي قبول ڪرڻ جي دعويٰ جي باوجود جمهوري اصولن تي نه هلنديون آهن. ان ڪري انهن جو طريقيڪار ۽ رويو جمهوري نه پر آمرانه ۽ جاگيردارانه هوندو آهي. انهن جا اڳواڻ پنهنجي پارٽين کي پنهنجي جاگير ڄاڻي، انهن تي آمرن وانگي حڪم صادر ڪندا آهن. ان ڪري اهڙيون پارٽيون پنهنجي ذيلي تنظيمن کي ڪئين اعتماد ۾ وٺنديون؟ ۽ ڪيئن بنا ناغي انهن جون ڪانگريسون سڏرائي طريقيڪار يا ٻين ڳالهين تي انهن کي اعتماد ۾ وٺنديون. ان ڪري اسان جي سياسي نظام ۾ فيصلا توڙي عهديدار مسلط ڪيا ويندا آهن.

 

پر جيڪڏهن ڪا ايڪڙ ٻيڪڙ پارٽي جمهوري روايتن کي قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندي ته اخبارن کان سواءِ ان لاءِ سرڪاري ذرائع ابلاغ جا ٻيا دروازا بند رهندا. ان ڪري عوام اهڙي پارٽي جي طريقيڪار ۽ حڪمت عملين کان چڱي ريت باخبر ٿي نه ٿو سگهي.

اهڙي صورتحال ۾ اها تنظيمن ۽ انهن جي ذيلي تنظيمن جي مفاد وٽان ڳالهه ٿيندي ته اهي اقتدار ۾ هجن يا اقتدار کان ٻاهر ، پر گڏجي جمهوري قدرن، نظرين ۽ اصولن جو مان مٿاهون ڪن. اجتماعي پريشر گروپ ٺاهي پنهنجي پنهنجي پارٽي کي جمهوري اصولن مطابق منظم ڪن ۽ هلائن. ان کان سواءِ ذرائع ابلاغ يعنيٰ اخبارون، رسالا، ريڊيو ۽ ٽي وي تي حزب اختلاف يا حزب اقتدار کي هڪ جيترو موقعو فراهم ڪرڻ جو ماحول پيدا ڪرائن. اهو موقعو ڪاروائي ۽ جوابي ڪاروائي بدران پنهنجي ڪارڪردگي ۽ طريقيڪار تائين محدود هئڻ گهرجي، خيالن جي اظهار جو اهو حق فقط ۽ فقط ذيلي تنظيمن جي پريشر ۽ پريس ميڊيا جي دٻاءَ هيٺ ئي ملي سگهي ٿو.

سمورين تنظيمن ۽ ذيلي تنظيمن جي اها بدقسمتي آهي ته انهن کي سلجهيل ڪارڪن نه ٿا ملن. جيڪي سندن حلقي ۾ داخل ٿين ٿا، تن جي تنظيمي حوالي سان ڪا به تربيت نه ٿي ڪئي وڃي. ٿيڻ ايئن گهرجي ته ڪا به تنظيم يا ذيلي تنظيم هر ڪنهن کي ميمبر بنائڻ جو جهاد نه ڪري . بيشڪ ان جا دروازا کليل رهن، پر انهن دروازن مان اهڙا ماڻهو اندر داخل ٿين جن ۾ پنهنجي پارٽي، تنظيم ۽ قوم جي خدمت ڪرڻ جو جذبو به هجي ته ڏانءُ به هجي.انهن تنظيمن کي ڏوهارين يا مفاد پرستن جي ڍال نه بڻايو وڃي. جيئن اڄ جي صورتحال آهي. تنظيم جو ڪارڪن انهي سٺي گهر ڌياڻيءَ جهڙو هجڻ گهرجي، جيڪا هڪ ئي وقت تي پيڪا ۽ ساهرا راضي رکندي آهي.ڪارڪن کي هڪ ئي وقت تي پنهنجي پارٽي ۽ قوم جي مفاد جي نگهباني ڪرڻي آهي، نه ڪي پنهنجي ذاتي مفاد جو رکوالو، عوام جو دشمن ۽ قوم جو غدار ٿيڻو آهي. انهيءَ لاءِ ضروري آهي ته ڪا به تنظيم ڪنهن کي ميمبر ڪرڻ کان اڳ ان جي ارادن ، لاڙن ۽ خواهشن جاچڻ کان علاوه شخصيت ۽ ڪردار کي به نظر ۾ رکي، نه فقط ايترو پر ان جي شخصيت ۽ ڪردار جو رڪارڊ رکي ۽ ان کان عوام کي باخبر رکندي رهي. پنهنجي ڪارڪنن ۾ تنظيمي ضابطو پيدا ڪرڻ، تنظيمي ڪارڪردگي کان باخبر رکڻ ۽ سندس شخصيت کي سنوارڻ سينگارڻ لاءِ وقت به وقت تربيتي ورڪشاپ جو اهتمام ڪري . ايئن ڪرڻ ۾ پارٽي، تنظيم، ذيلي تنظيم ۽ عوام جو ڀلو آهي. ايئن ڪرڻ سان جمهوري قدرن کي مقبول بنائڻ ۾ پاڻ کي وڏي هٿي ملي ويندي. اسان جون ڪيتريون ئي تنظيمون ۽ پارٽيون ان ڪري ئي عوام ۾ مقبول ٿي نه سگهيون آهن، ڇو جو انهن جا ڪارڪن پارٽي ڊسيپلين ۽ مينيفيسٽو کان وانجهيل ۽ فقط پنهنجي ذاتي مفادن جا مريد ٿين ٿا، اهي هڪ ئي وقت تي عوام، تنظيم ۽ قوم کي دوکو ڏين ٿا.

اهي تنظيمون، جيڪي سياسي مقصد نه ٿيون رکن ۽ ڪنهن سياسي پارٽي جون ذيلي تنظيمون نه آهن. انهن ۾ پڻ جمهوري قدرن، نظرين ۽ اصولن کي عام ڪرڻ جي گنجائش موجود آهي. اهي به غير جمهوري ماحول ۽ جاگيردارانه نظام جو اثر قبول ڪنديون رهن ٿيون. اهي به اڪثر ڪري وڏيرائپ يا حڪمراني ڪرڻ جو ڏيک ڏين ٿيون، انهيءَ صورتحال کي منهن ڏيڻ ۽ اهڙين تنظيمن کي بچائڻ جا في الحال ترت قدم اهي کڻي سگهجن ٿا ته ڪو به فرد لڳا تار تنظيم جو عهديدار نه بڻايو وڃي ۽ ڪنهن به ميمبر کي ڪو عهدو جاگير طور نه ڏجي . ان کان علاوه جيڪڏهن ڪو عهديدار يا جملي عهديدار جڏهن پنهنجي عهدن جو ناجائز فائدو وٺن يا تنظيم جي اغراض و مقاصد خلاف ڪم ڪن ته پوءِ انهن خلاف بي اعتمادي جي رٿ پيش ڪري کين يا کيس عهدن تان برطرف ڪري سگهجي.

تنظيمون ۽ پارٽيون انهيءَ صورت ۾ هنن تجويزن تي غور نه ڪنديون، جڏهن ۽ جيڪڏهن انهن جا عهد يدار ۽ ڪارڪن جمهوري روايتن ۾ ايمان نه رکندا هوندا، يا انهن تنظيمن کي پنهنجي ذاتي خواهه گروهي مفادن حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو ڄاڻندا هوندا. اهڙي صورت ۾ اهو عوام ۽ پريس تي فرض عائد ٿئي ٿو ته اهڙن عهديدارن جي پرڪارن کي پڌرو ڪن ۽ هر ڪنهن تنظيم کي مجبور ڪن ته اها جمهوري قدرن پٽاندڙ هلي، ٻئي صورت ۾ تنظيمون، ڏوهارين، بدڪردارن، عوام دشمن ۽ قوم دشمن قوتن جا مورچا بڻجي وينديون.

 

 

 

(ڪالم ”وڏا وڻ وڻڪار جا“، روزنامه ”عوامي آواز“ ڪراچي ،

تاريخ : 17.09.1994)

 

 

 

Good Wishes