سنڌ جا ڪي اداڪار

] نوٽ: هيءَ 34 سال اڳ جي ڳالهه آهي، جڏهن مون ڊاڪٽر ڄيٺي لالواڻيءَ کي هيءُ خط لکيو هو. ان جي ڪاپي ته مون وٽ ڪا نه هئي، پر انڊيا جي ڊاڪٽر روشن جي مهرباني، جنهن اهو خط What’up ذريعي ڪن دوستن سان شيئر ڪيو ۽ مون کي به ان جو عڪس ڏياري موڪليو، جنهن کي ڪمپوز ڪري دوستن سان ونڊي رهيو آهيان. هيءُ خط 1982 ۾ لکيو هئم ۽ ان ۾ جيڪا معلومات ڏني اٿم، اها 1982 تائين سمجهي وڃي. ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ[

ڪراچي

15.01.1982

پريتم ڀاءُ لالواڻي

            اوهان جو خط پهتو. مهرباني. خط کي جڏهن ٻاهران ڏٺم ته سائين گنگارام سمراٽ جا هٿ اکر نظر آيا. سوچيم ته سندس ناراضپو جهڪو ٿيو آهي، جو خط لکيو اٿن. مون کي حڪم ڪيو هيائون ته ڏانهن ڪجهه ڪتاب موڪليان. آئون اهي ڪتاب موڪلي ڪونه سگهيو هئس.

            اوهان لکيو آهي ته: “پهريون ڀيرو خط وسيلي مخاطب ٿي رهيو آهيان!” پر ادل، مان ته اوهان کي اڳ کان سڃاڻان ٿو. اوهان مون کان ٻه مهينا ۽ سترنهن ڏينهن وڏا آهيو. اوهان ڪنڊياري ۾ ڄاوا هئا ۽ آئون موهن جي دڙي لڳ ڳوٺ خير محمد آريجا ۾!! فرق رڳو هي آهي ته مون Ph.D ڪئي آهي ۽ اوهان M.B.B.S ڪري رهيا آهيو. آئون هتي آهيان ۽ اوهان احمد آباد ۾ آهيو. مون اوهان جو ذڪر پنهنجي اڻ ڇپيل ڪتاب “ايڊيٽر نامو” ۾ ڪيو آهي. تنهنجو ڪتاب “علي بابا گم” پڙهيو اٿم.

            اهو پڙهي خوشي ٿي ته اوهان کي منهنجو ”اديون“ ۾ شايع ٿيل مضمون وڻيو. اوهان جي پسنديده وشيه تي هتي ڪو به ڪتاب شايع نه ٿيو آهي. البت ڊراما ڪيترائي شايع ٿيا آهن، آئون سٺا ڊراما تو ڏانهن موڪلي ڏيندس. باقي خطن وسيلي تو ڏانهن معلومات موڪلي ڏيندس، تون منهنجا مضمون پنهنجي ڪتاب ۾ کڻي ڏجانءِ. ناٽڪ منڊلين وارو  مضمون تو وٽ آهي. هن سان گڏ “سنڌي اداڪار جو وچور” ڏياري موڪليان ٿو.

”سنڌي اداڪارن جو وچور“

سنڌي ناٽڪ جي تاريخ ۽ ترقيءَ بابت لکڻ وقت اداڪارن جي وجود ۽ اهميت کي ڪڏهن به نظرانداز نه ٿو ڪري سگهجي. حقيقت مڳڻ اداڪارن جو ذڪر ئي ڊرامي جي اڌ تاريخ آهي. سنڌي اداڪارن کي ٽن حصن ۾ ورهائي سگهجي ٿو: هڪڙا سنڌ جا اداڪار، ٻيا هند جا اداڪار ۽ ٽيان ورهاڱي کان اڳ جا اداڪار. انهن ٽنهي قسمن جي اداڪارن جي جيون چرترن ۽ ڪارنامن تي الڳ ڪتاب لکي سگهجي ٿو. انهيءَ ڪم کي تڏهن پورو ڪري سگهبو، جڏهن سنڌ يا هند ۾ ”ناٽڪ لاءِ تحقيقي اڪاڊمي“ قائم ڪئي وڃي. جنهن طرفان منظم نموني ناٽڪي اداڪارن سان رابطو قائم ڪري سندن احوال ڪٺو ڪيو وڃي.

            هن هيٺ آئون سنڌ جي ناٽڪي اداڪارن جي نالن جو وچور ڏئي رهيو آهيان، ته جيئن مون کان پوءِ کوجنا ڪرڻ واري کي هڪ ئي هنڌ تي گهڻي کان گهڻا نالا ملي سگهن ۽ هو آسانيءَ سان ڪم ڪري سگهن.

الف: اقبال پروين، اقبال ترين، اسرار شام، ابراهيم پروانو، امداد ملڪ، ارشاد گل، اسماعيل انجم، اقبال انصاري، امير ناز، اڪبر آرزو، انور اقبال، آفتاب شاهه، آفتاب نبي، انور بلوچ، انوري بيگم، اشفاق صفي، ايوب سرحدي، احمد شريف، الطاف سومرو، ابو بلال، اختر ناز، احمد علي چانڊيو، انور شاهه، اي. آر. بلوچ، اياز لطيف، اسلم راهي، انور سولنگي، الله بچايو لغاري، آغا سليم، اعجاز ساريو، اعظم عباسي، اسد لڪياروي، اختري، اسلم تنيو.

ب: بدر حيدر، بملا، بينا،

ت: تهذيب جعفري، تاج ساريو.

پ: پروين اڪبر، پرنس مشتاق، پروين ناز، پرين بوبي، پريم راهي، پروين اقبال.

ج: جاويد ميمڻ، جاويد ناز، جاويد بلوچ، جاني بلوچ، جبار خليل، جڳديش ڪمار،

ح: حسينه عاليه، حيدر، حسن مستانه،

خ: خادم عباسي، خادم ابڙو، خان محمد جوڻيجو، خدا بخش،

چ: چڪوري، چندا ناز،

د: درل سوز، دوست محمد ساريو، دوست محمد ابڙو،

ذ: ذوالفقار پپو، ذوالفقار هيسباڻي،

ر: رابيله، رضيه ناز، روشن بخاري، رياض شيخ، رخسانه خانم، روشن عطا، راجا نور انور، راجو البيلو، روبيه، رفيق صديقي، رشيد خمار، رفيق مغل، رفيق ترين، روپ مالا.

ز: زاهد مرزا، زرينه بلوچ، زوار نقوي، زرينه گل،

س: ساجده گل، ساحر قريشي، ساوتري، سڪينه سمون، سلطان، س. گل، سعيده، سيد صالح محمد شاهه، ساقي، ساجده پروين، سليم کيڙو، س. مغل، سيما، سڪندر بلوچ، سڪندر سومرو،

ش: شهنشاهه عباس، شفيع محمد شاهه، شبير سيتائي، شبير بلوچ، شهناز، شهزاد گل، شهزادي، شفيق انصاري،

ص: صلاح الدين، صابر حسين،

ع: عمر ابڙو، علي گوهر، عبدالغني سولنگي، علڻ جانوري، عبدالخالق، عظيم کوکر، عبدالحڪيم کوسو، عاليه ناز، عصمت راشدي، عابد حيدري، عباس شاهه، عابد خان، عابد خان، عبدالحق ابڙو،

غ: غزاله رفيق، غلام رسول زنگيجو، غفار ڀٽي، غلام علي سومرو، غفار تبسم، غالب لطيف، گلشن آرا، گل حسن جانوري، غلام نبي شاهه، غوث عادل،

ڦ: ڦوٽو زرداري،

ف: فتح علي پنهور، فدا مير، فريد نواز،

ڪ: ڪنول، ڪرشن لعل، ڪليم،

ق: قربان جيلاني، قلندر بخش، قربان درس، قمر شهباز، قمر زمان شاهه.

گ: گل منير، گلاب گل، گل بانو، گلشن راهي، گ. ڏيپر، گيتا،

ل: لطيف منا، لائق کوسو، لطيف چارلي

م: ممتاز ڪنول، منير شاهين، محمد علي، مصطفيٰ بروهي، محڪم جوڻيجو، منصور جانوري، مدد وفا، مقصود مغل، مصطفيٰ شيخ، محمد عرس، محمود صديقي، محمد هاشم قريشي، محمد خان بروهي، مصطفيٰ قريشي، منظور قريشي،  منصور راهي، مشتاق جسڪاڻي، منظور مراد، ممتاز ابڙو، ممتاز عباسي، محمود لاسي، مشتاق چنگيزي، مختيار کوسو، مشتاق مغل، ممتاز پنهور،

ن: نياز حسين، نواب سولنگي، نسرين اقبال، نعيم بلوچ، نيما، نواب اسلم، نذير سولنگي، نثار حسيني، نادر بلوچ، نبي بخش لاشاري، نور محمد لاشاري، نعيم سيلاني، نزهت عباسي، نذير بلوچ، نرگس،

و: وفا ڀٽي

ي: يار محمد شاهه، ياسمين بيبي، يوسف علي،

هه: هاشم شورو، هاشم قريشي، همايون گل، هاشم بلوچ.

            مهرباني ڪري، اوهان پاڻ هنن کي ترتيب واري ڪري رکجو. هي وچور اوهان جي ڪتاب ۾ پوئتان ضميمي طور به ڏئي سگهجي ٿو. ٿي سگهيو ته آئون هر هڪ تي مضمون الڳ لکي موڪليندس. پر ان لاءِ وقت گهرجي، ڇو ته ساڻن ملڻ لاءِ وقت ڪڍڻو پوندو. هي وچور ڪجهه وقت اڳ پاڻ ٺاهيو هيم، جيڪو اوهان ڏي موڪليان پيو.

            شري رام ڪرشن هيرانند آڏواڻي (راهي) منهنجا ڪي ڪتاب (اڻ ڇپيل) ۽ مضمون ايڏانهن کڻي آيو هو. جيڪڏهن ڪتاب ڇپجي نه ٿا سگهن ته کيس (بمبئي خط لکي) چوندا ته مون وارا مضمون ئي اتي شايع ڪرائي.

وڌيڪ خير

سائين گنگارام سمراٽ لاءِ نياز

ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ

Good Wishes