ڊاڪٽر در محمد پٺاڻ
(تو بن جاني! هيءَ جهان)
”جانب! جل ته جلئون جوت لاءِ“
ڪنهن انسان تي ڏکيا ڏينهن ايندا آهن ته هن لاءِ ماڻهون چوندا آهن ته ويچاري لاءِ رڻ ٿو ٻري. ماڻهن بدران جيڪڏهن معاشرن ۽ ملڪن تي اهڙا ڏينهن اچن ته پوءِ ڪجهه چوڻ بدران ٻوڙو ٻڌي آچار ڪجي ۽ پنهنجي سوچن خواهه لوچن جا ڪعبا قبلا درست ڪرڻ گهرجن.
اسان بنهه اهڙين حالتن مان گذري رهيا آهيون. اڳي چوندا هئا ته ساڙ ۽ حسد ۾ ماڻهن جون دليون جلنديون آهن پر هاڻي ته جهڙوڪ ڪک پن جلي ٿو ۽ سڪن سان گڏ ساوا به جلن ٿا. ملڪن ۽ معاشرن تي مصيبتون اينديون آهن ته ماڻهون ڌرتيءَ جي سيني تي رهڻ بدران ڌرتيءَ جي پيٽ، يعني قبر ۾ رهڻ کي ترجيح ڏيندا آهن. اسان جي اڪثريت قبرن ۾ وڃي قرار ڪرڻ نه ٿي گهري، پر ڪي شاهينگ هڪ ئي ڌڪ ۾ هجومن جا هجوم ٻئي جهان ۾ ڌڪي ۽ ماري اماڻين ٿا.
اقتصاديات جي هڪ ماهر مالٿس پنهنجو نظريو ڏنو هئو ته جڏهن آدمشماري وڌي ويندي آهي، تڏهن ٻوڏون، زلزلا، طوفان، بيماريون ۽ قتل و غارت جا واقعا رونما ٿيندا آهن ۽ آدمشماري وڃي انهيءَ سطح تي پهچندي آهي، جو ملڪي وسيلا ۽ ذريعا انهن جي ضرورتن جو پورائو ڪري سگهندا آهن. هي ۽ اهڙا نظريا ماڻهن ۾ ڊپ جي بنياد تي آدمشماري گهٽائڻ لاءِ هٿڪنڊي طور جوڙيا ويا. پر، اسان وٽ ته آدم ۽ آدم شماري جي ڪا اهميت ئي ڪانهي. حڪومتون آدمشماري ڪرائڻ کان ائين ڊڄن ٿيون، جيئن ڪانءَ ڀڄي ڪمان کان. انهيءَ ڪري مالٿس جي پاپوليشن واري ٿيوري اسان سان لاڳو نه ٿي ٿئي پر ڪا ٻي ماجرا آهي، ڪو ٻيو ڪارڻ آهي، جنهن ڪري شهر جلن ٿا، معاشرو جلي ٿو ۽ ماڻهو ٿوڪ جي حساب سان الله کي پيارا ٿيندا وڃن ٿا. تان جو اسان جون امام بارگاهون ڪوس گهر بڻايون وڃن ٿيون، مسجدون ۽ مندر محفوظ نه آهن، تعليمي ادارن ۽ تفريح گاهن ۾ ويندي موت جا پاڇا پيڇو ڪندا وتن ٿا. موت ڪڏهن به زندگين سان ايترو پيار نه ڪيو، بيمارين ۾ ايترا ماڻهو ن نه مئا، حادثن ايترن ماڻهن جون حياتيون نه ڳڙڪايون، پر ماڻهن جي هٿن ڏاڍا ماڻهون ماريا ۽ گهڻيون بي گناهه حياتيون ورتيون.
هيءَ ۽ ههڙي صورتحال تڏهن جنم وٺي ٿي، جڏهن ماڻهو پاڻ کي عقل ڪل ۽ علم ۾ اڪابر سمجهي ضد ۽ هوڏ ڪري ٻين ماڻهن کي پنهنجو پيروڪار ۽ پوئلڳ بڻائي ٿو ۽ ان کي پنهنجي دين ايمان جو بنياد ڄاڻي ٿو ته جيڪو هن سان هم راءِ ڪونهي، جيڪو هن جي تجويز ڪيل ايجنڊا تي عمل ڪرڻ کان ڪيٻائي ٿو، ان کي زندهه رهڻ جو ڪو حق ڪونهي.
اسان جي ذهني ۽ فڪري ڪيفيت اها وڃي جڙي آهي ته چئون ۽ سمجهون ٿا ته جيئن ته اسان سچ تي آهيون، ان ڪري باقي ڪوڙا آهن ۽ هن دنيا مان ڪوڙن جو خاتمو ڪرڻ اسان جو فرض آهي. جڏهن ته اسان ۽ اسان جي معاشري خواهه ملڪ جو بچاءُ ان ۾ آهي ته پاڻ ۾ محبت، ايثار ۽ برداشت ڪرڻ واريءَ قوت کي زور وٺرايون. انساني عقل ۽ منطق تي يقين ڪريون ته ان ۾ پاڻ سنوارڻ ۽ سڌارڻ جي خصلت موجود آهي. اسان کي ڪو اهو سمجهائي ته انسان کي ماري ته سگهجي ٿو، ليڪن مڃرائي نه ٿو سگهجي. اسان پنهنجي مڃتا جي شوق ۾ ٻين کي تباهه ۽ برباد ته ڪري سگهون ٿا، ليڪن سچ، حق ۽ سونهن کي قائم ۽ دائم رکي نه ٿا سگهون. لڳي ٿو ته اسان جي اندر وارو انسان رستو وڃائي ويٺو آهي ۽ خود اسان جي انساني احترام واري رستي جي روڪ بڻجي پيو آهي.
اسان کي جيترو پاڻ تي سچي هجڻ جو يقين آهي تيئن اهو به سمجهئون ته ٻين ماڻهن وٽ به عقل ۽ علم آهي، سوچ ۽ لوچ آهي ۽ اهي به پنهنجو برو يا ڀلو سمجهي سگهن ٿا. وقت جي تقاضا آهي ته اسان سچ ۽ سونهن جو پاڻ کليو ڪتاب بڻجي پئون ۽ پنهنجي ايثار ۽ پيار سان اهڙي جوت جلايون جنهن ۾ اونداهيءَ هيٺ آيل سمورا رستا روشن ٿي پون.
Email: This email address is being protected from spambots. You need JavaScript enabled to view it.
Website: www.drpathan.com