اڄوڪي ڏينهن 05 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

 

31

جنم ڏينهن:

5 ڊسمبر 1860ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ سياستدان ولي محمد حسن علي جو جنم ٿيو.
5 ڊسمبر 1898ع اردو جي ناليواري شاعر جوش مليح آبادي جو جنم ڏينهن آهي.
5 ڊسمبر 1909ع سياستدان سوڀراج موٽواڻي (لاڙڪاڻو / اجمير) جو جنم ڏينهن آهي.
5 ڊسمبر 1931ع آرٽسٽ پريم چند ٺاڪر (شڪارپور / الهاسنگر) جو جنم ڏينهن آهي.
5 ڊسمبر 1937ع شاعر الهڏنو سوز هالائي جو جنم ڏينهن آهي.
5 ڊسمبر 1959ع سماجي ورڪر نور محمد ڪانگو جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
5 ڊسمبر 1962ع شاعر غلام حسين مسڪين جو جنم ڏينهن آهي.
5 ڊسمبر 1972ع ليکڪ يحيى منير جي پيدائش ٿي.
5 ڊسمبر 1980ع شاعر عبدالجبار ثاقب چاوڙو جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

5 ڊسمبر 1858ع سر جان جيڪب جو انتقال ٿيو.
5 ڊسمبر 1963ع پاڪستان جي اڳوڻي وزيراعظم حسين شهيد سهروردي جو انتقال ٿيو.
5 ڊسمبر 1958ع اردو جي ناليواري ليکڪ ۽ مزاح نگار احمد شاهه پطرس بخاري جو نيويارڪ ۾ انتقال ٿيو.

Good Wishes