اڄوڪي ڏينهن 10 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

 

31


جنم ڏينهن:

10 ڊسمبر 1910ع ميهڙ سان تعلق رکندڙ شاعر ضياء الدين ايس بلبل جو جنم ڏينهن آهي.
10 ڊسمبر 1911ع اسڪالر، ليکڪ ۽ اديب ڪلياڻ آڏواڻي (حيدرآباد/بمبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
10 ڊسمبر 1913ع ليکڪ اسانند بجلاڻي جو جنم ڏينهن آهي.
10 ڊسمبر 1928ع ليکڪ آشا درگاپوري عرف ٻولچند تيرٿداس تارواڻي (ٽنڊو محمد خان / جئپور) جو جنم ٿيو.
10 ڊسمبر 1943ع نصيرآباد سان تعلق رکندڙ سگهڙ قمر الدين سيال جو جنم ڏينهن آهي.
10 ڊسمبر 1943ع ليکڪ بنسي خوبچنداڻي (سکر / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.
10 ڊسمبر 1954ع فلمي اداڪاره بابره شريف جي پيدائش ٿي.
10 ڊسمبر 1955ع جهونا ڳڙهه سان تعلق رکندڙ شاعر رميش ڪمار کلونا جو جنم ڏينهن آهي.
10 ڊسمبر 1956ع شاعر غلام مصطفى اياز جو جنم ڏينهن آهي.
10 ڊسمبر 1962ع ليکڪ عبدالرحمان سيال جو جنم ڏينهن آهي.
10 ڊسمبر 1962ع شاعر منير شاهه مخمور جو جنم ڏينهن آهي.
10 ڊسمبر 1963ع اسڪوائش جي اڳوڻي عالمي چيمپيئن جهانگير خان جو جنم ڏينهن آهي.
10 ڊسمبر 1971ع شاعر رفيق سانول جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

10 ڊسمبر 1942ع شاعر محمد طالب سومرو جي وفات ٿي.
10 ڊسمبر 1944ع شاعر مير غلام الله شاهواڻي جي وفات ٿي.
10 ڊسمبر 1959ع شاعر سيد پيرل شاهه پيرل جي وفات ٿي.
10 ڊسمبر 1994ع سنڌي مرثيا نگار سيد ثابت علي شاهه ثالث جو انتقال ٿيو.
10 ڊسمبر 2003ع عالم، اديب ۽ محقق علامه غلام مصطفى قاسمي جو انتقال ٿيو.
10 ڊسمبر 2018ع دادوءَ سان تعلق رکندڙ ناميارو شاعر انور قمبراڻي وفات ڪري ويو.

  • Add to Phrasebook
     
    • No word lists for Sindhi -> English...
       
    • Create a new word list...
  • Copy

Good Wishes