اڄوڪي ڏينهن 11 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

 

31


جنم ڏينهن:

11 ڊسمبر 1913ع سياستدان محمد امين کوسي جو جنم ڏينهن آهي.
11 ڊسمبر 1922ع باليووڊ جي ناليواري فلمي اداڪار دليپ ڪمار / محمد يوسف جي پشاور ۾ پيدائش ٿي.
11 ڊسمبر 1934ع سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه جو جنم ڏينهن آهي.
11 ڊسمبر 1939ع سپريم ڪورٽ جي اڳوڻي جج جسٽس (ر) ديدار حسين شاهه جو جنم ٿيو.
11 ڊسمبر 1956ع اداڪاره سنيتا نارواڻي جو جنم ڏينهن آهي.
11 ڊسمبر 1957ع صحافي مظهر علي لاشاري جو جنم ڏينهن آهي.
11 ڊسمبر 1959ع هالا سان تعلق رکندڙ شاعر نياز حسين نياز ميمڻ جي پيدائش ٿي.
11 ڊسمبر 1960ع پروفيسر ڊاڪٽر امداد سهتو جي سيٺارجا ۾ پيدائش ٿي.
11 ڊسمبر 1986ع سجاول سان تعلق رکندڙ نوجوان شاعر مشتاق سعيد جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

11 ڊسمبر 1926ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سماجي اڳواڻ ديوان همت راءِ آڏواڻي ديهانت ڪري ويو.
11 ڊسمبر 1984ع شاعر ۽ صحافي محمد يعقوب نياز وفات ڪري ويو.
11 ڊسمبر 1985ع ملهه ۽ ريسلنگ جي راند سان واسطو رکندڙ پهلوان انب شيدي جو انتقال ٿيو.

Good Wishes