اڄوڪي ڏينهن 15 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

 

31

جنم ڏينهن:

15 ڊسمبر 1922ع شاعر، سياستدان ۽ صحافي علي اڪبر شاهاڻي جي پيدائش ٿي.

15 ڊسمبر 1925ع شاعر انور هالائي جي پيدائش ٿي.

15 ڊسمبر 1927ع شاعر فيض درياء کرل جو جنم ڏينهن آهي.

15 ڊسمبر 1928ع ڳڙهي ياسين سان تعلق رکندڙ ليکڪ ڪريم بخش خالد جو جنم ڏينهن آهي.

15 ڊسمبر 1935ع راڳي راڌيڪا واسواڻي (ڪراچي / دهلي) جي پيدائش ٿي.

15 ڊسمبر 1936ع موسيقار جهامن داس شرما (سکر / الهاسنگر) جي پيدائش ٿي.

15 ڊسمبر 1941ع سماج سڌارڪ محترم بخش علي لاکو جو جنم ڏينهن آهي.

15 ڊسمبر 1945ع شاعر بلاول اوٺي جو جنم ڏينهن آهي.

15 ڊسمبر 1946ع لوڪ گلوڪاره امينه جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

15 ڊسمبر 1949ع ليکڪ گهنشيام ساگر جو جنم ڏينهن آهي.

15 ڊسمبر 1950ع سگهڙ پير بخش مڱريو جو جنم ڏينهن آهي.

15 ڊسمبر 1956ع شاعر مدهوش خاصخيلي جنم ڏينهن آهي.

15 ڊسمبر 1961ع ڪهاڻيڪار ۽ مقالا نگار بدر ڌامراهه جو جنم ڏينهن آهي.

15 ڊسمبر 1963ع شاعر شبير سقراط سيتائي جو جنم ڏينهن آهي.

15 ڊسمبر 1965ع ڪهاڻيڪار ۽ ڊراما نگار امير ابڙو جو جنم ڏينهن آهي.

15 ڊسمبر 1968ع سينيئر صحافي سترام مهيشوري جو ڇاڇري ۾ جنم ٿيو.

15 ڊسمبر 1971ع صحافي سانول ٻرڙي جو جنم ڏينهن آهي.

15 ڊسمبر 1972ع شاعر نذير سيال جو جنم ڏينهن آهي.

وڇوڙو:

15 ڊسمبر 1868ع گهوٽڪي سان تعلق رکندڙ بزرگ نور محمد شاهه جيلاني جي وفات ٿي.

15 ڊسمبر 1926ع مذهبي اسڪالر مولانا قاضي نذر محمد لاڏاڻو ڪري ويو.

15 ڊسمبر 1928ع حيدرآباد سان تعلق رکندڙ سياستدان ديوان هيرانند سنتوڪرام ديهانت ڪري ويو.

15 ڊسمبر 1964ع مذهبي اسڪالر مولانا عبدالله کڏهري جي وفات ٿي.

15 ڊسمبر 1985ع ليکڪ مير کورواهي انتقال ڪري ويو.

15 ڊسمبر 1997ع مشهور اسڪالر، اديب ۽ محقق ڊاڪٽر اياز قادري وفات ڪري ويو.

15 ڊسمبر 2001ع مشهور ٽي وي اداڪار فريد نواز بلوچ ڪراچي ۾ وفات ڪري ويو.

Good Wishes