اڄوڪي ڏينهن 17 ڊسمبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

 

31

جنم ڏينهن:

17 ڊسمبر 1845ع صوفي شاعر موهن فقير آهوجا (عاقل) جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 ڊسمبر 1917ع شاعر، صحافي، نثر نويس ۽ آرٽسٽ
قاضي عبدالحئي قائل جو جنم ڏينهن آهي۔
17 ڊسمبر 1924ع شاعر ۽ اسڪالر
ڊاڪٽر ارجن شاد (سکر/بمبئي) جي پيدائش ٿي.
17 ڊسمبر 1926ع ليکڪا ڪماري اندرا شوداساڻي جي پيدائش جو ڏينهن آهي.
17 ڊسمبر 1934ع سياستدان
آفتاب احمد شيخ جو جنم ڏينهن آهي.
17 ڊسمبر 1952ع ڊرٻ ميهر شاهه جو گادي نشين ۽ سياستدان
سيد بچل شاهه جيلاني پيدا ٿيو.
17 ڊسمبر 1972ع باليووڊ اداڪار
جان ابراهيم جو جنم ڏينهن آهي.
17 ڊسمبر 1980ع غوثپور سان تعلق رکندڙ شاعر زاهد علي شاهه جو جنم ڏينهن آهي.


وڇوڙو:

17 ڊسمبر 1839ع سنڌ جو حڪمران مير نور محمد ٽالپور لاڏاڻو ڪري ويو.
17 ڊسمبر 1949ع مذهبي اسڪالر مولوي محسن شاهه جي وفات ٿي.
17 ڊسمبر 1950ع نواب مير محمد چانڊيو جي وفات ٿي.
17 ڊسمبر 1960ع صوفي شاعر
نصير محمد فقير جلالاڻي جي وفات ٿي.
17 ڊسمبر 1970ع سياستدان سيد وريل شاهه (رتوديرو) جو انتقال ٿيو.
17 ڊسمبر 1975ع سائنسدان ڊاڪٽر وڏل شاهه جي وفات ٿي.
17 ڊسمبر 1984ع لاڙڪاڻي جي صحافي
ڪامريڊ جمال بخاري جي وفات ٿي.
17 ڊسمبر 2005ع هند ۽ سنڌ جي مشهور ليکڪا
پوپٽي هيراننداڻي ديهانت ڪري وئي.
17 ڊسمبر 2012ع هند ۽ سنڌ جومشهور شاعر
پرڀو جوتومل ڇڳاڻي وفا ديهانت ڪري ويو.
17 ڊسمبر 2015ع اداڪار ۽ ليکڪ الف ن ڊرامي جو ليکڪ ڪمال رضوي انتقال ڪري ويو.
17 ڊسمبر 2016ع شاعر سعيد ميمڻ جي وفات ٿي.

Good Wishes