اڄوڪي ڏينهن 18 نومبر تي جنم وٺندڙ ۽ وڇڙندڙ مشهور شخصيتون

 

31

جنم ڏينهن:

18 نومبر 1822ع حيدر آباد سان تعلق رکندڙ آزادي تحريڪ جي اڳواڻ هريچند گنگا رام جي پيدائش جو ڏينهن آهي.

18 نومبر 1828ع ليکڪ ۽ اسٽيج ڊائريڪٽر مينگهه راج تلريجا (شڪارپور / ممبئي) جو جنم ڏينهن آهي.

18 نومبر 1965ع جوهي سان تعلق رکندڙ شاعر خليل عارف سومرو جو جنم ڏينهن آهي.

18 نومبر 1968ع شاعر ۽ ريڊيو ڪمپيئر عزيز منگي جو جنم ڏينهن آهي.

​​

وڇوڙو:

18 نومبر 1907ع صوفي شاعر فيض دريا شاهه جي وفات ٿي۔

18 نومبر 1970ع تعليمي ماهر خانبهادر ڪي بي نورالدين نانا (ڪراچي) جي وفات ٿي۔

18 نومبر 1976ع مذهبي اسڪالر ۽ شاعر مولانا عبدالغفور طوفان جي وفات ٿي۔

18 نومبر 1979ع شهداد ڪوٽ سان تعلق رکندڙ عالم ميان عبدالحليم ميڪڻ لاڏاڻو ڪري ويو۔

18 نومبر 1982ع اديب، نقاد ۽ شاعر ڊاڪٽر شيخ محمد ابراهيم خليل جو انتقال ٿيو.

18 نومبر 1983ع ڪراچي سان تعلق رکندڙ مزدور اڳواڻ پوهومل ديهانت ڪري ويو۔

Good Wishes