بامبي گورنمينٽ گزيٽ“ کان وٺي “سنڌ گورنمينٽ گزيٽ“ تائين سنڌ جي تاريخ جو انمول خزانو.(  بابا سائين جي نوٽس مان. )

                        سنڌ جي تاريخ تي مواد ۽ معلومات جا ھزارين“ معلوماتي ذريعا ۽ وسيلا“ موجود آھن پر ڪن محققن جي انھن تي نظر نہ پئي آھي. “بامبي گورنمينٽ گزيٽ“ بہ انھن مان ھڪ آھي. 1936 ۾ جڏھن سنڌ بمبئي کان الڳ ٿي تہ صوبائي حڪوت “ سنڌ گورنمينٽ گزيٽ“ ڪڍڻ شروع ڪئي. انھن ٻنهي گزيٽن جي پرچن ۾ سنڌ جي سياست، ھندو- مسلم لاڳاپن، امن امان جي صورتحال ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي مواد موجود آھي. انگريزن جي زماني ۾ 1947 تائين جيڪي بہ قانون پاس ٿيا اھي انگريزي توڙي سنڌي ۾ گزيٽ ۾ شايع ٿيا. سنڌ ۾ جيڪي ڏوھاري ذاتيون ھيون يا پاٿاريدار ھئا انھن بابت نوٽيفڪيشن بہ گزيٽ ۾ ڇپبا ھئا. بامبي توڙي سنڌ گزيٽ کي بابا باريڪ بيني سان پڙھيو ۽ سنڌ بابت مواد حاصل ڪيو. مثال طور 1919 وارو ڪارو قانون “رولٽ ايڪٽ“ ۽ “ سنڌ جي صوبائي حيثيت وارو نوٽيفڪيشن “ انگريزي توڙي سنڌي ۾ گل حيات ۾ موجود آھن. بابا جي ورتل نوٽس مان جڏھن مون انگريزن جي زماني جي پاٿاريدارن جون لسٽيون ڏٺيون تہ مون کان ڇرڪ نڪري ويا. ڇو تہ ڪن پاٿاريدارن جا پونئير اڄ معتبر ۽ وڏا ماڻھون بڻجي چڪا آھن.                         انھن گزيٽن ۾ سنڌ جي ادبي تاريخ تي بہ گھڻو مواد موجود آھي.مثال طور سنڌي ۾ جيڪو بہ ڪتاب ڇپبو ھيو انھن تي ٻڌل نوٽيفڪيشن ھر ٽئين مھيني گزيٽ ۾ شامل ٿيندو ھيو.ھن جو مطلب اھو ٿيو تہ سنڌي ڪتابن جي ببليو گرافيءَ جو سمورو ڪم ٿيو پيو آھي ۽ 1853 کان وٺي 1947 تائين جيڪي سنڌيءَ ۾ ڪتاب شايع ٿيا انھن مان ڪيترائي نوٽيفڪيشن گل حيات ۾ موجود آھن.                       انگريزن جي زماني ۾ قلمي پورھيتن آزاديءَ جي تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو. ان بابت بہ کوڙ سارو مواد گل حيات ۾ موجود آھي ۽ ھن موضوع تي پي ايڇ ڊي ٿيڻ گھرجي.انھيءَ سلسلي ۾ سرڪار ڪيترائي ڪتاب ضبط ڪيا ۽ انھي حوالي سان منهنجي ھڪ پوسٽ انگريزيءَ ۾ انٽرنيٽ گروپن ۾ اچي چڪي آھي.               منهنجي ھنن پوسٽن مان سنڌ ۽ سنڌ سان محبت ڪندڙ ماڻھون اندازو لڳائي سگھندا تہ منهنجي والد ڪنهن سرڪاري ۽ درٻاري مدد کان سواءِ مسھپ مخالفت ۽ دشمنيءَ جي ماحول ۾ سنڌ جي تاريخ تي ڪيڏو نہ اھم مواد گڏ ڪيو آھي.(ممتاز)

 

Good Wishes