گل حيات ۾ موجود اياز ڀاڳت جو ڪتاب “ سنڌ ۾ رھندڙ ذاتيون ٖ قومون ۽ قبيلا “  جيڪو سال 2008 ۾ ڇپيو.ليکڪ موجب سنڌ جي اصل تاريخ اڄ تائين مڪمل نہ ٿي سگهي آھي.جنهن ڪري ھتان جي ماڻھن ۽ نسل بابت حتمي راء جڙي نہ سگهي آھي.جيڪوڪجهہ لکجي ٖ ڇپجي اسانجي سامھون آيو آھي اھو انهن لکندڙن جي معلومات آھر آھي.جن قبيلن جي روايتن ٖ قصن ٖ ڪهاڻين ۽ ڏند ڪٿائن مان حاصل ڪيو آھي. جيڪي قصا وقت جي حالتن موجب تبديل ٿيندا رھندا آھن.جنهن ڪري سنڌ جي قبيلن ۽ ذاتين جو اصل نسب سنڌ جي اوائلي قومن بدران ٻاھرين ۽ زور آور قومن سان ڳنڍيو ويو.انهيءَ ڪري پڪ سان چئون ٿا تہ سنڌ ۾ رھندڙ اوائلي ذاتين جو نسب ڌارين جي لوڌن جي اچڻ باوجود اڄ بہ اڪثريت سان آھي جيڪي ڪٽنب خاندان ٖ پاڙي ٖ ذات ٖ قبيلي ۽ ھڪ سنڌي قوم جي صورت ۾ رھن ٿا.

 

(ممتاز پٺاڻ)

Good Wishes