3 مارچ 1947ع

سنڌ سرڪار سر راجر ٽامس مور جي سربراهيءَ ۾ هارين جي مسئلن تي غور ڪرڻ ۽ رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ هڪ ڪميٽي ٺاهي، جنهن ۾ محمد مسعود، نور الدين صديقي ۽ آغا شاهي کي ميمبر طور کنيوويو، اڳتي هلي آغا شاهيءَ جي جاءِ تي گوپيچند کي سيڪريٽري طور رکيوويو.

هن ڪيمٽي 298 صفحن تي پنهنجي رپورٽ تيار ڪئي جنهن ۾ محمد مسعود 37 صفحن جو اختلافي نوٽ پڻ لکيو، هن رپورٽ ۾ اها راءِ قائم ڪئي وئي ته هارين جي حالتن بدلائڻ کان سوا3 کين دائمي حق ڏيڻ سان سندن زندگي جو معيار نه سڌرندو، خاص زمين جي ٽڪرن تي هارين کي ٽيننسي حق ڏيڻ مان هارين کي ئي نقصان ٿيندو.

4 مارچ 1947ع

سرهاريءَ ۾ سنڌ هاري ڪاميٽي جي اهتمام سان سالياني هاري ڪانفرنس ٿي، جيڪا ٻه ڏينهن هلي، هن ڪانفرنس ۾ ”بٽئي اڌواڌ“ تحريڪ جو شعور ڏنوويو۽ فيصلو ڪيو ويو ته هاري پنهنجي حصي جو اڌ وٺن ۽ ابوابن ڏيڻ کان انڪار ڪن.

4 اپريل 1947ع

جيڪب آباد ۾ ڊسٽرڪٽ مسلم ليگ جي ڪوششن سان ”پاڪستان ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ سنڌ جي مختلف حصن کان سواءِ بلوچستان، پنجاب ۽ هندستان جي ٻين حصن کان وفدن شرڪت ڪئي.

شام جو مختلف صوبن کان آيل مسلم نيشنل گارڊز جي دستن جي مارچنگ ۽ ڊسيپلين جو مقابلو ٿيو، جنهن ۾ ڪوئيٽا مسلم نئشنل گارڊ پهريون انعام کٽيو، ان کان پوءِ جلسي جي ڪاروائي شروع ٿي، هن جلسي جي صدارت مسٽر يونس سابق وڏي وزير بهار ڪئي، مير جعفر خان  جمالي سنڌيءَ ۾ آجيان ڪئي، ان کان پوءِ اجلاس جي صدر پنهنجو لمبو خطبو پڙهيو. انهيءَ موقعي تي ڪوئيٽا جي قاضي عيسيٰ ۽ ٻين اڳواڻن به تقريرون ڪيون.

5 اپريل 1947ع

جيڪب آباد ۾ ”پاڪستان ڪانفرنس“ جي ٻئي ۽ آخري ڏينهن جي ڪاروائي هلي، ڪاروائي رات جو نائين وڳي هلي ۽ صبح جو چئين وڳي ختم ٿي، آخر ۾ پندرهن ٺهراءُ پاس ڪيا ويا.

هن ڪانفرس ۾ شرڪت ڪندڙن مان پير الاهي بخش، پيرزاده عبدالستار، خان بهادر کهڙو، قاضي محمد عيسيٰ (ڪوئيٽا)، محمد يونس (بهار)، عبدالستار نياري (پنجاب)، مولوي عبدالقدوس بهاري، مير قادر بخش (بلوچستان)، ميان ضياءَ الدين بار ايٽ لا، عبدالڪريم ايڊيٽر ”الاسلام“، فضل احمد (بلوچستان9، ملڪ محمد عثمان (ڪوئيٽا) ۽ مير جعفر خان جماليءَ جا نالا ذڪرلائق آهن.

5 اپريل 1947ع

نواب شاهه ۾ ڊاڪٽر دائود پوٽي جي صدارت هيٺ ”اٺين سنڌ ادبي ڪانفرنس“ ٿي. هن ڪانفرنس جي مشاعري لاءِ طرح هئي:

”درد پنهنجي ديس جو دل ۾ جوانو ڌارجو“

هن ڪانفرنس ۾ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ مان اديبن ۽ شاعرن جي وڏي تعداد شرڪت ڪئي، لاڙڪاڻي واسين مان حاجي محمود ”خادم“، ”عبد، عاقلي، عبدالله ”اثر“ محمد ڇتل ”فدا“، در محمد ”خاڪ“، نظام الدين ”نظام“، صوفي شاهه محمد، ميان غلام عباس ”جوش“ ۽ نواز علي ”نياز“ جا نالا ذڪر لائق آهن.

3 مئي 1947ع

غلام احمد ”نظامي“ جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ ”سنڌي بزم ادب“ طرفان مشاعرو ٿيو، الله بخش ”سرشار“ عقيلي، محمد اسحاق، عبدالڪريم، عليمحمد ”خالدي“، جمن هالي ۽ جمعه خان پنهنجو پنهنجو ڪلام پڙهيو.

29 مئي 1947ع

.سنڌي سڌار سوسائٽي، لاڙڪاڻي جي بزم مشاعره طرفان طرحي مشاعرو ٿيو. جنهن لاءِ طرح هئي:

”ڳجهو آهن جو طوفان آهه هاريءَ جي پسيني ۾“

مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب پوءِ رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

1 جون 1947ع

شهدادپور ۾ زميندارن ۽ هارين جي نمائندن جي، غلامصطفيٰ قاضي (ڊپٽي ڪليڪٽر) جي صدارت ۾ گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”بٽئي اڌواڌ“ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ٻنهي ڌرين ۾ ٺاهه ٿيو، جنهن جون خاص ڳالهيون هي آهن: مزدوريءَ جو سمورو ڪم هاري ڪندو، ڀاڻ جي قيمت زميندار ڀريندو، زميندار هاري کي بنا وياج قرض ڏيندو، ڪو به زميندار پنهنجي مرضيءَ سان هاريءَ کي بيدخل نه ڪندو، ٻن سالن جي هارپ هاري کي هارپ جو حق ڏيندي ۽ زميندار هاريءَ کان لاپو، رسائي، اوطاق خچر يا ڪمدار جو خرچ نه وٺندو.

16 جون 1947ع

ميرپورخاص ۾ ڪليڪٽر غلام حسين آغا جي صدارت ۾ هارين ۽ زميندارن جي نمائندن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ سموري ضلعي جا مختيارڪار ۽ ڊپٽي ڪليڪٽر به شامل ٿيا، وڏي بحث مباحثي کان پوءِ زميندارن بٽئي اڌواڌ جو مطالبو تسليم ڪيو.

20 جون 1947ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”نئين ترڪيب نڪتي امتحان جي“

مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب بعد ۾ رسالي ”اديب سنڌ، ۾ شايع ٿيو.

22 جون 1947ع

سجاول جو ناميارو زميندار، پير، خلافتي، جميعتي ۽ مدرسه هاشميه سجاول جوباني سيد حاجي عبدالرحيم شاهه وفات ڪري ويو.

29 جون 1947ع

ضلعي لوڪلبورڊ ٿرپارڪر جو سابق صدر بمئي ليجسليٽو ڪائونسل جو سابق ميمبر ۽ سنڌ اسيمبلي جو ميمبر خانبهادر حاجي غلام نبي شاهه ولد سيد موج علي شاهه وفات ڪري ويو.

20 جولاءِ 1947ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”منهنجي هر خون جو قطرو به درخشان آهي“

مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب بعد ۾ رسالي ”اديب سنڌ، ۾ شايع ٿيو.

21 جولاءِ 1947ع

ڪراچيءَ ۾ ”سنڌ شاگرد ڪانفرنس“ ٿي، جنهن ۾ ٻين ڳالهين سان گڏ هڪ ٺهراءُ ذريعي سنڌ ۾ هارين جي سجاڳيءَ ۽ تحريڪ کي سنڌ ۾ سياسي مستقبل لاءِ سٺو سُڀ چيو ويو.

24 جولاءِ 1947ع

ڪراچيءَ جي آڳاٽي سماجي تنظيم ”شرڪ ۽ سرسوت سماج“ جي سالياني گڏجاڻي ٿي جنهن ۾ هن ريت نئين سال جا عهديدار چونڊيا ويا:

اين ڊي رتنهور (صدر)، آسانند جوشي (نائب صدر)، هيرالال ڀاونجي (جنرل سيڪريٽري)، لڪشمي شنڪر (جوائنٽ سيڪريٽري)، لاوجي پانڌي (خزانچي) ۽ ڊاڪٽر شوداس، هيرا لال ڊي ستا، جڳجيون پرڌان مئنيجنگ ڪاميٽيءَ جا ميمبر.

15 آگسٽ 1947ع

پاڪستان حاصل ڪرڻ تي سنڌ مسلم ليگ جي سمورين شاخن مسجدن ۾ جمعي جي نماز بعد شڪراني جون دعائون گهريون ۽ پاڪستان جي تحفظ خواهه ترقيءَ لاءِ ڌڻي در ٻاڏايو.

20 آگسٽ 1947ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن جي صدارت عبدالفتاح ”عبد ڪئي، مشاعري طرح هئي:

”چوي ٿو ڀنئور کي بلبل ڪريون تقسيم گلشن کي“

مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب بعد ۾ رسالي ”اديب سنڌ، ۾ شايع ٿيو.

24 آگسٽ 1947ع

شاعر، ليکڪ ۽ ديني عالم مولانا قمر الدين مهيسر وفات ڪئي، سندس ولادت ڌڱاڻي مهيسر ۾ ٿي ۽ وفات شهدادڪوٽ ۾ ٿي، هن مختلف ڳوٺن جي مدرسن ۾ ديني تعليم ڏني، مشهور شاعر محمد علي ”جوهر“ ۽ پروفيسر گل حسن ”گل“ ٻرڙو سندس شاگردن مان هئا.

20 سيپٽمبر 1947ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان، عبدالفتاح ”عبد“ جي صدارت هيٺ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”قطرو دريا آههجي دريا سان شامل ٿي وڃي“

مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب بعد ۾ رسالي ”اديب سنڌ، ۾ شايع ٿيو.

آڪٽوبر 1947ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ سنڌ جي سهاري هيٺ”بزم مشاعره“ لاڙڪاڻي طرفان رتيديري ۾ سيد وريل شاهه جي صدارت هيٺ مشاعرو ٿيو، جنهن جي طرح هئي:

”ڇا هئڻ قانون گهجي ملڪ پاڪستان جو“

هن مشاعري ۾ حافظ ضياءَ الحق، ”اسلم“، ”نظام“، ”اثر“، ”فدا“، ”زيب“، ”ناظم“، ”جمال“، ”عاشق“، ”قلندر“، عباسي، ”جوهر“، ”اياز“ قادري، الطاف، ”شوق“ ۽ ”قائد“ پنهنجا شعر پڙهيا..

20 آڪٽوبر 1947ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”ڇا هئڻ قانون گهرجي ملڪ پاڪستان جو“

هن مشاعري جي صدارت آغا گل ڪئي، مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب بعد ۾ رسالي ”اديب سنڌ، ۾ شايع ٿيو.

24 آڪٽوبر 1947ع

سريچند ميلهومل ڪيسواڻي لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، پاڻ اڃا ابهم ٻار هئو جو کيس پنهنجي وڏن سان گڏ وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا، هو اڄ ڪلهه احمد آباد ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور ليکڪن، اداڪارن ۽ مصورن ۾ ٿئي ٿ و، هن ڪيتري شاعري به ڪئي آهي ۽ ڪهاڻيون به لکيون آهن.

20 نومبر 1947ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”بلبل جو شور رهندو گلستان ۾ ڪيترو“

مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب بعد ۾ رسالي ”اديب سنڌ، ۾ شايع ٿيو.

20 ڊسمبر 1947ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”اي چرخ ڪڏهن تو ڀي ڪا ڏٺي تخريب سوا تعمير ڪٿي“

مشاعري لاءِ تخليق ڪيل شعر جو انتخاب بعد ۾ رسالي ”اديب سنڌ، ۾ شايع ٿيو.

Good Wishes