1944ع

شاعر، ڳائڻي، لطيف ٻاري ۽ ٽئگور ڪاءِ سان لاڳاپيل سرڳداسي نرمل جيوتاڻي جي نالي ۽ ياد ۾ حيدرآباد ۾ سندر پي ملڪاڻي ۽ ارجن جهوڙي ملاڻي جي گڏيل سيڪريٽري شپ ۾ ”نرمل پبليڪيشن سوسائٽي“ ٺاهي وئي، سوسائٽي جو دفتر حيدرآباد ايڪسٽينشن جي سهجرام روڊ تي هو، هن سوسائٽي نرمل جيوتاڻيءَ جا ڪتاب ”نرمل لات“ (شاعري) ”بينا“ (ناول) ۽ ”زندگي“ شايع ڪرايا، سوسائٽي 1977ع تائين فعال رهي.

جنوري 1944ع

مولوي حاجي داؤد تنيو، لاڙڪاڻي ضلعي جو پهريون اهل حديث، امرتسر جي اهل حديث مدرسي مان فارغ التحصيل ٿي، ڳوٺ محبوب تنئي ۾ مدرسو قائم ڪيائين، ڳوٺ ۾ دوڪانداري به ڪندو هو ۽ قومي تحريڪن ۾ حصو ورتائين، سو وفات ڪري ويو.

30 جنوري 1944ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره، طرفان غلام عباس قادريءَ جي صدارت هيٺ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن جي طرح هئي:

”شوق فراق الغياث شوق وصال هاءِ هاءِ“

مشاعري ۾ پيش ڪيل شعر جو انتخاب رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

27 فيبروري 1944ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان مولانا علي انور جي صدارت هيٺ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”سرسو سرهو آهه جنهن ۾ سندءِ سودا هجي“

مشاعري ۾ پيش ڪيل شعر جو انتخاب رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

14 مارچ 1944ع

صوبه سنڌ مسلم ليگ جون چونڊون ٿيون، جنهن ۾ جي ايم سيد کي ٻيهر صدر ۽ سيد غلام حيدر شاهه کي ميرپور خاص واري کي جنرل سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

19 اپريل 1944ع

”پنجين سنڌ ادبي ڪانفرنس“ ڊاڪٽر ابراهيم ”خليل“ جي صدارت هيٺ لاڙڪاڻي جي مدرسه هاءِ اسڪول ۾ ٿي، ڪانفرنس جي مرحبا ڪاميٽيءَ جو چيئرمين عبدالوهاب ”ناظم“ ۽ سيڪريٽري غلام عباس ”جوش“ هئا.

ڪانفرنس جي ٻن نشستن کان پوءِ مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”منهنجي دنيا هن لٽي پئي مان مگر خاموش هوس“

هن ڪانفرنس ۾ تنهن دور جي سمورن لاڙڪاڻي واسي شاعرن ۽ اديبن شرڪت ڪئي، جن مان ڪشنچند ”بيوس“، رام پنجواڻي، عبدالله ”اثر“ ۽ ”عبد“ عاقلي جا نالا ذڪر لائق آهن.

9 اپريل 1944ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”منهنجي.دنيا هن لٽي ٿي، مان مگر خاموش هوس“

مشاعري ۾ پيش ڪيل شعر جو انتخاب پوءِ رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

14 مئي 1944ع

ڪراچي ڊسٽرڪٽ لوڪلبورڊ هال ۾ سنڌ مسلم ليگ جي سالياني چونڊن لاءِ هڪ اجلاس ٿيو، جنهن ۾ متفق طور تي جي ايم سيد کي بنا مقابلي صوبي سنڌ جي مسلم ليگ جو صدر چونڊيو ويو، جنرل سيڪريٽري جي عهدي لاءِ يوسف هارون جو مقابلو غلام حيدر شاهه ڪيو، صدر مسلم ليگ جي خواهش مطابق غلام حيدر شاهه سيڪريٽري مقرر ٿيو، ٻيا عهديدار به صدر جي گروپ مان ئي چونڊيا ويا.

28 مئي 1944ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي “بزم مشاعره” طرفان غوث بخش جي صدارت هيٺ طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”خاموشي گفتگو ۽ بي زباني آ زبان منهنجي“

مشاعري لاءِ پيش ڪيل شعر جو انتخاب رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

3 جون 1944ع

شرناگتي هال، ڪراچيءَ ۾ ڏيارام وسڻ مل، سوڀراج ”فاني“، منوهر داس، ڪوڙو مل، آسانند مامتورا، ڄيٺمل پرسرام، ٻڌاڻي امر، پريم جوت سنگهاڻي، ڀڳوان ٿڌاڻي ۽ چندو لعل جئسنگهاڻي، وغيره، اديبن ۽ ليکڪن جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ”سنڌو ساهت ڪلب“ قائم ڪئي وئي، ان لاءِ مقصد هي مقرر ڪيا ويا ته رسالي ”سنڌو“ سان علمي ۽ قلمي تعاون ڪجي، ودوانن ۽ مهاپرشن جا ڏينهن ملهايا وڃن ۽ ادبي موضوعن خواهه مسئلن تي بحث مباحثا ۽ ليڪچر ڪرايا وڃن.

3 جون 1944ع

منوهرداس ڪوڙو مل جي وقتي صدارت هيٺ شرناگتي هال ڪراچيءَ ۾ گڏجاڻي ٿي، هن گڏجاڻيءَ ۾ ڏيارام وسڻ مل، سوڀراج .فاني“، آسانند مامتورا، ڄيٺمل پرسرام ۽ شاگرد ليکڪن مان امر ٻڌاڻي، پريم جوت سنگهه، ڀڳوان ٿڌاڻي وغيره شامل ٿيا، هن گڏجاڻيءَ ۾ ”سنڌو“ رسالي جي علمي ۽ ادبي تعاون ڪرڻ لاءِ ودوانن ۽ مهاپوشن جا ڏينهن ملهائڻ لاءِ ۽ ادبي موضوعن تي ليڪچر ڪرائڻ لاءِ ”سنڌو ساهت ڪلب“ ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

7 جون 1944ع

سنڌ مسلم ليگ ورڪنگ ڪاميٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ليگي حڪومت کان استعيفا ڏيڻ جو مطالبو ڪيو ويو.

17 جون 1944ع

”سنڌو ساهت ڪلب“ ڪراچيءَ جي سهاري هيٺ ڏيارام وسڻ مل مير چنداڻيءَ .”سنڌي ٻوليءَ جون خصوصيتون“ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو بهم ڌڻين جي جوڳي تعداد هن ليڪچر کي ٻڌو.

17 جون 1944ع

”سنڌو ساهت منڊل“ طرفان ڪراچيءَ ۾ ڏيارام وسڻمل ميرچنداڻيءَ ”سنڌي ٻوليءَ جون خصوصيتون“ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو.

30 جون 1944ع

لاڙڪاڻي جي”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”خاڪ وطن تان منهنجي جان نثار آهي“

مشاعري لا3 پيش ڪيل شعر جو انتخاب رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

15 جولاءِ 1944ع

”سنڌو ساهت منڊل“ ڪراچيءَ طرفان ليڪچر جو اهتمام ڪيو ويو، ديوان سوڀراج نرملداس ”فاني“ ”سنڌي شاعري“ جي موضوع تي ليڪچر ڏنو.

30 سيپٽمبر 1944ع

بزم مشاعره طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”اٿ جاڳ نوجوان، هي جاڳڻ جو وقت آهي“

مشاعري لاءِ پيش ڪيل شعر جو انتخاب رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

27 آڪٽوبر 1944ع

خانبهادر الله بخش سومري جي قتل ڪيس جي شنوائي ٿي، هن ڪيس ۾ خانبهادر محمد ايوب کهڙي سندس ڀاءُ ۽ ٻين کي ملزم ڄاڻايو ويو هئو، سنڌ جي مختلف هنڌ تي خانبهادر کهڙي لاءِ صلواتون پڙهيون ويون ۽ دعائون گهريون ويون. دڙا تعلقي ڏوڪري جا مولوي عبدالڪريم قريشي ۽ محمد بچل جوڻيجو ڪيترا ماڻهو وٺي سکر ويا ۽ ڪيس هلڻ دوران لک ڪڍرايئندا رهيا.

31 آڪٽوبر 1944ع

”بزم مشاعره“ لاڙڪاڻي طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ طرح هئي:

”مشهور هو جهان ۾ جاهه و جلال پنهنجو“

مشاعري لا3 پيش ڪيل شعر جو انتخاب رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو..

19 نومبر 1944ع

سنڌ مسلم ليگ پارليامينٽري بورڊ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو ته خانبهادر احمد خان سڌايو جي وفات سبب اسيمبليءَ ۾ خالي ٿيل جاءِ لاءِ سنڌ مسلم ليگ جي نائب صدر آغا غلام النبي پٺاڻ کي چونڊ وڙهڻ لاءِ پارٽي ٽڪيٽ ڏني وڃي.

7 ڊسمبر 1944ع

ڇهين ڪل سنڌ ادبي ڪانفرنس ”انجمن آفتاب ادب“ دادو جي ڪوششن سان دادو ۾ ٿي، هن ڪانفرنس جو صدر رئيس ضياءَ الدين ”ضياءَ“، استقباليه ڪاميٽيءَ جو چيئرمين جمع خان ”غريب“، سيڪريٽري حافظ ”احسن“ ۽ اسسٽنٽ سيڪريٽري ماستر علي حيدر ”حيدري“ هئا.

ڪانفرنس جو ٽي نشستون ٿيون،پهرين افتتاحي نشست جنهن ۾ مرحبائي ۽ صدارتي تقريرون ٿيون، ٻي شام جو ڪاروباري نشست، جنهن ۾ مختلف ٺهراءُ پاس ڪيا ويا ۽ ٽين رات جو مشاعري جي نشست، مشاعري جي مصرع طرح هئي:

”اسان جو بخت خوابيده وري بيدار ٿي ويندو“

هن ڪانفرنس م ڪيترائي اديب ۽ شاعر شريڪ ٿيا، محض اتر سنڌ کان شريڪ ٿيندڙ شاعرن جو تعداد هڪ سئو هو، ڪانفرنس جي خاص جي خاص شاعرن ۽ اديبن مان غلام احمد نظامي، ڊاڪٽر خليل، ”واصف“، محمد خان ”غني“ ۽ غلام محمد ”گرامي“ جا نالا ذڪر لائق آهن.

Good Wishes