31 جنوري 1943ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن جي طرح هئي:

”خمار جي چشمن ڪيو مخمور هيڪاري وڌيڪ“

مشاعري ۾ پيش ڪيل شهر جو انتخاب رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

2 مارچ 1943ع

ڪراچيءَ ۾ مسلم ليگ اسيمبلي پارٽيءَ جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ ٺهراءُ بحال ٿيو ته سرڪار طرفان مقرر ڪيل آبادگارن جي حقن جي حفاظت لاءِ قائم ڪيل ڪنٽرول صلاحڪار ڪاميٽيءَ ۾ آبادگارن کي جوڳي نمائندگي ڏني وڃي.

3 مارچ 1943ع

سنڌ ليجسليٽو اسيمبليءَ پاڪستان جي قيام جي مطالبي ۽ ان الحاق وارو تاريخي ٺهراءُ پاس ڪيو، انهيءَ ٺهراءُ پيش ڪرڻ ۽ پاس ڪرائڻ ۾ جي ايم سيد جو ڪليدي ڪردار رهيو، سمورن مسلمان ميمبرن انهيءَ ٺهراءُ جي تائيد ڪئي، جڏهن ته ڪانگريسي ميمبرن جي اڪثريت جيلن ۾ بند هئي يا روپوش هئي.

23 مارچ 1943ع

سنڌ اسيمبليءَ ۾ پاڪستان سان الحاق وارو ٺهراءُ پيش ٿيڻ وقت اسيمبلي ۾ جملي 27 ميمبرموجود هئا، جن مان ٽي هندو هئا ۽ انهن ٺهراءُ جي مخالفت ڪئي، باقي مسلمان ميمبرن ٺهراءُ جي تائيد ڪئي، انهن مان صلعي لاڙڪاڻي سان لاڳاپو رکندڙ ميمبر هئا: امير علي لاهوري، غلام محمد اسراڻ ۽ محمد ايوب کهڙو

24 مارچ 1943ع

سنڌ جي قابض چارلس نيپئر دٻي مان گورنر جنرل ڏي خط لکيو، اهو خط دٻي جي لڙائي کٽڻ کان پوءِ هن لکيو، جنهن ۾ جنگ جو سمورو احوال لکيو اٿس ۽ اهي تفصيل به ڏنا اٿس ته سندس لشڪر مان ڪيترا ۽ ڪهڙا ماڻهو مارجي ويا يا ڦٽجي ويا، هن ئي خط ۾ هن ميرن جي جنگي حڪمت عملي ۽ ويڙهاند تي روشني وڌي آهي ۽ اهو پڻ ٻڌايو اٿس ته جيڪي ٽي بهادر سنڌي فوجي ماريا ويا آهن، انهن ۾ هوش محمد شيدي به هڪ آهي، جنهن وڏيءَ بهادريءَ سان جنگ جوٽي.

31 مارچ 1943ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن جي طرح هئي:

”رنگ حنا مثال ٿيو گلبدن جو رنگ“

مشاعري ۾ پيش ڪيل شعر جو انتخاب رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

4 اپريل 1943ع

سنڌ جي قابض چارلس نيپئر ميرپور مان چانڊين جي سردار ولي محمد خان کي خط لکيو ته ”اوهان حيدرآباد ميرن جي جيڪا تعبيداري ڪئي، ان لاءِ مان تنهنجي عزت ڪيان ٿو، پر هاڻي اها ڌڻيءَ جي مرضي آهي ته هن کان پوءِ مير سنڌ جا حڪمران نه رهيا آهن، هاڻي انگريز سرڪار جو اقتدار آهي تون انهيءَ سان ائين وفاداري ڪر جهڙي ميرن جي ڪندو هئين، تو کي پڪ هجڻ گهرجي ته اسان طرفان تنهنجي عزت ڪئي ويندي، دل جي گهرائين سان سوچجانءِ ته مان ڇا پيو چوان، تون پنهنجي جاگير ڀلي سنڀال پر ان ڳالهه جو خيال رکجانءِ ته جابو قبيلا سنڌوندي ٽپي سنڌ ۾ داخل نه ٿين.

16 اپريل 1943ع

سموريءَ سنڌ جيان لاڙڪاڻي ضلعي ۾ مسلم ليگ جي شاخن طرفان ”يوم تجارت“ ملهايو ويو، مسلم ليگي عالمن واپار ۽ تجارت جي اسلامي فلسفي تي روشني وڌي ۽ مسلمانن کي تجارت ۾ دلچسپي وٺڻ جو تاڪيد ڪيو.

14 مئي 1943ع

پنهنجي رنگ ۽ ڍنگ واري سنڌ جي قومي اڳواڻ انگريز دشمن سياستدان ۽ سنڌ جي وڏي وزير جي حيثيت ۾ سنڌ جي خدمت ڪندڙ خانبهادر الله بخش سومري کي شهيد ڪيو ويو.

14 مئي 1943ع

سنڌ جي سابق وزير اعظم خانبهادر الله بخش سومري کي شڪارپور ۾ شهيد ڪيو ويو.

21 مئي 1943ع

ميونسپل هاءِ اسڪول لاڙڪاڻي جي ٻن شآگردن موٽو مل ڌنراج مل ۽ ڪشن پٽ جيوترام کي گرفتار ڪري سڀاڻي تي کين چالان ڪيو ويو، هنن اسڪولي شاگردن جو ميڙ سڏائي سرڪار خلاف بغافت کي هوا ڏني ۽ آزاديءَ جا نعرا هنيا. هنن وٽان آزادي بابت لٽريچر به هٿ ڪيو ويو، مٿن قلم34/a(6) ۽ 38/a(1) ڊفينس آف انڊيا رولس مطابق ڏوهه مڙهيو ويو، ٻنهي ڇوڪرن ۽ سندن وڏن 26 مئي تي معافي نامو ۽ خود مچلڪو لکي ڏنو، ان ڪري کين 27 مئي تي آزاد ڪيو ويو.

31 مئي 1943ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن جي طرح هئي:

”پنهنجي پيرن تي بيهڻ لاءِ سائين سنڌ ۾ وجهه سگهه“

مشاعري ۾ پيش ڪيل شعر جو انتخاب رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

1 جون 1943ع

ميارام دانومل ڪڪڙيجا ”درد“ لاڙڪاڻي ۾ ڄائو، 1947ع جي ورهاڱي کان پوءِ کيس پنهنجي وڏڙن سان گڏ وطن جا وڻ ڇڏڻا پيا ۽ اهي اڄڪلهه ڀارت جي ناسڪ ۾ رهي ٿو، سندس شمار مشهور شاعرن ۽ ليکڪن ۾ ٿئي ٿو، هن جي شايع ٿ يل ڪتابن مان ”جهولي لال گيت مال“ (1979ع) ۽ ”چڻگون“ (1979ع) ذڪر لائق آهن.

13 جون 1943ع

قائد اعظم محمد علي جناح جي صدارت هيٺ ڪراچيءَ ۾ صوبي سنڌ مسلم ليگ جي ڪائونسل جي گڏجاڻي ٿي، جنهن ۾ جي ايم سيد کي سنڌ مسلم ليگ جو صدر ۽ يوسف هارون کي سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو.

26 جون 1943ع

سنڌ سرڪار وزيرن ۽ اسيمبلي ميمبرن تي مشتمل 18 رڪني جاچ ڪميٽي جوڙي ته جيئن هارين جي مسئلن تي پنهنجي رپورٽ ڏئي، هن ڪميٽيءَ ٽن سالن کان پوءِ 1945ع ۾ پنهنجي رپورٽ ڏني ۽ سرڪار کي سفارش ڪئي ته چئن پنجن سالن جي هارپ ڪندڙ کي مورثي حق هجڻ گهرجي ۽ هارين ۽ زميندارن جي مفادن لاءِ قانون سازي ڪئي وڃي.

7 جولاءِ 1943ع

الوحيد جي پرچي ۾ صوبي سنڌ مسلم ليگ جي صدر سيد غلام مرتضيٰ شاهه (جي ايم سيد) جي هڪ اپيل شايع ٿي، جنهن ۾ سنڌي مسلمانن کي 16 جولاءِ 1943ع تي يوم تجارت ملهائڻ لاءِ چيو ويو هو.

16 جولاءِ 1943ع

سموري سنڌ ۾ مسلمانن طرفان ”يوم تجارت“ ملهايو ويو، مسلم ليگ جي شاخن گڏجاڻيون ڪرايون، مسلم ليگي عالمن واپار ۽ تجارت جي اسلامي فلسفي تي روشني وڌي.

19 جولاءِ 1943ع

سنڌ سرڪار جي هوم ڊپارٽمينٽ پنهنجي نوٽيفڪيشن نمبر P-23-11/42ذريعي سنڌ ۾ جسٽس آف پيس مقرر ڪيا، لاڙڪاڻي ضلعي ۾ اهو اعزاز هنن ماڻهن کي مليو: نواب غيبي خان، رئيس الهداد تنيو، خانصاحب گل محمد ابڙو، خان صاحب پير بخش کهاوڙ، محمد علي کهاوڙ، سرائي علي گوهر لاهوري، وڏيرو محمد هاشم جوڻيجو، رسول بخش چانڊيو، ايس ايس تولاڻي، مکي ميهر چند، غلام محمد اسراڻ، غلام رسول جلباڻي، نبي بخش خان ڀٽو، حاجي الاهي بخش کوکر، فقير محمد انر، حسام الدين شاهه، حامد شاهه، پير علي انور شاهه، جڙيل شاهه، غلام رسول مهيسر، مير محمد چانديو، احمد خان چانڊيو، ديوان آسانند، مکي گوبند رام، وڏيرو سائينداد، سيٺ ڪاڪومل، سيٺ ٻيلا رام، سيٺ آنند رام، سيٺ چيتومل، مکي پرومل، حسن علي خان اسراڻ، غلام عباس قادري، شير محمد ابڙو، وڏيرو عبدالرحمان ڪلهوڙو، ديوان پرتاب راءِ، خان محمد ڪلهوڙو، حاجي امير علي لاهوري، احمد خان ڀٽو، الله بخش خان جلباڻي، عبدالحق ڀٽو، اسدالله مغيري، پي ايس تولاڻي، سيٺ آنند رام، سيٺ آسودو مل، سرسوتي گربن شراءِ، وڏيرو الله واريو جيئند، اميد علي جوڻيجو، غلام قادر ڪيهر، قاضي صاحب ڏنو جوڻيجو، حاجي دريان خان مستوئي، وڏيرو غلام رسول ڦل، سيٺ ڄيٺانند، سيٺ گورڌنداس، هردس راءِ روڇلاڻي، سيٺ ويسارام ڀاٽيا، سرائي نيڪ محمد ڊکڻ، وڏيرو ڌڻي بخش سانگي، حاجي نظام الدين کوکر، وڏيرو قادر بخش تنيو، قربان علي کهاوڙ، وڏيرو محمد خان جوڻيجو ۽ سيتا هيراننداڻي.

12 آگسٽ 1943ع

مٽيارين ۾ مسلم ليگ ڪانفرنس ٿي، جنهن جي صدارت خانبهادر محمد ايوب کهڙي ڪئي.

31 آگسٽ 1943ع

”سنڌ سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي ”بزم مشاعره“ طرفان طرحي مشآعرو ٿيو، جنهن جي طرح هئي:

”محمود ڇا ڏٺو هو شيدي اياز ۾“

مشاعري ۾ پيش ڪيل شعر جو انتخاب رسالي ”اديب سنڌ“ ۾ شايع ٿيو.

16 آڪٽوبر 1943ع

الوحيد جي پرچي ۾ سنڌ صوبي جي مسلم ليگ جي صدر جي ايم سيد جي ڪاليجي شاگردن ۽ مسلم ليگي رضاڪارن جي نالي هڪ اپيل شايع ٿي، جنهن ۾ کين چيو ويو هو ته حاجي مولابخش سومري ۽ احمد خان سڌائي جي وچ ۾ ٿيندڙ چونڊن واري مقابلي دوران هو اچي پولنگ جي وقت پنهنجون خدمتون سرانجام ڏين ۽ مسلم ليگي اميدوار احمد خان سڌائي کي ڪامياب بنائڻ ۾ مدد ڪن.

31 آڪٽوبر 1943ع

”سنڌي سڌار سوسائٽي“ لاڙڪاڻي جي بزم مشاعره طرفان طرحي مشاعرو ٿيو، جنهن لاءِ ٻه طرحوند رکيون ويون هيون، اهي هيون:

1. ”ٿو اچي مون پرين پر ڇو اٿس اغيار گڏ“

2. ”تجارت ڪريو بس تجارت ڪريو“

هنن طرحين تي لکيل شعر جو انتخاب ”اديب سنڌ“ رسالي ۾ شايع ٿيو.

24 ڊسمبر 1943ع

آل انڊيا مسلم ليگ جو ساليانو اجلاس ڪراچيءَ ۾ ٿيو، جيڪو ٽي ڏينهن هليو، پاڪستان ٺهڻ کان هي پارٽيءَ جو آخري اجلاس هيو، ياد رهي ته مسلم ليگ جو پهريون ساليانو اجلاس 1907ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ٿيو هو.

24 کان 27 ڊسمبر 1943ع

ڪراچيءَ ۾ آل انڊيا مسلم ليگ جو 31 هون ساليانو اجلاس ٿيو، جنهن جي صدارت قائد اعظم محمد علي جناح ڪئي، تاريخ جو هي اڻ وسرندڙ واقعو آهي ته هن جماعت جو پهريون ساليانو اجلاس به سنڌ (ڪراچيءَ) ٿيو ۽ برٽس راڄ ۾ هي ان جو آخري اجلاس به سنڌ ۾ ٿيو، سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ جي مسلم ليگي اڳواڻن هن تاريخي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي، جن ۾ لاڙڪاڻي واسي به هئا، اجلاس جي ڪاروائي ۽ ان ۾ پاس ڪيل ٺهراءُ ۽ صدر جي تقرير ”گل حيات“ ۾ موجود آهي.

Good Wishes