شري ڪشنچند "بيوس"

WhatsApp Image 2020 09 23 at 9.56.45 PMشري ڪشنچند "بيوس" جي 73 ورسي....

سنڌي شاعري جو تمام وڏي ناءُ ۽ ڏات ڌڻي مھاڪوي شري ڪشچند "بيوس" جو جنم ٢٥ فيبروري ١٨٨٥ ۾ ٿيو ۽ وڇوڙو ٢٣ سيپٽمبر ١٩٤٧ ۾ ٿيو. اڄ اُن مھان ڪوي جي ٧٣ ورسي آھي. نماڻي طبيت سادي رھڻي ۽ پھڻي جي مالڪ مونھ ۾ مٺاس رکندڙ عظيم پيشي ماستري سان وسطو رکندڙ بيوس تمام اعلئّ انداز جا مالڪ پڻ ھئا. انھن جي شخصيت تي ٽيگور جي ساھتيه تمام گھيري ڇاپ ڇڏي. شاعري کي ھُنن ڪڏھن به ٻنڌن ۾ رکڻ پسند ڪونه ڪيو. ان ڏس ۾ سندن سٺن ۽ ويجهن شاگردن مان شري ھوندارج "دکايل" ھڪ دفعي جو ذڪر ڪندي ٻڌائين ٿا ته ھڪ ڏينھن مون علم عروض جي باري ۾ سائين کان سوال ڪيو, ته انھي مھل مون کي ٻرندڙ بتي آڏو بيھاري پڇيائون ته تنھنجو پاڇو ڪٿي آھي, مون کين چيو پٺيان آھي, ٿورو ھل ۽ ڏس ته اھو پاڇو ڪيڏانھن ٿو وڃي? مون ٺھ ڦھ چيومان ته پٺيان ٿو اچي. وري بتي وٽ پٺيرو بيھاري ڊُڪ پائڻ لاء چيائون مون ڏٺو ته پاڇو اڳيان آھي ۽ آءُ پاڇي پٺيان ڊوڪان پيو. تڏھن سمجھايائون ته شعر چوڻ جو شوق زنده اٿئي ته علم عروض پاڇي وانگر پٺيان پيو ڊوڙيندئي , پر جي شعر جي شوق کي ئي پٺي ڏنئي ۽ علم عروض جي ھُنر پٺيان پئين ته پوء پاڇي پٺيان ڊڪڻ کان سواء ڪجھ ھڙ حاصل ڪونه ٿيندئي, انھي ڪري جيترو شعر چوڻ جو شوق وڌائيندي اوتري اندر اونھ پيدا ٿيندئي ۽ سرسوتي جي ڪرپا سان شاعريء جي ڏات عطا ٿي ويندئي.
ڪشنچند تيرٿ داس کتري پاڻ جڏھن ماستر ھئا ته انھن جي علم ورھائڻ جي طور طريقن سبب سڀئي کين سمان ڏيندا ھئا. بيوس شاگردن کي سزا ڏيڻ بجاء پنھنجي اک جي اشارن سان ئي کين غلطيء جو احساس ڏياري ڇڏيندا ھئا. ھنن جي خاصيت ھوندي ھئي ته ھو شاگردن جي ذھن تي ٻوجھ وجھ بجاء عملي طور اک ڇنڀ ۾ ڄاڻ ڏئي مونجھارو ختم ڪري ڇڏيندا ھئا. شايد اھو ئي سبب ھو جو بيوس جنھن به اسڪول ۾ پڙھائيندا ھئا ته اتان بدلي (ٽرانسفر) ٿيڻ تي اسڪول جي اسٽاف سميت ڳوٺ جي سماجي ۽ اخلاقي ماڻھو پڻ پاڻمرادون ڪوششون وٺڻ لڳي ويندا ھئا ته ڪجھ به ڪري بيوس جي بدلي روڪرائجي, بيوس جي اوچي اخلاق جو روپ ان ڳالھ مان پڌور ٿي پوي ٿو ته ھو عظيم ماستر,اونچو شاعر ھوندي به ھر ملڻ جُلڻ ويرن وڏن ,ننڍن توڙي پاڻ جيترن کي ھميشه "سائين" چئي مخاطب ٿيندو ھو. ١٩٤٧ مارچ ۾ ھڪ سنڌي ساھتيڪ سميلن ڪراچي ۾ ٿيو جنھن صدارت لاء ڪشنچند بيوس کي گھرايو ويو ھو.اتي ھن ڳالھائيندي چيو ته ھُو نه ڪو علم عروض جو وڏو شاعر ۽ ڄاڻو آھي, نه ئي ڪو زميندار آھي, نه ڪو وڏو عالم پر مونکي صدارت جو موقعو ڪئين ڏنو اٿوء سو انھن کي خبر.. بيوس انھن ڏينھن ۾ ھلندڙ تعليمي پاٺن کي مذھبي رنگ ۾ ورھائڻ کي نه فقط ننديو پر انعمل جي کُلي مخالفت ڪندي ادارن جي پاليسين تي اعتراض ڪيو. ھُن جو چوڻ ھو ته ھن وقت مسجد منزل گاھ جي واقعي سموري سامجڪ ڀائپيء کي نقصان پھچايو آھي. ان نقصان کان اڀرڻ لاء اُپاء ورتا وڃن جئين ڀائيچارو قائم رھي.
بيوس ٻال ساھتيه ۾ سرتاج ھئا. انھن جي ڪيل خدمتن کي ڪنھن به صورت ۾ ٽئگور جي بال ساھتيه کان گھٽ ڪونھي. بيوس اھو ئي دڳ ورتو,جنھن تان شاھ سائين لنگھيا. سچائي ۽ سنڌيت جو رستو.. ڪيوتا بيوس جي دل جي راڻي ھئي. ھُن نه فقط عشق تي شاعري ڪئي پر قدرت جي ھر ڏات جي واکاڻ ڪئي آھي, ھُن مذھبن ۾ به انسانيت جي ڳالھ کي ڳولھي اھا سمجھائي آھي. ھُن ديس ڌڻين, ڌرتي سان محبت, آزادي جي اھميت ۽ شھيدن سان گڏ اوتارن ۽ نيشنل ڪردارن تي به شاعري ڪئي آھي. ھُن ڌڻي جي ساراھ ڪئي آھي ته ھُن کان سوال به ڪيا آھن. ھُن پنھنجي شاعري جو ھڪ حصو مزدورن,ھارين, محنت ڪشن لاء به وقف ڪيو آھي. بيوس ناري شڪتي سان گڏ گڏ ھمٿ وڌائڻ, حوصلو بلند رکڻ لاء پڻ پنھنجي رچنائن سان ھمٿايو آھي. ھُن ڏُک کي پاسيرو ڪري جئيڻ جي راھ ڏيکاري آھي. ھُن جي انھن لائنن مان سمجھڻ گھرجي..
درد جي دل تي ڌڄا پنھنجي ڌري, تون ٽھڪ ڏي.
روڄ راڙي جي مٿان ٻيڻي ٻري, تون ٽھڪ ڏي.
سال سالن تي سُري ويا, تن سواء سنسار ۾,
ھوند مشڪل جن سوا, ساعت ٻري,تون ٽھڪ ڏي.
توکي قسمت تي نه قبضو, آھ قدرت کان مليو,
نيٺ ٿيڻو آھ جو, سوڪئين ٽري? تون ٽھڪ ڏي..
اھڙي شاعري تمام گھٽ ملي ٿي. بيوس وڻ ٽڻ, گلن ڪنڊن, جبلن سحرائن, ندي ۽ جنگلن, ڏينھن رات, آسمان زمين, چنڊ تارن, سبزين ۽ ميوون لاء به زبردست لکيو آھي. انھن جون لکيل نظم, حمد اڄ به سنڌ جي اسڪولن ۾ پڙھايون وڃن ٿيون. بيوس جو ڌڻي کي ٻاڏائڻ ان جي رضا ۾ راضي رھڻ ۽ ڌڻي کي پنھنجو ڪندي دل جو ھر حال ان سان ونڊڻ جو انداز پڻ انوکو آھي. شري ڪشنچند بيوس جي ويجھي شاگردن ۾ شري شري ھوندراج "دکايل", ھري درياڻي "دلگير",روپ ڪمل ۽ ٻيا گھڻائي وڏا نالي وارا ادب جي دنيا ۾ پنھنجو نالو چمڪائي سائين بيوس جي آتما کي خوش ڪري ڇڏيو اٿائون. پر سائين جا بيت اڄ به نصابي ڪتابن ۾ پڙھايا وڃن ٿا ان زمري موجوب آءُ به سائين جو شاگرد ٿيس..انھن جي دنيا مان لاڏڻو ڪري وڃڻ کان پوء سائين جي سوين ١۰۰ ھين جنم تي "سڏ پڙاڏو ساڳيو" جي نالي سان مھاڪوي ڪشنچند بيوس شتابدي گرنٿ اٽڪل ١٩٨٥ ۾ چپرائي پڌرو ڪيو ويو. جيڪو مونکي ٢۰٢۰ ۾ منھنجي سڄڻ دادا ايشور جھامناڻي جي مھرباني سان مليو. ھوئين ته ھي گرنٿ تمام بھترين لکڻين سان مالامال آھي. پر ھن ۾ موجود ھڪ کان ھڪ سھڻي ۽ مطلب ڀريل سبقن سان سينگاريل اکرن ڀريون رچنائون آھن. تنھن مان مون ھڪ ڪويتا بار بار پڙھي آھي سا توھان سان به ونڊيان ٿو..

سدا مشھو عالم ۾……………..

سدا مشھور عالم ۾ جفا تنھنجي وفا منھنجي..
حقيقت ۾ مگر آھي وفا تنھنجي جفا منھنجي..

ھزارن چشم روشن سان, اچين تارن ستارن سان.
تڏھن به دل ڪدوءرت کان نه ٿي آھي صفا منھنجي..

نمڪ تنھنجو سدا کائي, نمت تنھنجي نه ڏيان پائي.
جڳت ۾ آه ھيء جائي, سخا تنھنجي خطا منھنجي.

ڪريو سينگار سوء سائين, ملڻ لاء ھوت ھرکائين.
نه پيرو پر اندر پائين, ڏسي گھٽ چاھنا منھنجي..

شڪاري شوق ٿيو پيدا لٿا سر بي زبانن جا .
اُپايا تو ته مون ماريا, ديا تنھنجي ھچا منھنجي..

سُکن ۾ صاف وسري وئين, دکن ۾ ياد مس مس پئين.
تڏھن ڀي ڏات ڏاتر ڏئين, طبع جو بي حيا منھنجي..

ڪھان ڪھڻي گھڻي سھڻي, رھان رھڻي مگر سکڻي.
وڏائي وھم جي وھڻي ٿي, 'بيوس' واسنا منھنجي..

ننڍپڻ ۾ پڙھيل
ڏسي دنيا جا عجب نظارا,,
سائين جي سگھ سمجھ پيارا..

اڄ به ياد اٿم. ان مان ائين به لڳندو آھي ته ٻال ساھتيه لکڻ وقت "بيوس" سائين پاڻ کي معصوميت جي دريا ۾ ويھي لکندا ھوندا.
آءُ انھن کي اڄ سندن جي ورسي جي موقعي تي نمن ڪندي شرڌانجلي ٿو پيش ڪيان..

نموش تلريجا انڊور.

Good Wishes