20190103 142506
 
“سنڌ محمدن ايسوسيئيشن. “ (بابا سائين جي نوٽس مان)
 ڪانگريس 1885 ۾ قائم ٿي جنهن کي گڏيل ھندستان جي پھرين سياسي پارٽي چيو وڃي ٿو .ليڪن سنڌ ۾ “سنڌ سڀا“ نالي سماجي ۽ نيم سياسي پارٽي 1882 ۾ قائم ٿي جنهن مان اھو چئي ۽ سمجهي سگھجي ٿو تہ سماجي ۽ سياسي شعور سنڌ ۾ ٻين پرڳڻن جي ڀيٽ ۾ آڳاٽو ھيو.“سنڌ سڀا“ جو مرڪز ڪراچي ۾ ھيو ۽ ان ۾ ھندو،مسلمان ۽ پارسي ميمبر  خواه عھديدار ھيا.سنڌ سڀا سنڌ ۾ ميونسپالٽين جي چونڊن ۾ عام راءِ کي ھموار ڪرڻ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو ان کانسواءِ مقامي نوعيت وارا سماجي مسئلا حل ڪرڻ جي بہ ڪوشش ڪئي. تعليم کاتي وارن “سنڌ سڀا“ جي خدمتن کي ڏسي پنهنجي اخبار “ سنڌ سڌار “ ان جي حوالي ڪئي ھئي ۽ ساڌو ھيرانند انهي جو ايڊيٽر ٿيو ھيو.حسن علي آفندي “سنڌ سڀا“ جو نھايت سرگرم اڳواڻ ھيو.جڏھن لارڊ رپن ھندستان ۾مڪاني ادارن وارا سڌارا آندا تہ “سنڌ سڀا“ گڏجاڻي ڪري اھو فيصلو ڪرڻ گھريو تہ لارڊ رپن کي مڃتا طور ھڪ “سپاسنامو“ ڏنو وڃي. حسن علي آفندي انهي ڳالھہ جي گڏجاڻي ۾ مخالفت ڪئي، جنهن تي ھندو ميمبرن سان ھن جي “تون ڇا تون ڇا ٿي“. ان تي حسن علي آفندي ڪاوڙجي گڏجاڻي جو بائڪاٽ ڪري نڪري ويو ۽ ڪن ڏينهن کان پوءِ ھن “ سنڌ محمدن ائسوسيشن“ “ نالي پنهنجي پارٽي ٺاھي جيڪا 1936 تائين ھڪ فعال سياسي پارٽي طور سنڌ ۾ ڪم ڪندي آئي. 
مون ورجائي ورجائي اھو پئي عرض ڪيو آھي تہ انگريزن جي دور ۾ 45 سياسي پريشر گروپ ۽ پارٽيون ڪم ڪري رھيون ھيون. “سنڌ سڀا“ ۽سنڌ محمدن ايسوسيئيشن انهن مان ٻہ پارٽيون ھيون. “سنڌ سڀا“ جو اڳتي ھلي “سنڌ ھندو سڀا“ جي نالي پارٽي سان ٻيو جنم ٿيو.
بابا جي نوٽس ڏسندي ۽ پڙھندي اھا خبر پوي ٿي تہ ھڪ ھڪ پارٽي ۽ پريشر گروپ تي بابا سائين فائيل ٺاھيا آھن.“سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ بابت جيڪو مواد گڏ ڪيو اٿن اھو سمورو اسان جي ويب سائيٽ تي بہ موجود آھي ۽ ان جي ھڪ ھارڊ ڪاپي پڻ ٺاھي گل حيات ۾ رکي اٿن. “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ سنڌ  جي مٿئين طبقي وارن مسلمانن جي سياسي شعور جي ھڪ دلچسپ ڪھاڻي آھي. اسان وٽ گڏ ٿيل مواد ۾ ھن پارٽي جي سمورن عھديدارن ۽ ميمبرن جي لسٽ موجود آھي ۽ انهن مان ڪيترن جي زندگي جا احوال ۽ فوٽو پڻ بابا گڏ ڪيا آھن.مون “سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ تي گڏ ڪيل مواد مان ھڪ فائيل جو ٽائيٽل پيج اڄ شيئر ڪيو آھي. 
“سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ سنڌ جي بمبئي کان عليحدگي واري تحريڪ ۾ ڀرپور حصو ورتو.جڏھن “شڌي تحريڪ“ ھلي ۽ سنجوڳي شيخن کي وري ٻيھر ھندو بڻائڻ جا واقعا ٿيا ۽ انهي سلسلي ۾ ھندن لاڙڪاڻي ضلعي ۾ عورتن جي اغوا جو ھڪ اڌ واقعو ڪيو تہ لاڙڪاڻي ۾ وڏا فساد ٿيا.“سنڌ محمدن ايسوسيئيشن“ ھن صورتحال جو نہ فقط نوٽس ورتو پر شديد ردعمل بہ ڏيکاريو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۽ ٻين پرڳڻن ۾ “ لاڙڪاڻو ڊي “ ملھايو ويو ۽ انهي تي سنڌ  توڙي ھند جي اخبارن ڏاڍو لکيو ۽ سياسي پارٽين پنهنجا موقوف بيان ڪيا.اھو 1927 ۾ واقعو ٿيو ۽ ايڏو تہ مشھور ٿيو جو “انڊين اينيوئل رجسٽر“ جھڙي اھم رسالي ۾ انهي لاڙڪاڻي واري واقعي تي مستند طريقي سان انگريزي ۾ لکيو ويو.انھي واقعي کانسواءِ سنڌ محمدن ايسوسيئيشن جيڪي وقت بہ وقت گڏجاڻيون ڪيون،فيصلا ڪيا، وقت جي سرڪار کي“ يادداشت ناما“ ڏنا اھي ھن پارٽي جي فائيل ۾ گل حيات ۾  موجود آھن، ۽ اھو مواد 150 کن صفحن کان بہ مٿي جو ٿيندو جيڪو پنهنجي جڳھہ تي ھڪ مڪمل ڪتاب آھي. 45 پارٽين تي اڪيلي ماڻھون طرفان اھڙي ريت مواد ڪڏ ڪرڻ ڪا ٻاراڻي ڳالھہ نہ آھي. ان لاءِ بابا سائين کي وقت،پئسن ۽ محنت جي قرباني ڏيڻي پئي ھوندي. غريب لوھر جي ھڪ ٻار کان قوم جي محبت ۽ خدمت ۾ اھو ئي ٿي سگھي ٿو. انهن 45 ڪتابن جيتري مواد کي ڇپرائڻ بابا جي وس جي ڳالھہ نہ ھئي. ان ڪري انهي منجهان ڪيترو ئي مواد ويب سائيٽ تي رکيو ويو آھي. ڪاش ! ساڃھہ وند ڌرين ۽ حڪومت جو ڌيان بابا سائين جي ھن ميڙيءَ چونڊي طرف وڃي.(ممتاز پٺاڻ)
 

Good Wishes